خود ڪشي راهه فرار آهي ۽ بي همت ماڻهو ڪندا آهن!

اسان جي معاشري ۾ خودڪشي جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ان جا ڪھڙا ڪارڻ آھن ڇا انھن ۾ اسان جي پنھنجي ڪوتاهي آهي ڇا اسان جي مائٽن جا ڏک سور ھوندا آھن ڇا اسان جا نوجوان پنھنجي والدين کان ناراض ٿي ڪري خودڪشيءَ ڪندا آهن يا وري محبت ۽ پيار جي نالي تي خودڪشي ڪئي ويندي آهي منير ڪلوڙ جي خودڪشي واري واقعي کان پوءِ ڪيترائي سوال جنم وٺي رھيا آھن 20 سالن جو منير ڪلوڙ جيڪو گھوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ  پڙھيل لکيل نوجوان ھيو. منير ڪلوڙ يارن جو يار ھيو ۽ ھميشه چھري تي مُسڪراهٽ ھوندي ھئي دوستن سان جڏهن به ملندو ھيو ته خوش ٿي ملندو ھيو. سوال اهو آهي ته  منير ڪلوڙ کي آخر ڪھڙو غم مليل ھيو جو ھن خودڪشي ڪئي؟ خودڪشي واري ڏينهن منير ڪلوڙ فيس بڪ تي لائيو اچي ڪري پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري پنھنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو فيس بڪ تي لائيو اچي خودڪشي ڪرڻ به ھزارين سوال پيدا ٿو ڪري ڇا فيس بڪ تي ھو ڪنھن کي ڏيکارڻ چاھي پيو ته آءُ پاڻ کي پاڻ ماري سگھان ٿو ۽ ائين ٿيو ته ھن پاڻ کي پاڻ ماري ڇڏيو ڇا منير ڪلوڙ ڪنھن جي محبت ۾ گرفتار ٿيل ھيو يا ھن محبت خاطر جان قربان ڪئي؟ علائقي ۾ چوٻول آهي ته منير ڪلوڙ محبت ۾ ناڪامي سبب خودڪشي ڪئي محبت ۾ اگر ناڪامي ھئي ته خودڪشي نه ڪجي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪري اسان جي اسلام ۾ خودڪشي حرام آهي پر اھو سمجھڻ لاءِ ڪو تيار ناھي. خود ڪشي ته بزدلي آهي، راهه فرار آهي بي همتائپ جو مثال آهي.  اڪثر منير ڪلوڙ جهڙي نوجوانن جي ذهن ۾ ان ڳالھ جو ڀوت سوار رهي ٿو ته آئون ڪنهن مٿان پنهنجي محبت جو نانءُ ڏئي پاڻ کي محبت ۾ مٽائي ڇڏيندس ته منهنجي پويان منهنجي ان عمل کي تاريخ ۾ لکيو ويندو ۽ سڀ دوست منهنجي غم ۾ مبتلا ٿي ويندا ۽ گهڻو ڪجھ منهنجي لاءِ لکندا رهندا ته منير تون ڪيڏو پيارو دوست هيئن تون ائين نه ڪرين ها ۽ هر دوست منهنجي ان عمل جي دنيا کي مثال ڏيندو ته منير محبت ۾ ناڪام ٿي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو هو ۽ منير ڪلوڙ جي اهڙي سوچ به عمل ۾ اچي ٿي ته منير ڪلوڙ جي خودڪشي کي جيڪي محبت جي ناڪامي جو سبب سمجهي سندن گڏ ويٺل دوست مٿان داغدار شاعري سان الزام ڏئي رهيا آهن ڪهڙي محبت هئي انکي پنهنجي دوست سان ۽ جيڪا ڇوڪري سان ٿئي ۽ خودڪشي تائين اچي پهچي؟ اها محبت ناهي محبت کي بدنام نه ڪيو محبت ائين نه هوندي آ منير ڪلوڙ کي مجنو واري صف ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٻين اندر ان عمل کي  پيدا نه ڪيو مون کي ته منير ڪلوڙ جي موت کان وڌيڪ انهن جي اهڙي سوچ تي افسوس ٿئي ٿو، ته ڪهڙي معاشري جا ماڻهو آهيو؟ ڪهڙي قوم مان آهيو؟؟ انهيءَ قسم جي بيشعوريت واري زندگي جي ڪٿان اوهان کي سکيا ملي ٿي؟ منير جو عمل سراسر غلط آهي منير پنھنجي والدين کي جيئري ماري ويو آهي هو نادان هو. جڏهن مون منير جي خودڪشي واري ويڊيو ڏٺي تڏهن دل ۾ ھڪ عجيب قسم جي ڪيفيت پيدا ٿي ۽ دل ۾ وڏو درد ٿيو ۽ ڪيترائي سوال جنم وٺڻ لڳا پر منھنجو نوجوان دوستن کي گذارش آهي ته پليز اھڙي ڪم ڪرڻ کان پهرين ھزار بار سوچجو ته توهان جي وڃڻ کانپوءِ توهان جي والدين جو ڇا ٿيندو ؟ جيڪي توهان مان پنهنجي پوڙهائپ جي سھاري لاءِ  اميدون لڳايون ويٺا آهن. (زبير احمد ڪلوڙ ڪشمور)

پهنجو تبصرو موڪليو