نواز پاران پارٽي کي عوامي سطح تي فعال ڪرڻ جي هدايت

لاهور)ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف پارٽي کي عوامي سطح تي ٻيهر متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله سان چين مان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن دوران راڻا ثناءُ الله نواز شريف جي هدايت تي مسلم ليگ (ن) پنجاب جو اجلاس اڄ سڏايو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف پارٽي کي ٻيهر عوامي سطح تي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.اجلاس ۾ پارٽي جي پنجاب شاخ جي تنظيمي معاملن ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو