نيوي، رينجرز، گورنر ۽ سي ايم آفيسن ٻاهران قبضا ختم ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ رينجرز هيڊڪوارٽر سميت سمورن عمارتن جي ٻاهران رڪاوٽون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حددخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت رينجرز هيڊڪوارٽرز، گورنر هائوس ۽ سي ايم هائوس ٻاهران حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته 3 ڏينهن اندر سموريون حددخليون ختم ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ڪنهن کي به اجازت ناهي ته عوام جي آزاد آمد و رفت ۾ رڪاوٽ وجهي، روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ غير قانوني آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون حددخليون ٺاهي رهيون آهن.چيف جسٽس چيو ته حددخليون هٽائڻ وارو بل اعليٰ آفيسر کي موڪليو، انهن جي کيسي مان اداڪيو وڃي،ھلندڙن کان پُڇو ته اُھي ڪھڙي تڪليف ۾ آھن. انگريزن جي دور ۾ ماڻهو وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهندا هئا، انگريزن کي ثواب ملي رهيو آهي، عدالت حڪم ڏنو ته ڪي ايم سي جي جيڪا روڊ رستا آهن اهي صاف ڪرايا وڃن، حددخليون هٽائڻ جو خرچ به حددخليون ڪندڙن کان ورتو وڃي. عدالت سمورن لاڳاپيل ۽ سيڪيورٽي ادارن کي عدالتي حڪم جي ڪاپي موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي وفاقي ادارن کي آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو