ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپيا واڌ

ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپيا واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپيا واڌ ٿي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جو في تولو اگهه 3100 رپيا وڌي 2 لک 48 هزار 100 رپيا ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ سون جي 10 گرام جو اگهه 2658 رپين جي واڌ سان 2 لک 12 هزار 706 رپيا ٿي ويو آهي.ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 30 ڊالرن جي واڌ کانپوءِ 2414 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو