ٽي 20 ورلڊ ڪپ، نفسياتي ماهر مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽ ريگوليشن جي عالمي اداري  انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) فيصلو ڪيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2021 دوران رانديگرن ۾ ڪورونا سيفٽي ببل ۾ رهندي ذهني صحت بابت وڌندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ نفسياتي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. ڪورونا وبا سبب رانديگرن ۾ ذهني دٻاءَ جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، جنهن جو مثال انگلينڊ جو بين اسٽوڪس آهي جيڪو ذهني صحت جي مسئلن جي ڪري ڊگهي موڪل تي آهي، ٻين ناليوارن رانديگرن به مختلف دورن ۽ ٽورنامينٽن دوران بائيو سيڪيورڊ ببلز جي دٻاءَ جي شڪايت ڪئي آهي. بائيو سڪيورڊ ببل اسٽريس جي ڪري ڪيترائي رانديگر گڏيل عرب امارت ۾ ٿيندڙ  انڊين پريميئر ليگ ۾ به شامل نه ٿيا ۽ ڪجهه اهو ايونٽ ڇڏي ويا.17 آڪٽوبر کان گڏيل عرب امارتن ۽ عمان ۾ شروع ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ 16 ملڪن جون ٽيمون هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ ٽورنامينٽ دوران گهڻي قدر پنهنجي هوٽلن تائين محدود رهنديون. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل جي سيڪيورٽي ۽ بائيوسيفٽي جي سربراهه اليڪس مارشل صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه رانديگر يقينن ان (بائيو ببل) سان متاثر هوندا. انهن جي ذهني صحت ٻيهر محدود حالتن ۾ رهڻ سان متاثر ٿيندي، خاص ڪري انهن ماڻهن جي جيڪا ڊگهي عرصي کان اهڙي حالتن ۾ رهي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آءِ سي سي رانديگرن جي مدد لاءِ 24 ڪلاڪ موجود هوندي ۽ مدد گهرڻ وارو ڪهڙو به رانديگر هوندو هڪ نفسيات جي ماهر سان ڪهڙي وقت به ڳالهائي سگهندو. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي سميت ناليوارن رانديگرن جي ان حوالي سان بيانن کانپوءِ ڪيترين ئي ٽيمن ٽورنامينت کان اڳ رانديگرن جي لاءِ پنهنجي نفسياتي مدد وڌائي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو