ڀارتي فوج محبوبه مفتي جي نياڻي التجا کي گرفتار ڪري ورتو

سري نگر(ويب ڊيسڪ) مقبوضه ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي جي نياڻي التجا مفتي کي سري نگر ۾ ان جي گهران گرفتار ڪيو ويو آهي. مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو سلسلو ڏينهنون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ 5 آگسٽ تي آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ کان پوءِ وادي ۾ هن مهل تائين ڪرفيو لاڳو آهي ۽ مودي سرڪار طرفان حريت اڳواڻن سميت ڪيترن ئي سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري نظربند ڪيو ويو آهي. قابض ڀارتي فوج مقبوضه ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي جي نياڻي التجا مفتي کي به گرفتار ڪري ورتو آهي التجا کي ان جي گهران گرفتار ڪيو ويو ۽ ڀارتي فورسز ان کي حراست ۾ وٺڻ بعد ان جي گهر ڏانهن ويندڙ سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. التجا مفتي اڄ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن تي ان کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ميڊيا کي به ان جي گرفتاري جي ڪوريج متعلق اجازت نه ڏني وئي. ان کان اڳ التجا مفتي آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين کي انٽرويو ۾ چيو هو ته ڀارتي جبر خلاف آواز اٿارڻ تي ڌمڪيون ملي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو