’عدليا ۾ مداخلت تي فل ڪورٽ ڪاروائي ڪندي‘

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وفاقي گادي واري هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي صدارت هيٺ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس اعجاز اسحاق، جسٽس ارباب طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ عدليه ۾ حساس اداري جي مداخلت روڪڻ بابت تجويزن تي غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته آئندو ڪنهن به جج کي تنگ ڪيو ويو ته سڀ جج گڏجي ان خلاف متفقه جواب ڏيندا. واسطيدار انٽيليجنس اهلڪار خلاف توهين عدالت سميت سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو مختلف تجويزن جو ڊرافٽ جلد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي موڪليو ويندو. ياد رهي ته 26 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو هو جنهن ۾ عدالتي ڪاروائي ۾ انتيليجنس ادارن جي مداخلت، من پسند فيصلا حاصل ڪرن لاءِ دٻاءَ، ججن جي گهرن ۾ ڪيمرا لڳائي رڪارڊنگ ڪرڻ ۽ هڪ جج جي ويجهي مائٽ کي اغوا ڪري بجلي جا جهٽڪا ڏيڻ جي شڪايت ڪندي سپريم جڊيشل ڪائونسل کان صلاح گهري هئي ته اهڙي صورتحال ۾ ڪهڙي ڪاروائي ڪجي” ڇو ته ان بابت ڪوڊ آف ڪانڊڪٽ خاموش آهي. جنهن بعد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ساٿي ججن سان مشوري بعد وزيراعظم سان ملاقات ڪري جاچ لاءَ رتائرڊ چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جي سربراهي ۾ ڪميٽي جو اعلان ڪيو هو جنهن تي پي ٽي آءِ، وڪيلن ۽ صحافين سميت سول سوسائٽي تنقيد ڪئي هئي. جنهن بعد فل ڪورٽ سڀني استيڪ هولڊرز کان تجويزون طلب ڪيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو