”ماڪڙ حلال يا حرام!“ اردو چينلن نئون بحث شروع ڪرائي ڇڏيو

گذريل ڏينهن به اها خبر آئي ته ماڪڙ سکر ضلعي جي علائقي صالح پٽ ۽ خيرپور ضلعي جي نارو واري علائقي ۾ فصلن تي حملو ڪيو آهي. لڳ ڀڳ ٻه مهينا اڳ به ماڪڙ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ وسندين ۾ فصل کائي چَٽُ ڪيا. جنهن بعد روايتي طور تي اها ڳالهه به بزرگ شهرين کان ٻڌڻ لاءِ ملندي رهي ته ”ابا ماڪڙ کائبي آهي، پراڻي دور ۾ سڀ ڪو کائيندو هيو“. مطلب سنڌ پرڳڻي جي رواج تحت اها ڳالهه چڱيءَ ريت هضم ٿيل آهي ته ماڪڙ کائبي آهي. ٽي ڏينهن اڳ اردو نيوز چينل ”جيو“ پاران هڪ منٽ جي مختصر اسٽوري ڏيکاريندي ٻڌايو ويو ته ٿر جي مختلف علائقن ۾ هوٽلن تي ماڪڙ جي ڪڙاهي ۽ برياني ٺاهي وڪرو ڪئي پئي وڃي ۽ ماڻهو وڏي شوق سان اهي شيون کائن به پيا. ساڳي خبر ”ڊان“ چينل به جاري ڪئي آهي ۽ ڪيترن اردو توڙي سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿي آهي. انهيءَ خبر کانپوءِ اڪثر حلقن ۾ ٿر واسين پاران ماڪڙ کائڻ تي اسلامي نوعيت جا اعتراض ۽ تبصرا به شروع ٿي ويا آهن. اڪثر غيرسنڌين پاران اهو سوال اٿاريو ويو آهي ته ”ماڪڙ حلال آهي يا حرام؟“ اهڙي اعتراض جو اظهار ”جيو نيوز“ جي ان رپورٽر پاران به ڪيو ويو آهي جنهن ماڪڙ جي ڪڙاهيءَ ۽ برياني ٺهڻ بابت پهريان اسٽوري ڪئي. ملڪ ۾ هر ڳالهه کي ”اسلامي پسمنظر“ ۾ ڏسڻ وارو رجحان زورن تي آهي اعتراضن باوجود اردو چينلن پاران ڪنهن مفتيءَ کان فتويٰ وٺي پڌري ناهي ڪئي وئي پر ڊاڪٽرن جو اهو موقف نشر ڪيو ويو آهي ته ”ماڪڙ ۾ پروٽين آهن جيڪي صحت لاءِ فائديمند آهن. پر ماڪڙ کي چڱيءَ ريت صاف ڪري پوءِ کائجي“. ڊاڪٽر جيئن ته مفتي ناهن ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪنهن مستند مفتيءَ کان فتويٰ ورتي وڃي ڇو ته اڪثر غير سنڌي ماڪڙ کائيندڙ سنڌين کي اڻ وڻندڙ تبصرن جو نسانو بڻائي رهيا آهن.

روشن شيخ

خيرپور ميرس

پهنجو تبصرو موڪليو