ڪوئٽھ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪوسٽ گارڊز بلوچستان جي مختلف علائقن پسني ۽ اوٿل ۾ ڪارروايون ڪندي 2052 ڪلو گرام اعليٰ قسم جي چرس هٿ ڪري ورتي.پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي ترجمان موجب انٽيليجنس ٽيم اينٽي نارڪوٽڪس جي سلسلي ۾ پسني جي جنرل ايريا ۾ زيڪو ڪاپر پوسٽ جي اتر اولهه ۾ سرچ آپريشن دوران 2052 ڪلو گرام اعليٰ قسم جي چرس جا 187 ٿيلها هٿ ڪيا،ترجمان جو چوڻ هو ته آپريشن انتهائي ڏکئي ۽ اڻپوري جبل واري علائقي ۾ ڪيو ويو، جڏهن ته هٿ آيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت 34.241 ملين ڊالر آهي، شڪ آهي ته اهي منشيات پرڏيهه اسمگل ڪئي پئي وڃي.ٻئي طرف اوٿل چيڪ پوسٽ تي معمول جي چيڪنگ دوران ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ مان 3595 ڪلو گرام ممنوع چاليا هٿ ڪيو ويو، جنهن کي قبضي ۾ وٺي قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.










