مولانا جي آزادي مارچ کي ڪنهن جي آشيرواد؟ پيارعلي چانڊيو

ھر دور ۾ حڪومت جو اتحادي رھندڙ جي يو آءِ (ف) سربراھ مولانا فضل الرحمن پي ٽي آءِ سرڪار جي اچڻ سان بغاوت جو راڳ آلاپيندي نيٺ اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جو اعلان ڪندي عمران خان سرڪار خلاف تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي , پي ٽي آءّ سرڪار جو گھيرو تنگ ڪرڻ لاءّ مولانا فضل الرحمن پارٽي سميت اتحادين کي 27 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ گڏ ٿي طاقت جي مظاھري جو سڏ ڏنو آھي , مولانا جو حڪومت خلاف لانگ مارچ جو فيصلو ھڪ طرفو نه ھو پر ھن اپوزيشن جي ٻين جماعتن جي  مشاورت سان اھڙو اعلان ڪيو آھي , ڪجھ ڏينھن اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ھو ته 27 آڪٽوبر تي مظاهرا ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪنداسين , ڪنهن به معاملي تي حڪومت سان مفاهمت نه ڪنداسين، حڪومت کي وڃڻو ئي پوندو، جيڪڏهن رنڊڪ وڌي وئي ته پهرئين، ٻئين ۽ ٽئين اسڪيم سميت سمورا فيصلا ڪيا ويا آهن . آزادي مارچ جي تاريخ تبديل ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي ۽ نه ئي ڪو چئي رهيو آهي، منهنجي گرفتاري ٿي ته ان بابت به حڪمت عملي تيار آهي، سموري ملڪ کان قافلا ايندا حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري ئي ساهه پٽينداسين , فوج جو احترام ڪيون ٿا، ادارن سان ٽڪراءَ نه ٿا چاهيون، آزادي مارچ ۾ ڪنهن به ٽڪراءَ جو ارادو ناهي , سياسي جماعتن سان جلد چونڊن واري مطالبي تي اتفاق ٿيو آهي، حڪومت کي هر حال ۾ وڃڻو پوندو .

مولا فضل الحمن جي سياسي فڪري تي غور ڪيو وڃي ته ھو ھر دور ۾ ھر حڪومت جو اتحادي مشاورتي ميمبر رھيو آھي ان کي عمران سرڪار خلاف لانگ مارچ جو ايڏو وڏو اعلان ڪرڻ تي ڇو مجبور ڪيو ويو , عمران سرڪار کان مولانا فضل الرحمن لاءّ ايتريون سختيون ته سامھون نه آيون آھن. عمران سرڪار مولانا لاءّ ايترو ضرور ڪيو جو ھن کي مليل سڀ مراعتون جيڪي ھو بغير وزارت ڪرسي جي حاصل ڪري رھيو ھو ۽ ھو ھر دور ۾ اپوزيشن جي ڌر ۾ ويھڻ جون ڌمڪيون ڏئي پنھنجا مطالبا منظور ڪرائيندو ايندو ھو سي سڀ مراعتون ۽ مطالبا ھڪ ڌڪ ۾ ختم ڪرڻ سبب ضرور مولانا لاءّ مشڪلاتون پيد ڪيون ھونديون , ٻئي طرف عمران سرڪار مخالف ڌرين پ پ پ ۽ ن ليگ به موقعي جو فائدو ڏسي مولانا صاحب جي پٺي ٺپي وڌيڪ ھمٿايو ته توھان عمران سرڪار خلاف لانگ مارچ لاءِ قدم وڌايو اسان توھان سان اول صف ۾ ھونداسين , اھڙي حمايت ۽ دلجائي کانپوءّ مولانا فضل الرحمن پي ٽي آءّ سرڪار کي 27 آڪٽوبر جي ڊيڊ لائين ڏئي پارٽي ڪارڪنن کي لانگ مارچ ۾ ڀرپور شرڪت لاءّ ميڙاڪا ۽ جلسا ڪوٺائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ پارٽي به قائد جي حڪم کي لبيڪ سمجھي اسلام آباد لانگ مارچ ۾ شرڪت لاءّ رڌل ڏٺي وئي آھي , مولانا فضل الرحمان جي اھڙي وقت ۾ پي ٽي آءّ سرڪار جو تختو اونڌو ڪرڻ جي فيصلي کانپوءّ اتحادي جماعتن پ پ پ ۽ ن ليگ جو لانگ مارچ ۾ ڪھڙو ڪردار ھوندو ان جا اثرات ڪجھ ظاھر ٿي رھيا آھن ته اتحادي جماعتون مولانا صاحب کي اسلام آباد جي مين ڊي چوڪ تي بيھاري تماشو ڏسنديون يا پنھنجا مفاد ماڻڻ لاءّ مولانا جو ڀرجھلو ٿينديون ٻئي جماعتون ھن وقت سوچ فڪر ۾ آھن ته عمران خان سرڪار کان جند ڇڏائڻ لاءّ مولانا جو آخري معرڪي تائين ساٿ ڏجي يا اڌ رستي ۾ آئوٽ ٿي مولانا ۽ سرڪار جو تماشو ڏسجي , ھن وقت تائين اتحادي جماعتن جا جيڪي بيان سامھون آيا آھن ته ٻئي جماعتون مولانا فضل الرحمن کي عمران سرڪار خلاف ڍال طور استعمال ڪري رھيون آھن , تازو پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مولانا جي لانگ مارچ متعلق جيڪو موقف ڏنو آھي ان مان صاف نظر اچي رھيو آھي ته مولانا کي لانگ مارچ ۾ اڪيلي سر ميدان ۾ بيھڻو پوندو ,

ھڪ طرف مولانا اتحادي ڌريون لانگ مارچ جي حمايت به ڪري رھيون آھن ته ٻئي طرف وري بيانن ۾ اسلام آباد ۾ مولانا سان گڏ بيھڻ جي نابري وارڻ به مولانا فضل الرحمن لاءّ ڪجھ مونجھارا به پيدا ڪيا آھن ڇو ته مولانا جي پٺي ٺپيندڙ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آھي ته ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ ڪنهن غير جمهوري احتجاج جو حصو نه ٿينداسين، پ پ پنهنجي جمهوري جدوجهد نه ڇڏيندي، ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي لاءِ تيار نه آهيون، مولانا فضل رحمان جي ڪيئن ۽ ڪيتري حد تائين مدد ڪري سگهون ٿا پيپلز پارٽي اھو پارٽي مشاورتي اجلاس ۾ فيصلو ڪندي، مولانا فضل رحمان 27 آڪٽومبر تي اسلام آباد اچي رهيو آهي اسان جلد ڏکڻ پنجاب ڏانهن رخ ڪنداسين، اسان جمهوري احتجاج ۾ مولانا سان گڏ هونداسين، رڳو ڌرڻي جي معاملي تي اختلاف آهي، هر هڪ ادارو پنهنجي حد ۾ رهي ۽ ڪنهن کي ٻين جي حدن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي , سموري اپوزيشن کي خبر آهي ته هي ڌانڌلي واري حڪومت آهي، پ پ پنهنجو اجلاس سڏايو آهي جنهن ۾ فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان ڪيئن ۽ ڪيتري حد تائين مولانا صاحب جي مدد ڪري سگهون ٿا ، مولانا صاحب آزادي مارچ جو فيصلو پنهنجي پارٽي سان صلاح مشورا ڪري ڪيو آهي، هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جي خواهش آهي ته اسان مخالف پارٽيون گڏجي هڪ جلسو ڪريون، پ پ فيصلو اجلاس کانپوءِ ڪندي , پ پ ڌرڻي کانسواءِ هر سطح تي مولانا سان گڏ هوندي، مولانا جي مارچ جي حمايت بابت فيصلو پارٽي ڪندي، جڏهن ته جيڪڏهن شڪ ٿيو ته مولانا ڪنهن طاقت جي اشاري تي آهي ته پنهنجي حمايت واپس وٺنداسين , بلاول ڀٽو زرداري پنھنجي بيان ۾ واضع چيو آھي ته ڪارڪن چون ٿا ته حڪومت مان اسان جي جند ڪڏهن ڇڏائيندا هر جمهوري احتجاج جو ساٿ ڏينداسين پر اهڙي قدم جي حمايت نه ڪنداسين جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي.

ٻئي طرف عمران سرڪار جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل نواز ليگ پڻ موقعي جو فائدو حاصل ڪرڻ لاءّ مولانا سان لانگ مارچ جي حوالي سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل آھي تازو مولانا فضل الرحمان سان آزادي مارچ جي حوالي نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي اڳواڻيءَ ۾ نواز ليگ جي وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آھي , جنهن دوران نواز ليگ جي وفد طرفان پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي فيصلي بابت فضل الرحمان کي آگاهه ڪيو. اُن کانسواءِ آزادي مارچ جي حوالي سان به صلاح مشورا ڪيا ويا.  ملاقات بعد مولانا فضل الرحمان ۽ نواز ليگ جي وفد گڏيل طور ميڊيا سان ڳالهايون ڪيون جنھن ۾ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته سندن جماعت مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جي حمايت ڪري ٿي، سمورين اپوزيشن پارٽيز جو اِن معاملي تي هڪڙو ئي موقف آهي ته موجوده حڪومت ڌانڌلي جي نتيجي ۾ آئي آهي، اُن کي گهر ڀيڙو ٿيڻ گهرجي , ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي طوفان سبب ڪاروبار بند ٿي رهيا آهن، موجوده صورتحال جو ڪارڻ اناڙي وزيراعظم آهي، ائين نه ٿئي جو حڪومت جون ناڪامين جو بار عسڪري قيادت کي به کڻڻو پوي , نواز ليگ اڳواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان آڏو ڳالهه رکي وئي آهي ته آزاد مارچ لاءِ ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جيئن منظم ٿي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن , ٻئي طرف مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو مجلس عاملا اڳيان نواز ليگ جون سفارشون رکندو ۽ سڀني جو اتفاق آهي ته ملڪ اندروني طور ٻُڏي رهيو آهي جنھن کي بچائڻ لاءّ اسلام آباد لانگ مارچ ۾ گڏ ٿيڻو پوندو ,

مولانا فضل الرحمن ۽ سندس اتحادي ڌرين طرفان 27 آڪٽوبر جي ڏنل حڪومتي دنگل تي عمران سرڪار پارٽي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندي مولانا جي دنگل کي منھن ڏيڻ لاءّ ٽاسڪ پرڏيھي وزير شاھ محمود قريشي کي سونپي ڇڏيو آھي , جنھن ۾ ھن مولانا فضل الرحمن کي درخواست ڪئي آهي ته هو ڌرڻي جي تاريخ 27 آڪٽومبر تي نظرثاني ڪري ۽ ڪنهن ٻئي ڏينهن احتجاج جو حق استعمال ڪري ڇو ته 27 آڪٽومبر 1947 تي ڀارتي فورسز سرينگر تي چڙهائي ڪئي ۽ والاريل ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪيو هر سال ڪشميري قوم هي ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهائي ٿي , 2 ڏينهن  اڳ ڪشمير سيل ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سميت اهم اڳواڻ موجود هئا ۽ فيصلو ڪيو ويو هو ته وزيراعظم عمران خان کي گذارش ڪنداسين ته هن سال 27 آڪٽومبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو وڃي، هن چيو ته مولانا فضل رحمان ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين رهيو آهي، هو ڳالهين کي سمجهي ٿو، احتجاج سندس جمهوري حق آهي ۽ هو فيصلن ۾ آزاد آهي پر منهنجي کيس درخواست آهي ته 27 آڪٽومبر جو ڏينهن احتجاج لاءِ مناسب نه آهي ان تي نظرثاني ڪري ته بھتر آھي ,

ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته اسلام آباد دنگل جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمن پي ٽي آءّ جي پرڏيھي وزير سيد شاھ محمود قريشي جي ڏنل صلاح ته 27 آڪٽوبر عمران سرڪار ڪشميرين لاءّ ڪارو ڏينھن طور ملھائي رھي آھي ته توھان پنھنجي ڏنل دنگل تان ھٿ کڻو , جڏھن ته سرڪار مٿان ڪاوڙيل مولانا فضل الرحمن جو 27 آڪٽوبر جي دنگل واري ضد تان لھڻ جو ڪو به موقف سامھون نه آيو آھي ۽ اتحادي ڌريون به اندروني طرح مولانا کي پير ۾ ڪاٺي ڏئي ڀڙڪائي رھيون آھن ته اسلام آباد کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ميدان جنگ ڪيتري عرصي تائين بنائي سگهي ٿو. ماضي ۾ اسين ڏٺو ته جڏهن به ڪو لانگ مارچ ٿيو هو ته ان پٺيان اسٽيبلشمينٽ جو هٿ هو هن دفعي ته آرمي چيف واضح طور تي چوي پيو ته هو حڪومت سان گڏ آهن. آخر اها ڪهڙي قوت آهي جيڪا مولانا سان گڏ آهي. ميڊيا ۾ ڪجهه مبصرن اهو به چيو هو ته آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ جيڪا نومبر جي آخري هفتي کان شروع ٿيندي ڪٿي ان تناظر ۾ ته هن مارچ جو تعلق ناهي؟

پهنجو تبصرو موڪليو