اطلاعات کاتي ۾ بدليون ۽ مقرريون، اشتهار ڪابورو حوالي

اطلاعات کاتي ۾ بدليون ۽ مقرريون، اشتهار ڪابورو حوالي

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ سينئر آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جنهن موجب يوسف ڪابورو کي ڊائريڪٽر ايڊورٽيزمينٽ لڳايو ويو آهي، جتان امتياز جويو کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر پبليڪيشن مقرر ڪيو ويو آهي. منصور راجپوت کي ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڪائونٽس ۽ معزالدين پيرزادو کي اطلاعات کاتي جي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي.فدا هسين بالادي کي اليڪٽرانڪ ميڊيا، عزيز احمد هڪڙو کي ڊائريڪٽر اطلاعات سکر، حزب الله ميمڻ کي فلمز ڊائريڪٽوريٽ ۽ رياض ميمڻ کي انفرميشن ڊائريڪٽوريٽ م لڳايو ويو آهي. جڏهن ته نوشهري فيروز واري گريڊ 18هين جي، ڊي ڊي محمد موسيٰ گوندل کي شهيد بينطيرآباد جي ڊائريڪٽر جي 19 گريڊ جي چارج به ڏني وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو