ٽي 20 ۾ بابر اعظم کان نمبر ون ڊيوڊ ملان کسي ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل پاران ٽي ٽوئنٽي جي نئين رينڪنگ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ برطانوي بيٽسمين ڊيوڊ ملان پهرين نمبر تي اچي ويو آهي. پاڪستان جو بابر اعظم اڳ م نمبر ون تي هو. ملان 4 درجا مٿي حاصل ڪندي پهرين پوزيشن ماڻي آهي. هن پاڪستان ۽ آسٽريليا خلاف شاندار بيٽنگ ڪري پنهنجي رينڪنگ وڌائي. بابر اعظم ٻئي نمبر تي آهي. آسٽريليا جو ڪپتان ايرون فنچ ٽئين نمبر تي آهي ۽ برطانوي ڪپتان ايئن مورگن 3 درجا هيٺ هليو ويو ۽ ڏهين نمبر تي آهي. بالنگ ۾ افغانستان جو راشد خان پهرين، عماد وسيم 8 ۽ شاداب 9 نمبر تي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو