ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته اعلى عدليه ۽ اسٽيبلشمنٽ سميت ملڪي ادارن ۾ ٽڪراءُ ملڪي مفاد ۾ ڪونهي، هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ بي امني ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي، سياسي توڙي معاشي حالتن جي بهتري لاءِ آئين ۽ قانون تي عملداري سميت آءِ ايم ايف جي غلامي کان آزادي حاصل ڪرڻ لازمي آهي، وفاقي حڪومت جي آمدني کان وڌيڪ رقم هر سال قرضن تي وياج ادا ڪرڻ الله ۽ رسول صه کليل جنگ جو اعلان آهي. جماعت اسلامي طلم خلاف ۽ هر مظلوم جو آواز بڻجندي. هارين سميت هر پيڙهيل طبقي لاءِ اسان جا دَر کليل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي ضلعي اميرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ضلعن جا اڳواڻ شريڪ هئا. اجلاس ۾ گذريل ٽن مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ سميت ٻين دعوتي ۽ تنظيمي مامرن جو پڻ جائزو ورتو ويو جڏهن ته ڊپٽي جنرل سيڪريٽري شهيد عبدالحفيظ بجاراڻي سميت ٻين مرحومين لاءِ مغفرت جي دُعا پڻ ڪئي وئي. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم دوران هر مهيني 70 ماڻهو ڦُرلُٽ دوران مارجي وڃن ٿا جيڪا سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ امن امان قائم ڪرڻ وارين دعون جي نفي آهي. اپر سنڌ ۾ بي امني، لاقانونيت خاص ڪري ڀُنگ لاءِ اغوا جي وارڌاتن ۾ اضافي، پنو عاقل ۾ رهزنن پاران گهر ۾ گهڙي ڦُرلُٽ کان پوءِ معصوم ٻارڙي کي اغوا ڪرڻ جو واقعو سنڌ ۾ امن امان جي سنگين صورتحال جي نشاندهي ڪري ٿو. صوبائي امير زور ڏنو ته سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ، شهرين جي جان، مال ۽ عزت آبرو جي حفاظت توڙي ڏوهن جي خاتمي لاءِ جوڳا قدم کڻي، پنو عاقل مان اغوا ٿيل معصوم حسنين آرائين، فضيلا سرڪي ۽ پريا ڪماري سميت درجنين اغوا ٿيل شهرين کي بازياب ڪرايو وڃي. صوبائي امير ضلعي ذميوارن کي هدايت ڪئي ته هو جماعت اسلامي جي دعوت ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، مهانگائي سميت ملڪ کي موجوده بحران مان ڪڍڻ جو حل صرف جماعت اسلامي آهي.#










