پارلياماني سياست ۾ قومپرستن جو مستقبل

نصير ميمڻ
سنڌ ۾ 2024ع جي چونڊن جا نتيجا ماضيءَ کان گهڻو مختلف نه آهن. پيپلز پارٽي 2018ع جي چونڊن کان به وڌيڪ سيٽون کڻي صوبي ۾ اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي. هنن چونڊ نتيجن کانپوءِ هڪ پراڻو بحث ٻيهر ورجائجي رهيو آهي. اهو بحث آهي ته قومپرست اڳواڻ اليڪشني سياست ۾ پيپلز پارٽيءَ کان هر ڀيري ڇو ٿا هارائين؟ سياست جي پنهنجي هڪ سائنس آهي، جنهن تي کليل دماغ سان بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ڪابه سياسي راءِ رکڻ تي مختلف سوچ وارا ماڻهو هڪدم گارگند، تهمتن ۽ چٿرن سان لفظي حملا شروع ڪري ڏين ٿا. ان ڪري سنجيده بحث ممڪن نٿو رهي. هن اهم معاملي تي مختلف سوچن ۽ راين جي اظهار لاءِ رستا کليل رکڻ گهرجن، ان سان قومپرست ڌرين کي فائدو ٿيندو.
پيپلز پارٽيءَ کي پارلياماني سياست ۾ اڌ صديءَ جو تجربو ٿي چڪو آهي. ان عرصي ۾ جتي اسٽيبلشمينٽ سان ان ٽڪراءُ به کاڌو آهي ته ان سان ڏي وٺ ڪرڻ جو هنر به سکي ورتو آهي. پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ جتي عسڪري اسٽيلبشمينٽ هر دور ۾ سگهاري رهي آهي، اتي وڏين سياسي ڌرين کي اقتداري سياست ڪرڻ وقت اسٽيبلشمينٽ سان ڏي وٺ ڪرڻي پئي ٿي. اهڙا مثال ان خطي ۾ ٿائلينڊ ۽ ميانمار جا به آهن، جتي پڻ ملڪ جون وڏيون سياسي پارٽيون ۽ اڳواڻ مختلف وقتن تي اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ ۽ ٺاهه وارا رويا رکندا رهيا آهن. ٿائلينڊ جو اڳوڻو وزيراعظم ٿاڪسن شناوترا ۽ ميانمار جي اڳواڻ آنگ سانگ سوچي اهڙن مرحلن مان گذريا آهن. ان صورتحال سبب پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان هڪ تعلق جوڙي ورتو آهي، جيڪو ان جي حق ۾ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪندو رهي ٿو پر اهو رڳو هڪ عنصر آهي، جيڪو مٿئين سطح جي اقتداري بارگيننگ ۽ جوڙ توڙ ۾ ڪم اچي ٿو. البته سر زمين تي چونڊون کٽڻ وارو ڪم بهرحال پارٽين کي ئي ڪرڻو پوي ٿو.
پيپلز پارٽي لڳاتار اقتدار ۾ رهڻ سبب عوامي حمايت به ٺاهي آهي ته هر علائقي ۾ هڪ اهڙو گروهه به منظم ڪيو آهي، جيڪو پارٽيءَ جي ووٽن جو ذمو کڻي ٿو ۽ موٽ ۾ اقتدار جي دور ۾ ان کي انتظامي ڍانچي وسيلي ڀرپور مالي ۽ انتظامي فائدا ڏنا وڃن ٿا. اهو هڪ وڏو ڄار آهي، جيڪو پيپلز پارٽيءَ جي اليڪشني سگهه بڻجي چڪو آهي. اهڙي قسم جو ڄار اقتدار ۾ رهندڙ هر سياسي ڌر ٺاهيندي آهي، ڇو ته هيڏي ساري ملڪ ۾ ايترن سارن تڪن تي چونڊون وڙهڻ ۽ کٽڻ ڪو معمولي ڪم نه آهي.
مٿي ڄاڻايل طاقت سنڌ جي قومپرست ڌرين کي حاصل ناهي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو آهي ته سنڌ جي قومپرست پارٽين ڏهاڪن تائين پاڻ کي اليڪشني سياست کان نه رڳو پري رکيو آهي، بلڪه ان جي مخالفت به ڪندا رهيا آهن. 1988ع ۾ قومپرست ڌرين چونڊن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. ان چونڊ ۾ سنڌ قومي اتحاد پاران پنهنجي حامي اڳواڻن لاءِ مهم به هلائي وئي. رسول بخش پليجي صاحب به چونڊ وڙهي ۽ سيد امداد محمد شاهه اڳيان پيپلز پارٽيءَ اميدوار نه بيهاريو ۽ هو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي ويو هو. ان کانپوءِ وقت بوقت سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جا اڳواڻ چونڊن ۾ حصو وٺندا رهيا آهن. جيڪڏهن هن اليڪشن ۾ قومپرست پارٽين جي غلطين جو اڻ ڌريو جائزو وٺجي ته سندن شڪست جا هيٺيان ڪارڻ نظر اچن ٿا:
(1) قومپرست پارٽين گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس ۾ شامل ٿي سياسي طور غلط فيصلو ڪيو هو. ڊاڪٽر قادر مگسي ان اتحاد کان پاڻ کي الڳ رکيو. جي ڊي اي ۽ ان جي اتحادين ۾ ٽن قسمن جون ڌريون هيون. هڪ سنڌ جي ورهاڱي جا مطالبا ڪندڙ ايم ڪيو ايم، ٻيو مذهبي شدت پسند تنظيم جي يو آءِ ۽ ٽيون اسٽيبلشمينٽ جا اڳوڻا اتحادي، جن کي سنڌ جو عوام رد ڪندو رهيو آهي. اهي ٽئي اهڙا گروهه هئا، جن سان هٿ ملائڻ قومپرست ڌرين جي بنيادي سياسي پروگرام جي ابتڙ هو. اتي اهو دليل نا مناسب آهي ته پ پ انهن ساڳين ڌرين سان مختلف وقتن تي اتحاد ڪندي رهي آهي. ياد رهي ته پ پ جي انهن ڌرين سان اتحاد کي سنڌ واسين ڪڏهن به نه ساراهيو آهي. ٻيو ته قومپرستن کي جيئن ته هڪ متبادل ڌر طور پاڻ کي اڳيان آڻڻو هو، تنهنڪري هنن کي پ پ کان هڪ بهتر رويو ۽ پروگرام پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي. منهنجي خيال ۾ قومپرست ڌريون مستقل بنيادن تي گڏيل اليڪشني اتحاد قائم ڪن ته سندن ڪاميابيءَ جا امڪان بهتر ٿي سگهن ٿا. کين پنهنجي اليڪشن مهم لاءِ سنڌ جي مفادن تي ٻڌل سيڪيولر ۽ ترقي پسند بنيادن وارو پروگرام پيش ڪرڻ گهرجي. ان پروگرام جو محور رڳو پ پ مخالفت نه پر سنڌ جا قومي مفاد، سنڌ واسين جا طبقاتي حق، مذهبي انتها پسندي ۽ انتها پسند ڌرين کي رد ڪندي سيڪيولر بنياد تي سماج جي اڏاوت جهڙا نڪتا هجڻ گهرجن. ان پليٽ فارم لاءِ تفصيلي منشور جوڙي عوام اڳيان آڻڻ گهرجي.
(2) سنڌ جي قومپرست ڌرين کي جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان پارلياماني سياست ڪرڻي آهي ته ان لاءِ کين مستقل مزاجيءَ تي ٻڌل حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي. اهو ممڪن ناهي ته قومپرست اڳواڻ چونڊن کان ڪجهه هفتا اڳ تڪن جو اعلان ڪري مهم هلائي انهن ماڻهن کان چونڊ کٽي سگهن، جيڪي پنجن ورهين کان اتي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ رهيا هجن. ان ڳالهه جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته قومپرست پارٽيون سنڌ جي مختلف تڪن کي طئه ڪري اتي پنهنجي اميدوارن کي هاڻي کان ئي پڌرو ڪن. اهي اميدوار اڳواڻ ايندڙ پنج ورهيه پنهنجي تڪن ۾ عوامي لهه وچڙ جا مرڪز قائم ڪري اتي عوام سان لڳاتار رابطي ۾ رهن ۽ سندن روزمره جي مسئلن ۾ ساڻن گڏ بيهن. ان سان مقامي ماڻهن کي ڪجهه نه ڪجهه واهر ملڻ لڳندي ته ساڳئي وقت حڪمران پارٽين تي به دٻاءُ پوندو ته اهي ماڻهن سان ڍورن ڍڳن وارو ورتاءُ ڪرڻ بجاءِ سندن مسئلا حل ڪن. عوام سان 24 ڪلاڪن جو رابطو، سندن مسئلن، ڏکن ۽ سکن مهل گڏ هجڻ اليڪشني سياست جي بنيادي گهرج آهي. پنجن سالن تائين لڳاتار اها مشق ڪرڻ کانپوءِ وڃي قومپرست ڌريون انهن تڪن تي عوام ۾ ڪي پاڙون کوڙي سگهنديون.
جيڪڏهن قومپرست پارٽيون پنهنجن تڪن ۾ ورڪرن جو هڪ نيٽ ورڪ جوڙي وٺن ته ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ انهن مان ڪجهه ڪارڪن هيٺين سطح تي سياسي نظام ۾ پير رکي سگهندا. گذريل مڪاني چونڊن ۾ قومپرست ڌرين ڪا منظم حڪمت عملي ٺاهي بهرو نه ورتو. اهو خال ڀرڻ جي ضرورت آهي. قومپرست ڌرين کي پنهنجي اليڪشني حڪمت عملي جو تنقيدي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. جيڪي قومپرست سوچ رکندڙ يا سندن حامي هميشه جيان عام سنڌ واسين کي ان لاءِ ميار ڏين ٿا يا گٿي ٻولي لکن ٿا، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته عوام اسان جي خواهشن تي نه پر پنهنجي حقيقتن جي جهان ۾ جيئن ٿا. ايئن ناهي ته ساڻن ٿيندڙ ورتاءَ جو کين احساس ناهي پر سندن زندگين جون حقيقتون طئه ڪن ٿيون ته اهي پنهنجو ووٽ ڪنهن کي ڏين. کين اڻ ڄاڻائيءَ جا مهڻا ڏيڻ بجاءِ هنن اڳيان روزمره جي مسئلن وقت هڪ متبادل ٿي موجود هجڻ جي ضرورت آهي. اهي ساڳيا سنڌ واسي سنڌ جي زندگي ۽ موت جي مسئلن تي اوهان جو سڏ ورنائيندا آهن.
جيڪڏهن قومپرست پارٽيون پنهنجي حڪمت عملي کي پ پ مخالفت جي محدود دائري مان ڪڍي سنڌ لاءِ هڪ جامع سياسي پروگرام جي شڪل ۾ کڻي منظم طريقي سان وک وڌائين ته ڪجهه عرصي اندر اهي پنهنجي پارلياماني ڌر واري سڃاڻپ پيدا ڪري وٺنديون. جيڪڏهن قومپرست ڌريون ايئن پارلياماني محاذ تي پنهنجي ڪا الڳ سڃاڻپ پيدا ڪري وٺن ته کين ملڪي سطح جون پارٽيون، مقامي ميڊيا توڙي ملڪي ۽ غير ملڪي ميڊيا اهميت ڏيڻ تي مجبور ٿي وينديون. ان سان سنڌ جي قومي حقن وارن معاملن تي قومپرست ڌرين جي آواز کي به سگهه ملندي. هن وقت سنڌ بابت ملڪي سطح جي ادارن ۾ جيڪي فيصلا ٿين ٿا، انهن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ئي سنڌ جي نمائنده ڌر طور شامل ڪيو وڃي ٿو. قومپرست ڌرين جو مضبوط پليٽ فارم کين اهم فيصلن ۾ هڪ ڌر واري حيثيت به ڏياري سگهي ٿو.
هڪ ٻي اهم ضرورت قومپرست پارٽين جي ڪراچي جي سياست ۾ سرگرم ٿيڻ آهي. ڪراچي ۾ هاڻي سنڌين جي هڪ تمام وڏي آبادي رهي ٿي ۽ انهن جي هڪ وڏي انگ جو ووٽ اڃان به ٻهراڙين ۾ آهي. ڪراچي ۾ قومپرست جماعتن جي آفيسن جو نه هجڻ هڪ وڏو خال آهي. جيڪا ڌر اتي ويهي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ واهر ڪندي، مقامي ماڻهو سندن روزمره جي ضرورتن ۽ خرچ جي به واهر ڪري وٺندا. ان ڪري پري کان ويهي وسيلا نه هجڻ کي ڪراچي ۾ سرگرم نه ٿيڻ جو بنياد نه بنائڻ گهرجي. ڪراچي سنڌ واسين جو مستقبل آهي، تنهنڪري اتي سياسي قيادت جي سرگرم موجودگي ضروري آهي. قومپرست ڌرين کي پارليامينٽ جي اهم موضوع تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سنجيدگي، جامع حڪمت عملي ۽ لڳاتار عمل جي ضرورت آهي.
روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو