واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ميٽا طرفان ايڪس ( ٽوئيٽر ) کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ متعارف ڪرايل سروس ٿريڊز جي ماهوار واهپيدارن جو انگ پندرنهن ڪروڙ کان ٽپي ويو آهي. ميٽا جي چيف ايگزيڪٽيو مارڪ زڪربرگ جنوريءَ کان مارچ 2024ع جي ٽه ماهي آمدني رپورٽ جاري ڪئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جنوري کان مارچ 2024ع دوران سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٿريڊز استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي انگ ۾ ٻه ڪروڙ تائين وڌارو ٿيو آهي، جنهن مان اشارو ملي ٿو ته ٿريڊز جي واهپيدارن جي انگ ۾ مستحڪم انداز ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.حقيقت ۾ ٿريڊز روزاني بنيادن تي استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي انگ جي حوالي سان آمريڪا ۾ ايڪس کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. اهڙي ريت ميٽا ايپس فيسبوڪ، انسٽاگرام، ميسنجر ۽ واٽس ايپ روزانو استعمال ڪندڙ ماڻهن جو انگ جنوريءَ کان مارچ دوران ٽي ارب چويهه ڪروڙ تائين پهتو، جيڪو آڪٽوبر کان ڊسمبر 2023ع دوران ٽي ارب اڻويهه ڪروڙ هو. مجموعي طور ميٽا ايپس واهپيدارن جي انگ ۾ گذريل سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ ست سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ياد رهي ته ٿريڊز کي جولاءِ 2023ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، ان کان اڳ هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته فيبروري 2024ع ماهوار ٿريڊز استعمال ڪندڙ واهپيدارن جو انگ تيرنهن ڪروڙ هو، يعني تمام گهٽ عرصي ۾ وڌيڪ ويهه ڪروڙ واهپيدارن جو اضافو ٿيو.
امتحانن دوران لوڊشيڊنگ جو نوٽيس،بنا وقفي بجلي ڏيڻ جو حڪم
گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس،پٽ جي گمشدگي تي پيءُ فوت
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 15 پئسا ٿي ويو
لطيف سائين جا تقدير بابت بيتَ….!
خميس کان پيٽرول جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان
مٽياري ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت
ڪڻڪ جي پيداوار 42 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ٿي،شورو
تيلگو اداڪارا پاويترا جيارام خوفناڪ روڊ حادثي ۾ فوت
بابر اعظم سڀ کان وڌيڪ ٽي 20 ميچون کٽيندڙ ڪپتان
آمريڪي رياست الاباما ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 15 زخمي
سنڌيار سکر 13 مئي 2024
سنڌيار ڪراچي 13 مئي 2024
خالد مقبول ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چيئرمين چونڊجي ويو
پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان
مٽي جي ذخيرن جي نمونن ۾ شيشي جهڙو مواد مواد دريافت
عمر ڪوٽ جو دورو، صحافين سان تعلقات وڌيڪ بھتر بنائڻ آهي
سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، مفت بجلي لاءِ قدم کڻون پيا
12 مئي تي آمر تعصب جي باهه ڀڙڪائي ۽ ڪراچي کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو
بجيٽ ۾ رعايتون مرحليوار ختم ڪرڻ جي تجويز
اسان کي 12 مئي جهڙن سانحن مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي :بلاول ڀٽو