ڇهه ماهي امتحان ۾ ڪير پاس ٿيندو؟

محمود شام

هن هفتي اسلام آباد ۾ عدل جي زنجير لوڏڻ يا پاڻمرادو لُڏڻ کانپوءِ جيڪو ڪجهه چيو ٻُڌو ويو، اوهان سڀني جيان آئون به پريشان ٿي وڃان ها، پنهنجي ادارن ۽ اهم عهدن تي ويٺلن مان به مايوس ٿي وڃان ها، جيڪڏهن هڪ شام جميعت پنجابي سوداگرن جي تقريب ۾ نه گذاري هجي ها ۽ پنهنجي مستقبل جون چمڪندڙ پيشانيون نه ڏٺيون هجن ها. جمعيت جي هيٺ ڪيترائي اسڪول ڪاليج هلي رهيا آهن، غريب ٻارن جا سڀئي خرچ جميعت برداشت ڪندي آهي، هتي ذهين ۽ سٺا نمبر کڻڻ وارن کي سرٽيفڪيٽ ۽ نقد انعام ڏنا ويندا آهن. صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه خصوصي مهمان آهي. اقبال يوسف مصنف به آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي اصلي واري جو ڪارڪن پر هتي هو اقبال يوسف پيتل وارو آهي ۽ ايجوڪيشن بورڊ جو سيڪريٽري. سيد ناصر حسين شاهه طويل جمهوري جدوجهد ڪرڻ واري شاعر اسلم گورداسپوري جو ڀاڻيجو آهي پر اڄ ته وڏا ماڻهو هي ٻار ۽ ٻارڙيون آهن، جن پنهنجي امتحانن ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪئي. آئون چوان ٿو:

ہمیں خبر ہے کہ ہم ہیں چراغِ آخرِ شب

ہمارے بعد اندھیرا نہیں اُجالا ہے

هڪ ٻي حوصلو وڌائڻ واري ڳالهه اها ٿي ته ڪوئيٽا جي اعجاز حسين شيرازي جيڪو پبلڪ سروس ڪميشن بلوچستان جي رٽائرڊ ڊائريڪٽر آهي، ان جو خط آئون ٻيو دفعو پڙهي رهيو آهيان، جنهن ۾ بلوچستان جي نوجوانن جو ٻين صوبن جي نوجوانن کان اڳيان اچڻ جي خبر ٻڌائي وئي آهي ۽ سبب اهو ٻڌايو ويو آهي ته پبلڪ سروس ڪميشن جي هڪ چيئرمين ڪرنل (ر) عبدالمجيد بابر اهڙو آيو جو هن ڪنهن به عهدي تي مقرري کان پهرين ان شعبي جي حوالي سان تحريري امتحان جو شرط رکي ڇڏيو. ڪابه سفارش نه رشوت، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بلوچستان ۾ صوبائي نوڪرين جي لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن صرف ان امتحان ۾ پاس ٿيڻ وارن کي رکي ڇڏيندا هئا. ان سان جتي هڪ طرف ميرٽ کي بالادستي ملي آهي، اتي نوجوانن ۾ پڙهڻ، لکڻ ۽ لائبريري وڃڻ جو رجحان وڌيو آهي. هاڻوڪي چيئرمين جسٽس (ر) مهته ڪيلاش ناتا ڪوهلي به اها شهرت رکي ٿو.

آئون انهن ڏينهن ۾ خوشين جي سرور ۾ هئس. ان لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيڻ واري قانوني بحث مان مايوس ٿيڻ بجاءِ مونکي اعتماد ۽ حوصلو مليو ته اسان ادارا پنهنجون ذميداريون آسان انداز ۾ نڀائي رهيا آهن. منهنجي لاءِ اها صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي کان وڌيڪ اهم آهن ته آئون پنهنجي پوٽن پوٽين، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين کي وقت ڏيان ٿو، اڄ ٻارن وٽ گهڻا سوال آهن. آئون تياري ڪري چڪو آهيان. اوهان به يقينن ان امتحان مان گذرندو، سوال ڏکيا به هوندا، جواب به سڀن جا ڏيڻا آهن.

گذريل ڪالم ۾ مون چيو هو بزرگو! نوجوانن کي ڪو سسٽم ڏئي ڇڏيو. نومبر 2019ع جي مهيني ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪي قومون سسٽم نٿيون ٺاهي سگهن اهي بحرانن ۾ ڦاٿل رهنديون آهن. پهريون سوال ته اهو ٿي رهيو آهي ته جنهن درخواست ڏيندڙ سپريم ڪورٽ جي زنجير لوڏائي، اهو ڪير آهي؟ ڇا هو متاثر ڌر آهي؟ پوءِ هو درخواست واپس ڇو وٺي رهيو آهي؟ عام طور تي درخواست واپس وٺڻ تي درخواست ختم ڪئي ويندي آهي. هتي ائين نه ٿيو، چيو وڃي پيو ته 72 سالن ۾ پهريون دفعو اهي قانوني نقطا سامهون آيا آهن. واقعي اهو وڏو قانوني بحث آهي نه ته ان جا محور ته قومي هيرو ٿيڻ کپن. ٻيو اهو ته هر اهڙي آئيني درخواست ۾ ڏسڻ گهرجي ته اها عوامي مفاد ۾ آهي يا نه؟ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي جي وڌاري سان عوام کي ڇا مهانگائي مان نجات ملي ويندي؟ ميرٽ تي مسئلا حل ٿيڻ لڳندا؟ بنيادي نقطا اٿاريا ويا؟ مهذب جمهوري ملڪن ۾ اهڙا بحث ٿيندا آهن پر ڇا اسين مهذب ۽ جمهوري آهيون؟ ميڊيا ۽ خاص ڪري سوشل ميڊيا تي تبصرن ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا، اهي انتهائي غير ذميوار رهيا آهن. حڪمرانن ڪمال تحمل سان نااهلي، نالائقي جا الزام برداشت ڪيا. جڏهن ته روايت عدالتن تي حملي جي آهي، چيف جسٽس جي خلاف ججن جي بغاوت جي آهي!

اهڙي بحراني صورتحال جڏهن به ٿيندي آهي ته آئون وڏي دردمندي سان اهو محسوس ڪندو آهيان ته اسان مان ئي اڪثر اهڙا رويا اختيار ڪندا آهن جيئن هو ڪي ٻيا هجن. سپريم ڪورٽ، فوج، حڪمران، مخالف ڌر ڪي ٻيا آهن. اهڙا بحث ملڪ جي استحڪام ۽ معاشري جي تعمير جي لاءِ هوندا آهن، ان ۾ ڪنهن جي جيت يا هار نه ٿيندي آهي. بهتر مستقبل، خامين کان پاڪ آئندي جو بنياد رکيو ويندو آهي. پارليامينٽ جڏهن غلطيون ڪيون آهن ته هو اسان جا موڪليل ماڻهو آهن. فوج به اسان جي پنهنجي آهي. اوهان جا منهنجا ڀائر ڀائيٽا اتي آهن. حڪمران به اسان جا پنهنجا آهن. سپريم ڪورٽ جا فاضل جج به اسان جا آهن. انهن سڀني جي ذميداري آهي قوم کي اڳيان وٺي وڃڻ. جيڪڏهن قانون ۾ خامي آهي ته اهو سلسلو ڪڏهن کان هلي رهيو آهي. 2009ع کان پهرين ۽ پوءِ جي عدليه ۾ يقينن فرق آهي پر عدالتن ۾ لکين هم وطن ڌڪا کائيندا نظر اچن ٿا.

اسان کي هڪ سٺي تعليمي نظام جي ضرورت آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ته ادارا قبيلن جيان وڙهندا نظر اچن ۽ لهجو تڪبر وارو ٿي وڃي. عهدن کي هٿيار وانگر استعمال ڪيو وڃي. ميڊيا جو نيوز روم به اهڙن موقعن تي ”وار روم“ نه ٿيڻ گهرجي. فتح، پوئتي هٽڻ، مٺائين جو ورهائڻ قبائلي دور جون علامتون آهن. سوشل ميڊيا تي ڪجهه هم وطنن جو رويو تمام جارحاڻو ۽ ظالماڻو ٿي وڃي ٿو. ان سان اُن جي انتقامي جبلت جي تسڪين ته ٿي ويندي آهي پر تهذيب جو سفر رڪجي ويندو آهي. ڇهه ماهي امتحان صرف حڪمرانن جا نه اسان سڀني جا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو