عدليا ۾ مبينا مداخلت خلاف سوموٽو تي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عدليا ۾ مبينا مداخلت خلاف سوموٽو تي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ جوڙي ڇڏي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 6 رڪني بئنچ 30 اپريل تي ٻڌڻي ڪندي. عدليا ۾ مبينا مداخلت جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ سوموٽو جي ٻڌڻي لاءِ 6 رڪني نئين بئنچ جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شامل آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 6 رڪني بئنچ 30 اپريل تي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندي. نئين بئنچ ۾ گذريل ٻڌڻي ڪندڙ جسٽس يحيٰ آفريدي شامل نه هوندو، هن لکت نوٽ ۾ پاڻ کي بئنچ کان ڌار ڪري ڇڏيو هو. جسٽس يحيٰ آفريدي کانسواءِ گذريل بئنچ جا سمورا ميمبر نئين بئنچ جو به حصو هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو