ڪارساز حملو، ڪارو ڪتو، زرداري ۽ مان، اعجاز مهر

اڄ 18 آڪٽوبر آهي ۽ شهيدمحترمه بينظير ڀٽو اڄوڪي ڏينهن تي 12 سال اڳ پنهنجي جلاوطني ختم ڪري دبئي کان ڪراچي پهتي هئي ته سندس قافلي تي حملو ٿيو هو. جنهن ۾ 20 پوليس وارن سميت 180 ماڻهو شهيد ۽ 500 ٻيا زخمي ٿيا هئا. مان به محترمه جو دبئي کان ڪراچي تائين شريڪ سفر رهيس ، مان بي بي سي پاران ڪوريج لاءِ ويو هئس. 17 آڪٽوبر تي مون آصف زرداري صاحب کي فون ڪئي ته ملڻ چاهيان ٿو هو بيحد مصروف هو ڇو ته محترمه جي واپسي جي انتظامن ۾ مصروف هو. هن مونکي وقت ڏنو ، ڊاڪٽر قادر سرڪي مونکي سندس دبئي واري گهر وٺي هليو. مونکي هڪ ڪمري ۾ ويهاريو ويو، چند منٽن ۾ آصف صاحب آيو چيائين يار اوهان کي انڪار نه ڪري سگهيم هاڻي به محترمه ناراض پئي ٿئي ته اڄ به اوهان دوستن سان ٿا ملندا رهو. خير جيئن ئي هو آيو ته هڪ گابي جيڏو ڪارو ڪتو به ڪمري ۾ آيو چيائين هي آمريڪا کان گهرايو اٿم. دل ۾ چيم وڏا ماڻهو آهن وڏا شوق، هرڪو ڪتو پاليندو آهي. ڪجهه دير بعد ڪتو مون ڏانهن سُري آيو ۽ پير سونگهڻ لڳو مون کي ڊپ ٿيو ته ڪٿي چڪ نه هڻي، پريشاني محسوس ڪندي زرادري صاحب چيو گهٻراءِ نه ڪجهه نه ڪندو. مون چيو ڪڍو هن کي منهنجو ساهه ٿو وڃي. ٻئي ڪمري مان بي بي شهيد جا آواز اچي رهيا هئا ناهيد خان کي سڏ ڪري چيائين ڪپڙا پيڪ ڪريو مان هي وڳو پائي پاڪستان هلندس اهو ڌار ڪري رکو. سندس لهجي مان لڳي پيو ته هوءَ ڪافي خوش هئي، باوجود ان جي ته جنرل مشرف جيڪو  اقتدار ۾ هو ان کيس منع ڪئي هئي واپس اچڻ کان. ڪجهه دير بعد زرداري صاحب منهنجي شرٽ جي کيسي ۾ رکيل پين ڪڍي ۽ کولي ٽيبل تي پيل ڪاغذ تي ڪجهه لکيو. مون کلي کيس چيو ته جيڪڏهن اعتبار نه اٿو ته وقت ڇو ڏنو؟ مون چيومانس ته هي ڪتو پالتو نه پر جاسوس ڪتو هو . هن جواب نه ڏنو. مون چيو ته گهر سڏايل مهمان تي ايترو شڪ نه ڪبو آهي. بهرحال چوندا آهن ته نانگ جو ڏنگيل نوڙي کان به ڊڄندو آهي. خير مون تڪڙ ۾ چاءِ پيتي ۽ اجازت ورتي. هو گيٽ تائين ڇڏڻ آيو ته ڊاڪٽر قادر سرڪي ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ سان هن هٿ ملايو ۽ خوش خير ڪري موڪلايوسين ۽ اسين واپس آياسين. 17 ۽ 18 آڪٽوبر جي وچ واري رات فلائيٽ هئي . دبئي ايئرپورٽ تي رش هئي جهاز ۾ جيالن جا ڀنگڙا هئا، پي پي جا جهنڊا ۽ جيئي ڀٽو جا نعرا هئا. محترمه فرسٽ ڪلاس ۾ هئي بعد ۾ ڪجهه دير لاءِ هوءَ جهاز جي پوئين حصي ۾ آئي هٿ لهرائي نعرا هڻندڙ ڪارڪنن کي فلائنگ ڪس ڪئي ۽ واپس هلي وئي. يورپ ۽ آمريڪا مان به ڪافي جيالا آيل هئا. هوءَ ايترو ته خوش هئي ته 8 سالن جي خود ساخته جلا وطني ختم ڪري پنهنجي وطن ۾ پنهنجي ماڻهن ڏانهن موٽي رهي هئي. اسين هل هنگامي ۽ جيئي ڀٽو جي نعرن جي گونج ۾ ڪراچي پهتاسين. مون جهاز ۾ لڳل سيٽ لائيٽ فون تان بي بي سي آن لائن کي اپ ڊيٽ ڏيندو رهيس. ڪنهن ڪنهن مهل جهاز وارو سيٽ فون به ڪم نه پيو ڪري، 16 ڪلاڪن کان به مٿي جو اوجاڳو هو ننڊ کنيو پئي وئي. بي بي سي جي ڪوريج ٽيم ۾ منهنجي ڊيوٽي ايئر پورٽ تائين هئي ۽ ايئرپورٽ کان بلاول هائوس تائين ٻين دوستن جي هئي.

مون اسٽوري اپ ڊيٽ ڪري پي سي هوٽل اچي فون بند ڪري سمهي رهيس. صبح جو اٿيس ته افراتفري هئي ميڊيا تي ڇو ته محترمه جي قافلي تي اڌ رات  جو ٻن خود ڪش بمبارن حملو ڪيو هو، ڪارساز وٽ. اڄ 12 سالن بعد ڪمزور ياداشت جي باوجود ڪجهه يادون ذهن تي تري آيون.۽ سوچيم ته اوهان سان شيئر ڪجن.

سڀ کان اهم سوال جيڪو اڄ به پريشان ڪري رهيو آهي ته 2008 کان وٺي مسلسل پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت رهي پر ڪار ساز حملي جي ڪيس جو ڪجهه نه ٿيو، نه قاتل پڪڙيا نه سهولتڪار ۽ منصوبه سازن جو پتو پيو. القائده تي الزام لڳو قاري سيف الله اختر گرفتار ٿيو ۽ عدم ثبوت سبب جلد آزاد ٿي ويو. محترمه حملي جي چند ڪلاڪن بعد زخمي “جان نثاران بينظير” جي عيادت لاءِ بنا سيڪورٽي اسپتال وئي ۽ ٻئي ڏينهن تي هن حملي جي جاچ ۾ مشرف، حميد گل، اعجاز شاهه (موجوده وفاقي وزير داخلا)  ۽ پرويز الاهي کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو بدقسمتي سان هو ڪيس جي جاچ ۾ ته شامل ڪو نه ٿيا پر پيپلز پارٽي ساڻن اقتدار ۾ ضرور پارٽنر بڻجي وئي هئي. ڪار ساز حملي ۾ بينظير صاحبه جي بچي وڃڻ جو وڏو سبب جان نثاران بينظير جي سيڪورٽي ٽيم هئي جنهن پنهنجا حوصلا سلامت رکيا.

ٻن خود ڪش حملن جي باوجود ڪو به هيڏي هوڏي نه ٿيو سيڪورٽي جو گهيرو برقرار هو. جڏهن پهرين بمبار ڌماڪو ڪيو ته ڪيترائي ڪارڪن ۽ سيڪورٽي وارا شهيد ٿي ويا پر جيڪي بچي ويا ۽ زخمي هئا اهي ٽرڪ جي چوڌاري گهيرو ڪري بيهجي ويا ۽ ڀڳا نه هئا. عام ڪري افراتفري جي اهڙن موقعن تي هر ڪو ڪک پن ٿي ويندو آهي پر انهن جيالن کي سلام آهي جن پنهنجي جاءِ نه ڇڏي. جنهن بعد اهو گهيرو ٽوڙڻ لاءِ ٻئي بمبار ڪوشش ڪئي ته کيس موقعو نه مليو ۽ هن به پاڻ کي اڏائي ڇڏيو جنهن بعد وڌيڪ جيالا شهيد ٿيا ۽ باقي بچي ويلن وري ٽرڪ جي چوڌاري گهيرو قائم ڪيو، ساٿين جي لاشن کي لتاڙيندي به هنن جا حوصلا قائم هئا ۽ اهڙي طرح محترمه کي هنن بچايو هو. شهيدن ۽ زخمين جي پارٽي وارن بعد ۾ ڪيتري سار لڌي مونکي ڄاڻ ناهي!. سيد قائم علي شاهه ۽ مراد علي شاهه جاچ لاءِ جيڪي ڪميٽيون ٺاهيون ۽ جسٽس غوث محمد جي سربراهي ۾ جوڙيل عدالتي ڪميشن جي جاچ رپورٽن جي به مونکي خبر ناهي. ٻن مهينن بعد جڏهن محترمه راولپنڊي ۾  جلسي بعد شهيد ٿي هئي ته ان مهل سندس ڪار ساز واري باهمت سيڪورٽي ٽيم تبديل ٿي چڪي هئي. اها ڪنهن مٽائي ان جي به مونکي خبر ناهي ! دل چوي ٿي ته هتي لطيف سائين جو اهو شعر لکان جيڪو سائين جي ايم سيد پنهنجي قبر تي لکڻ لاءِ پاڻ چونڊيو هو. جان جان هئس جيئري ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين.

پهنجو تبصرو موڪليو