پرائيويسي جي بهتري لاءِ واٽس ايپ اهم قدم کڻي ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)دنيا جي مقبول ترين پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي واهپيدارن جي پرائيويسي کي وڌ کان وڌ محفوظ بڻائڻ لاءِ متحرڪ آهي. ايپ ۾ بهتري لاءِ واهپيدارن جي سهولتن کي نظر ۾ رکندي ڪمپني ڪيئي نوان فيچرز متعارف ڪرائيندي رهندي آهي، جيئن ويجهي ماضيءَ ۾ واٽس ايپ تي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ چيٽس يا چيٽ لاڪ جهڙا فيچرز سامهون اچي چڪا آهن. اِهو ئي نه هينئر تائين واٽس ايپ واهپيدار پنهنجو پروفائيل تصوير کي چونڊ نمبرن کان ڳجهو رکڻ وارو فيچر پڻ آزمائي چڪا آهن. هاڻ واٽس ايپ انتظاميا پنهنجي واهپيدارن جي پروفائيل تصوير جو اسڪرين شاٽ وٺڻ کان روڪڻ واري اهم فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي. ويب سائيٽ بيٽا انفو موجب، ڄاڻايل فيچر تحت اسڪرين شاٽ وٺندڙ واهپيدار ڏانهن ڪنهن به پروفائيل جو اسڪرين شاٽ وٺڻ جي صورت ۾هڪ وضاحتي پيغام اماڻيو ويندو جنهن ۾ڄاڻايو ويندو ته اوهان ڪنهن به صارف جي پروفائيل تصوير جو اسڪرين شاٽ ڇو نٿا وٺي سگهو. واٽس ايپ جي تازا ترين اينڊرائيڊ بيٽا ورجن واهپيدارن لاءِ فيچر جي آزمائش شروع ٿي چڪي آهي. دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ڄاڻايل فيچر کي متعارف ڪرائڻ کانپوءِ واٽس ايپ ڪنهن صارف جي پروفائيل پِڪچر جي اسڪرين شاٽ کي محدود ڪرڻ واري پهرين ايپ بڻجي ويندي ڇو ته ٽيلي گرام ۽ سگنل جهڙين مشهور ايپ اهڙي قسم جون خاصيتون اڃا تائين موجود نه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو