ٽرانسپورٽ جو جديد نظام

رياض ابڙو
دنيا جو سمورو ڪارونهوار آهي ئي ٽرانسپورٽ تي ٻڌل ۽ صاف سٿرن روڊن تي آڌاريل، جو شهرن جي روڊن رستن تي جڏهن اهي جديد (گرين، ريڊ ۽ اورينج لائين) واريون بسيون وهندي نظر اچن تڏهن سمجهو ته شهرن ۾ ترقي ٿئي ٿي، ۽ ترقي هر صورت ممڪن آهي ۽ اها ترقي هاڻي ٿيندي رهندي ان ڪري جو اهي سڀ عوامي حڪومت جا ڪارناما آهن، ۽ اها ڳالھ به سمجهڻ گهرجي ته ترقي جو معيار روڊن رستن جي جوڙجڪ ۽ جديد ٽرانسپورٽ (يا خاص گرين ٽرانسپورٽ) جي آسانيءَ ۽ سهولتن سان به واڳيل ۽ ممڪن آهي ۽ انهن عوامي حڪومتن (پي پيءَ کي ۽ خاص سائين شرجيل انعام ميمڻ صاحب) کي لک شابسون هجن ۽ اهي دعائن جا حقدار به آهن جيڪي عوام الناس جو ائين بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي خيال ڪندا رهن ٿا ۽ اهي سدائين اهڙي عوامي خدمت ۾ پيش پيش به آهن ۽ رهندا به اچن ٿا، ان ڏس ۾ تازو سنڌ سرڪار طرفان سنڌ جي وڏن شهرن ۽ خاص ڪراچي شهر ۾ آندل اي سيءَ وارين جديد بسين جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آ ۽ ان جدت ۾ جيترو ڪردار، لگن، جستجو، محنت ۽ ذاتي ڪاوشون سائين شرجيل انعام ميمڻ صاحب جون آهن جنهن جي تعريف ڪجي، ۽ ان سڄي محنت ۾ ڪنهن ٻي لساني جماعت يا ڪنهن شخص جو نالو ڳنڍي نه ٿو سگهجي، جو انهن اي سي جي بسين ۾ سفر دوران ماڻهوءَ کي لڳندو ته واقعي ئي هن سنڌ سرڪار اهي سڀ ڪم بنا ڪنهن فرق، تعصب ۽ لساني رنگ جي ڪيا آهن.
ان ڪري سنڌ سرڪار جي هاڻوڪين اي سي جي بسين جي شروعات ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ هڪ زبردست انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آ جنهن جي وڏي ڳالھ آ ۽ اهو هڪ زبردست ڪم آ، ان ڪري جو ٽرانسپورٽ جو نظام جيڪڏهن بهتر ۽ محفوظ آهي ته معني شهري محفوظ آهن ڇو ته جديد ٽرانسپورٽ جي هوندي ئي اهي آرام ۽ سڪون سان هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تي اچي وڃي سگهن ٿا، ان ڳالھ ۾ سنڌ سرڪار (پي پيءَ) جو عوام مٿان اهو وڏو احسان آهي جو هنن صوبي جي ماڻهن جو خيال رکيو آ ۽ مسلسل ترقي تي گامزن رهيا آهن ۽ هاڻي ته سنڌ سرڪار ان شهري ٽرانسپورٽ جي نظام کي مورڳو ئي جديد بڻائي ڇڏيو آ جنهن جا فائدا جيترا به ڳڻجن اوترا گهٽ آهن پر سڀ کان اتم ڳالھ اها آهي ته اهي اي سي واريون بسيون ماحولياتي آلودگيءَ جي گهٽائڻ ۾ وڏيون مددگار ۽ معاون ثابت ٿينديون جيڪو هن آلوده ۽ ٻوساٽيل ماحول جي مٿان وڏو احسان آهي، ان ڪري جو هاڻي پراڻين ۽ گهڻي دونهين وارين بسين مان جان ڇٽي جن ڪري روڊن تي بسيون گهٽ پر دونهون گهڻو هوندو هيو جيڪو اڻ ڳڻيون بيماريون به کڻي اينديون هيون، يا انهن بسين جا نظام ۽ انتظام به فرسوده هوندا هيا جنهن ۾ عام ماڻهو گهڻو ڪري عذاب ۾ هوندو هيو يا عام ماڻهوءَ جي لاءِ اهو خواب هيو ته اهو ڪڏهن گهٽ يا معمولي ڪرايي ۾ اي سيءَ وارين بسين ۾ صاف سٿرو، آرام ۽ آسائش وارو سفر ڪري سگهي.
ان ڪري هاڻوڪي جديد ٽرانسپورٽ جي نظام جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آ يا ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ اها وڏي بهتري آئي آ ۽ هڪ خاموش انقلاب برپا ٿيو آ جنهن جي شروعات ئي زبردست ٿي آ، جو شهري جڏهن پرائيويٽ بسن ۾ لڙڪي لڙڪي ۽ عورتون ڪنڊڪٽرن جي بدتميزي سهندي سهندي پنهنجي ڊيوٽي وارن هنڌن تي پهچنديون هيون يا ماڻهو گرميءَ ۾ شَلُ ٿي جڏهن هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي اڌَ مئا ٿي پهچندا هيا ته هاڻي انهن ماڻهن کان ڪير پڇي ته سنڌ سرڪار (پي پيءَ) جو اهو قدم انهن کي ڪيئن لڳو يا اهي پاڻ مرادو ان جديد ٽرانسپورٽ جي سسٽم جي بنا دير جي تعريف ڪرڻ شروع ٿي ويندا، ان ڪري اهو سڄو ڪريڊٽ سائين شرجيل انعام ميمڻ صاحب کي ٿو وڃي جنهن جي انقلابي سوچ سنڌ جي عام شهرين کي اي سيءَ وارين بسين ۾ سفر جي سهولتون مهيا ڪيون ۽ سنڌ جي شهرن کي انٽرنيشنل طرز جون بسيون فراهم ڪيون جن ۾ ماڻهو آرام ۽ عزت سان سفر ڪري سگهن ٿا يا جنهن ۾ ماڻهن کي ٽرانسپيرينسي ڏسڻ ۾ ايندي ته ڪيئن آرام سان بس کي بيهاري هر مسافر جو احترام ڪري کيس بس مان لاٿو ٿو وڃي ۽ ان جي هٿ جي هڪ اشاري تي اهي بسيون آرام سان بيهي ان مسافر کي بس تي چاڙهي وري روڊن تي آرام سان روانيون ٿين ٿيون.
انهن بسين جي ڊرائيورن ۽ ڪنڊڪٽرن جي اهڙي جديد اخلاقي ٽريننگ يا بنيادي تربيت به ٿيل آهي جو اهي ماڻهن سان ”توهان“ ڪري مخاطب ٿا ٿين ۽ ماڻهو انهن جي ڊريسنگ ۽ صاف سٿري يونيفارم مان سمجهن ٿا اهي سڀ پروفيشنل آهن ۽ مسافر به پاڻ کي محفوظ ٿا سمجهن ۽ ان اي سيءَ وارين بسين ۾ ٽڪيٽ جو نظام ايترو ته بهتر، آسان ۽ سڦل آ جو ماڻهن کي هاڻي احساس آهي ته 50 يا 100 ۾ هو ڪنهن پرائيويٽ ٽرانسپورٽ جهڙو سفر سنڌ سرڪار جي آندل جديد بسين ۾ ڪري سگهن ٿا ۽ جنهن ۾ وڏي ڳالھ اها به آهي ته ڪو به ماڻهو پاڻ کي غيرمحفوظ نه ٿو سمجهي ۽ صاف سٿري سفري سهولتن ۾ هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تي آسانيءَ ۽ آسائش سان سفر ڪري سگهي ٿو يا شهرن جي ٻين ترقياتي ڪمن تي جي اک ڦيرائبي ته اهو محسوس ٿيندو ۽ پاڻ مرادو هڪ احساس ٿيندو ته سموري پارٽي يا خاص سائين شرجيل انعام ميمڻ صاحب انهن عوامي ڪمن ۾ اڳ کان اڳرو آهي ۽ سڀ کان اعلي ڳالھ ته هي سڀ جديد ٽرانسپورٽ واريون سهولتون ڪنهن تعصب کان آجيون ۽ اعلي صفت جون آهن جنهن ۾ سموري پارٽي جو شڪريو ادا ڪجي ته انهن ايتري قليل عرصي ۾ اهي سڀ آسانيون ۽ ٽرانسپورٽ جون آسائشون ممڪن ڪري ڏيکاريون ۽ اسان سڀ دعاگو آهيون ته سائين شرجيل انعام ميمڻ صاحب ائين وري ٻيهر ۽ هر هر کَٽي ۽ سوڀارو ٿئي ته جيئن عوامي خدمت ممڪن ٿئي ۽ ماڻهن جي لاءِ اهڙين آسائشن ۽ آرامن جا در کلندا رهن ۽ عام ماڻهن تائين اهي سڀ آسانيون ميسر ٿين ۽ ٿي سگهن ۽ آسانيءَ سندن درڳليءَ پڄن، سائين تمام گهڻي مهرباني جو شهري سهولتون مهيا ڪندا رهو ٿا، آباد هجو.

پهنجو تبصرو موڪليو