پھرين ڪعبي بيت المقدس جي حفاظت لاءِ نڪرو»

گل سيوھاڻي
اسان مسلمان ڪيڏو تہ يھودين آڏو بيوس بڻيل آھيون ھڪ ننڍڙي خطي تي قائم اسرائيل جو يھودي حاڪم جنھن کي اڃان پوري طرح دنيان ملڪ بہ تسليم ناھي ڪيو اھو يھودين جو ھڪ گروھي ھڪڙو ٽولو ھٿ ٺوڪيا ڊرامہ ٺاھي اسان جي پھرين ڪعبي بيت المقدس جي مقدس ڌرتي يعني فلسطين تي قابض رھڻ جي ڪوشش ۾ ڪيڏي وڏي بمباري ڪري بيگناھ فلسطينين جو خون پيو وھائي ۽ ناحق فلسطينين کي قتل پيو ڪري قتل و غارت وسيلي مسلمانن ۾ حراس پيو ڦھلائي افسوس سد افسوس جيڪڏھن موٽ ۾ فلسطين جا مجاھد پنھنجي ڌرتي جي حفاظت ۽ پنھنجي عزت آبرو ۽ پنھنجي پھرين ڪعبي بيت المقدس جي حفاظت لاء جوابي ڪاروائي ڪري ٿو تہ پوري دنيان جا يھودي متحد ٿي ان جي خلاف ۽ پنھنجي اسرائلي يھودين جي حمايت ۾ بيان بازي پيا ڪن،مگر ساڳي جاء تي اسان جا مسلمان جيڪي ڊالرن جا شوقين آھن اھي يھودين جي پادرن کان ڊڄن ٿا سي پنھنجي فلسطيني مسلمانن ڀائرن جي حق ۾ ٻہ چار الفاظ مزمت جا بہ نٿا ڳالھائي سگھن نڪي اسرائيل جي ڪھري ڪارواين جي مزمت ٿا ڪن،اڙي او ظالم مسلمان ملڪن جا خاموش ۽ بيوس حڪمرانو بذدل ۽ بئمان حڪمرانو جيڪڏھن اوھانکي فلسطين جي مسلمان ڀائرن ڀينرن سان ھمدردي ۽ محبت ناھي تہ پوء گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي پھرين ڪعبي بيت المقدس لاء تہ غيرت ڪري ٻہ چار الفاظ اسرائيل جي ناحق حملن جي مزمت ۾ تہ خرچ ڪريو مگر افسوس سد افسوس اسان ھان يھودين جا اھي ڏيج ورتل غلام بڻجي ويا آھيون جو پنھنجي مسلمان ڀائرن جي قتل عام تي بہ خاموش تماشائي بڻيل آھيون جس لھڻي وري بہ ترڪيء جو حاڪم طيب اردگان ۽ جس لھڻن افغانستان جا طالبان جيڪي فلسطين جي مسلمان ڀائرن جي قتل عام تي تڙپن پيا ۽ اسرائيل جي فلسطين مٿان ناحق بمباريء جي نہ رڳي مزمت ڪن پيا گڏ گڏ اسرائيل کي خبردار بہ ڪن پيا تہ اوھان بيت المقدس يعني فلسطين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش کان اڳ ايترو ضرور سوچجو تہ دنيان جا سمورا مسلمان ملڪ ۽ انھن جا حاڪم سڀ جا سڀ ہھودين جا نہ قرضي آھن نہ محتاج آھن افغاني طالبان تہ ايران ۽ عراق کان محفوظ رستو گھريو آھي جيڪڏھن ھو کين فلسطين وڃڻ لاء محفوظ رستو ڏين تہ ھوند فلسطينين جي حق ۾ اسرائيل کي ھو پاڻ ٿا منھن ڏين ھنن چيو تہ جيڪڏھن اسرائيل باز نہ آيو تہ پوء عالم اسلام جي ھمدرد مسلمانن کي بہ متحد ٿيئڻ ۾ ھاڻي گھڻي دير ناھي لڳڻي پوء ٿي سگھي تہ اسرائيل جي ڇڙيل فلسطين سان جنگ ٽين عالمي جنگ جو سبب نہ بڻجي وڃي،جنھن جو قصوروار اھيو ظالم اسرائيل جي حاڪم نيتن ياھو کي قرار ڏنو ويندو جيڪو بيگناھ فلسطينين تي بمباري ڪري معصوم جانيون ضايہ پيو ڪرائي ۽ بيگناھ فلسطينين جو ناحق خون پيو وھائي مونکي حيرت لڳي ٿي پنھنجي ملڪ جي امپورٽڊ نگران وزير اعظم ڪڪڙيء تي جيڪو پنھنجي ٽوئيٽ ذريعي اسرائيل کي ملڪ تسليم پيو ڪري ۽ ان کي فلسطين تي بمباري ڪرڻ واري عمل کي درست قرار پيو ڏئي اڄ فلسطين جا مسلمان عظيم ليڊر تحريڪ انصاف جي قائد ۽ عالم اسلام جي ليڊر ڪپتان کي ياد پيا ڪن ۽ پاڪستان جي حڪمرانن کي التجا پيا ڪن تہ خدارا وقت جا حافظ ھڪڙو ڏينھن صرف عالمي ليڊر ۽ تحريڪ انصاف جي ڪپتان کي جيل مان آذاد ڪريو تہ ھو اسان فلسطينين سان اچي گڏ بيھي يڪجھتيء جو اظھار ڪري ۽ ھن انڌو ناڪ عمل جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪري مگر اھيو عمل نا ممڪن آھي پاڪستان اسٽيبلشمينٽ ڪپتان کان ايترو تہ خوفضدہ آھي جو ھن جي نالي وٺڻ تي بہ پابندي لڳائي اٿن تہ ھن جي خطاب ۽ بيان بازي ھلائڻ تي بہ پابندي ھنئين وئي آھي رڳي ايترو نہ ڪپتان کي عدالتن جي حاضريء تي آڻڻ بجاء ان کي جيل اندر عدالت لڳائي اتي ٽرائل ڪرايو پيو وڃي جيڪي پاڪستان جا حڪمران يھودين کي ايبسولٽي ناٽ چوڻ بدران اقتدار خاطر بوٽ پيا پالش ڪن اھي ڪڏھن بہ نہ چاھيندا تہ ھو ڪو اھڙو عمل ڪن جنھن سان ڪپتان جي چاھيندڙن کي رونڪ نصيب ٿئي ۽ سندن يھودي آقا ناراض ٿي پون ۽ ان ناراضگيء جي ڪري سندن اقتدار جا مزا کانئن کان کسجي وڃن ڪٿي آھي مولانا ڊيزل جيڪو ڪپتان کي يھودي سڏيندو ھيو ۽ پان کي اسلام جو وڏو چئمپين سمجھندو ھيو ڇو نٿو اسرائيل جي ناحق فلسطين تي بمباريء جي مزمت ڪري ڪاڏي ويا اھي اسلام جا ٺيڪيدار جيڪي پاڻ کي اسلام جو وڏو پايو سمجھندا آھن ڇو نٿا روڊن تي نڪري اسرائيل خلاف احتجاجي مظاھرا ڪن ڇو نٿا فلسطين تي ناحق بمباريء جي مزمت ڪن باقي فلاڻون يھودي آھي فلاڻون يھودين جو ڪمدار آھي غلام آھي وغيرہ وغيرہ جھڙا گمراھ ڪندڙ بيان بازي ڪري مسلمانن کي بيوقوف پيا بڻائن ڪيترا مسلمان ملڪ آھن جن جي وچ ۾ ھڪ پيالي نمان ھڪڙو ننڍڙو علائقو اسرائلي يھودين وٽ آھي جنھن کي اڃان پوري طرح دنيان جي ملڪن ملڪ يا رياست بہ تسليم ناھي ڪيو اھو ھڪ خطي تي قابض رھي اسان جي پھرين ڪعبي بيت المقدس تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سالن کان فلسطين تي ناحق جنگ مسلط ڪندو پيو اچي ۽ وقتن وقتن غير اخلاقي غير قانوني بمباري ڪري بيگناھ فلسطينين جو خون وھائيندو پيو اچي ء اسان دنيان جا مسلمان سندس ان غير آئيني غير قانوني عمل تي خاموش تماشائي بڻبا پيا اچون اھو ان ڪري تہ اج فلسطين و ته ياسر عرفات جھڙو مرد مجاھد ليڊر ڪونھي مگر ان جي پوئلڱن بہ گھٽ وسيلن واسايلن جي بہ اسرائيل کي مڙس ٿي منھن ڏنو آھي توڻين جو اسرائيل وٽ وڏي ٽيڪنالوجي آھي اھو ان ڪري بہ تہ ھو دنيان جو سڀ کان وڏو وياج خور ھڪ ننڍڙي خطي جو مالڪ آھي جنھن جا نہ رڳي دنيان جا کوڙ سارا ملڪ قرضي ۽ ڳيجھو آھن خد سپر پاور ملڪ سڏجندڙ آمريڪا بہ سندس قرضي بڻجي سندس قرضين ۾ شامل آھي، جنھن جي ڪري جڏھن بہ فلسطينين جي حق ۾ اقوام متحدہ اندر مسلمان ملڪ ڪا قرارداد پيش ڪندا آھن تہ اھيو سپر پاور سڏجندڙ ملڪ آمريڪا سڀ کان اول پھريون مخالف بڻجي ان قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيندو آھي ڇو تہ ھو پاڻ کي سپر پاور ٿو سمجھي مگر ھاڻي کيس اھيا خبر آھي تہ ھو صرف نالي جو سپر پاور رھيو آھي ھاڻي ٻين ملڪن جيان خد بہ قرضن ۾ جڪڙيل آھي سندس ملڪي معشيت غلط پاليسين جي ڪري ٻڏل ۽ تباھ آھي جنھن جي ڪري ھاڻي خد آمريڪي بہ سندس پاليسين جا مخالف آھن ڏسجو جلد آمريڪا تباھ ٿي ٽٽي ويندو اڻ سڌي طرح جيڪڏھن ھن وقت معاشي ليول تي ڪو سپر پاور ملڪ آھي تہ اھو آھي چئنا(چين) جنھن جي ھر قسم جي برانڊ ھن وقت آمريڪا جي ھر ننڍي وڏي شھر ھر واھڻ وسطيء ۾ وڪرو ٿي رھي آھي انکان پوء جيڪڏھن ٻي سپر پاور قوت آھي تہ اھا آھي ترڪي جيڪا ماضيء ۾ بہ سلطنت عثمانيه جي نالي سان سوين سال دنيان تي حڪمراني ڪئي آھي جنھن تي يھودين پاران ھڪ سئو سالن جي پابندي مڙھي انکي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي ان ھوندي بہ ھو پنھنجي ايمانداري ۽ بھتر معاشي پاليسين جي بدولت اڄ بہ پنھنجي پيرن تي بيٺل آھي ۽ ترقي يافتہ ملڪن جي صف ۾ شامل آھي جنھن کانپوء رشيا يعني روس سپر پاور آھي جيڪو آمريڪا کان اڳ سويت يونين جي نالي سان پھرين نمبر تي سپر پاور رھيو آھي اھڙي طرح جيڪو نئون بلاڪ جڙي رھيو آھي ان ۾ اھي سمورا معاشي سطع تي طاقتور ملڪ شامل ھوندا گڏ گڏ عرب ملڪن سان گڏ ايران افغانستان ۽ پاڪستان بہ ساڻن شامل ھوندو پوء انشاءالله اھي ڏينھن ڏور نہ ھوندا جو فلسطين سميت مقبوضه ڪشمير ۽ ٻيون ڪافي ساريون اسلامي رياستون بہ ان يھودين جي قبضي مان اذاد ڪرايون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو