اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو.جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس منيب اختر کان حلف ورتو.حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ سينيئر وڪيلن شرڪت ڪئي.واضح رهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 18 مئي کان 25 مئي تائين ملڪ کان ٻاهر هوندو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ اڄ آذربائيجان روانو ٿي رهيو آهي، جتي هو اي سي او ملڪن جي چيف جسٽسن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.










