پرينيتي چوپڙا شادي ڪڏهن ڪندي،تاريخ اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا پرنيتي چوپڙا ۽ سندس منگيتر سياستدان راگھو چڍا جي شادي جي تاريخ سامهون اچي وئي آهي.ڪيترين ئي ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته پرنيتي چوپڙا 25 سيپٽمبر تي شادي ڪندي، سندس شادي راجستان ۾ ٿيندي، جڏهن ته شادي جي تقريب گروگرام ۾ ٿيندي.رپورٽن مطابق اها شاندار شادي ٿيندي جنهن ۾ بالي ووڊ ستارن سميت گهوٽ ۽ ڪنوار جا سمورا مائٽ، سياستدان ۽ دوست شرڪت ڪندا.ٻڌايو پيو وڃي ته پرينيتي ۽ راگھو سيپٽمبر جي پهرين هفتي کان شادي جون تياريون شروع ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو