ٻارن جي مزدوري ڪرڻ جا ڪارڻ ۽ مجبوريون

طارق راڄپر
جنھن ملڪ ۾ ڪرپشن، بي ايمانداري، ڪوڙ ۽ ٺڳي عام ٿيو وڃي، ان ملڪ ۾ وچولي طبقي کان وٺي ھيٺين طبقي جو ڏيوالو نڪريو وڃي. گھر جو ذميواريون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪرڻو ٿو پوي تڏھن وڃي گھرن جا خرچ پورا ٿين ٿا. ڇاڪاڻ تہ جنھن ۾ ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ ٺڳي عروج تي ھوندي، ان ملڪ ۾ مھنگائيءَ جو طوفان برپا ھوندو. ان مھنگائيءَ کي منھن ڏيڻ جي لاءِ گھر جي ھڪ ھڪ فرد کي پنھنجو پگھر وھائي ، رت ست چوسرائي، ۽ نٽھڻ اُسُن ۾ مزدوري ڪري پنھنجي چمڙيءَ کي ساڙي ڪارو ڪرائڻو پوي ٿو، تڏھن ئي گھر جو چرخو ھلي ٿو. ان گھر جي چرخي ھلائڻ ۾ گھرن جي وڏن فردن کان وٺي ارڙھن سالن کان ننڍا ٻار توھان کي خطرناڪ جڳهين، ڪارخانن ، دڪانن تي ڪم ڪندي ۽ پورهيو، مزدوري ڪندي ڏسڻ ايندا. ان ۾ وڏي ۾ وڏو ھٿ حڪمرانن جو ئي آھي، ڇاڪاڻ تہ حڪومت جڏھن بنيادي حق فراھم ڪرڻ ۾ ناڪام ويندي آھي، تڏھن مجبوريءَ ۾ اھڙا واقعا ظاھر ٿيندا آھن. حڪمرانن کي تہ ٻارڙن کي ارڙھن سالن تائين تعليم مفت ڏيڻ سان گڏوگڏ کين سھولتون ڏيڻ گھرجن تہ جيئن اڳتي ھلي سندن جي ملڪ جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ جاکوڙ ڪري. جتي ترقيءَ يافتہ ملڪن ۾ ٻارڙا سائنسي ايجادن کان ويندي مختلف تعليمي ۽ ٻين ڪيترن ئي ھنرن ۾ اڳتي آھن، ائين ئي پوئتي پيل ملڪن جي حڪمرانن کي ٻارڙن جي لاءِ مثبت سوچڻ گهرجي. جيڪي ملڪ پوئتي پيل آھن، ان جي ٻين سببن مان ڪرپشن بہ ھڪ سبب آھي. جنھن سان ملڪ جي معاشيات حالت ڏينهون ڏينهون پوئتي ڍڪجندي رھي ٿي. ۽ وسيلن ۾ پڻ کوٽ اچي وڃي ٿي. پر اسان جي معاشري ۾ کيس اھو بہ سيکاريو وڃي ٿو تہ ھاري جو پٽ ھاري ٿيندو ، غريب جو پٽ غريب ٿيندو، مطلب مزدوري ڪري گذر سفر ڪندو. جيڪو پڻ سندن جي نااميدي، مايوسيءَ ۽ ناڪامي جو ٻيو اھم سبب آھي.
جڏھن ارڙھن سالن کان گھٽ عمر وارن ٻارن تي گھرن جو ذميواريون اچي وينديون آھن، تڏھن ھُنن جون سموريون خواهشون دفن ٿي وينديون آھن. انھن جي خيالن جو مرڪز گھر ھلائڻ بڻجي ويندو آھي. چوندا آھن تہ ڏک، سک، لاڙھا ، چاڙھا زندگيءَ جو حصو آھن. ڏک ، تڪليفون انسان کي طاقتور بڻائينديون آھن . پر انسان کي کوکلو بہ ڪري ڇڏينديون آھن. ڏک، تڪليفون زندگيءَ جي ڏکين رستن ۽ دنياداريءَ جي سکيا ۽ تجربا ڏئي ڪري ذھني طور طاقتور بہ بڻائينديون آھن، پر جسماني طور انسان کي ختم ڪري ڇڏينديون آھن. ذميواريون کيس عمر کان اڳ ۾ ئي نوجوان مان سينئر ماڻھون بڻائي ڇڏينديون آھن. غربت ۽ مجبورين جي ڪري کيس زندگيءَ ۾ ڌڪا، ٿاٻا، ڊاٻا، دڙڪا، مختلف ماڻھن وٽان نفرت ڀريون ڳالھيون ٻڌڻيون پونديون آھن ۽ کين برداشت ڪرڻو پوندو آھي. ٻہ رپين ڪمائڻ لاءِ کيس نوڪر، غلام، ملازم بڻجڻو پوندو آھي. ان ۾ والدينن جو ڪو بہ ڏوھ ناھي. والدين تہ چاھيندا آھن تہ سندن اولاد نواب ھجي نوابن واري زندگي گذاري. پر حالتن ۽ مجبورين جي خاطر کيس نواب مان نوڪر ٿيئڻو پوندو آھي. پھرين مئي تي دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آھي. جنھن ۾ پڻ اھو چيو ويندو آھي تہ ٻارن کان ڪنھن بہ قسم جي سخت مشڪت واري مزدوري نہ ڪرائي وڃي.
پاڪستان جي آئين 1973 جي آرٽيڪل 11 ۾ ٻارن کان مزدوري ڪرائڻ جي منع ڪئي وئي آھي. جڏھن تہ آرٽيڪل 25-A ۾ واضع ٻڌايو ويو آھي تہ پنج کان سورھن سالن جي ٻارن کي رياست کي مفت تعليم ڏيڻ گھرجي. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي 2020ع رپورٽ مطابق 160 ميلن ٻار مزدور ھجڻ جا شڪار آھن،جنھن ۾ 97 ملين ڇوڪرا ۽ 63 ملين ڇوڪريون آھن. جنھن مان 79 ملين ٻار خطرناڪ جڳھين تي ڪم ڪن ٿا. 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻارن کان زراعت جي مزدوري ڪرائي وڃي ٿي. وڌ کان وڌ انگ آفريڪا جي ٻارن جو ملي ٿو. ٻارن کان زراعت، ڪارخانن، کاڻن، گھرن ۾ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. ڪيترن ئي ھنڌن تي ڏسجي تہ کين پنڻ جي لاءِ بہ استعمال ڪيو وڃي ٿو. پنج کان يارنهن سالن جي عمر تائين ڪيترائي ٻار توھان کي ھوٽلن، اسپتالن ، مسجدن، پارڪن ۽ ٻين جڳھين تي پنندي نظر ايندا. ٻارن جي مزدوري ڪرڻ جي ڪري سندن تي ڪيترائي جسماني طور تي نقصان پھچن ٿا. جنھن ۾ کيس ذھني طور نقصان پھچايو وڃي ٿو، جنھن سان ٻارن جي تخليقي صلاحيتون مڪمل ختم ٿي وڃن ٿيون. جسماني طرح تي کيس ڪم ڪرائي ڪمزور ۽ بيمار بڻايو وڃي ٿو. ٻارن سان زيادتي پڻ ڪئي وڃي ٿي ۽ کين تمام بداخلاقيءَ سان ڳالھايو پڻ وڃي ٿو. جنھن جا ٻارن جي زندگيءَ تي ڪيترائي منفي اثر پون ٿا. ملڪ پاڪستان ۾ پڻ توھان کي ٻار ھر قسم جي دڪانن تي، ڪارخانن تي، ٻنين ٻارن تي ڪم ڪندي نظر ايندا. غربت جي ڪري کين اسڪول کان پوءِ توھان کي ٻن رپين جي خاطر ، مجبورين خاطر ڪم ڪندي نظر ايندا. پاڪستان جي ڪنھن بہ حڪمران ان مسئلي تي سنجيدگيءَ سان غور ناھي ڪيو. نہ ئي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ ڪو ڪامياب قدم سرانجام ڏنو آھي. حڪمرانن کي اھو سمجھ ۾ ڇو نہ ٿو اچي تہ ھي ايندڙ نسلن جو مسئلو آھي. انھن جي بابت کين سوچڻ گھرجي.
انسانن جي حقن جي تنظيمن کي ھن معاملي تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گھرجي. يونيسيف ۽ ٻين دنيا جي تنظيمن کي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ جاکوڙ کي اڃان ٻہ قدم وڌيڪ وڌائڻ گھرجي. حڪومت کي نئين قانونسازي ڪري ٻارن کي پرائمريءَ کان يونيورسٽيءَ تائين مفت تعليم ڏني وڃي. ٻارن جي لاءِ سرگرميون ۽ ھنرن جا پروگرام آڻيا وڃن. اڄ جي دؤر ۾ جتي ٻين ملڪن جا ٻار انٽرنيٽ تي ڪروڙين ڪمائن ٿا، اتي پاڪستان ۾ سھولتن جي نہ ھجڻ جي ڪري پوئتي آھن. ٻارن جي بھتريءَ لاءِ کين سوچڻ گھرجي ۽ کين پنھنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جا موقعا فراھم ڪرڻ گھرجن. ٻارڙن جي مزدوريءَ تي مڪمل پابندي ھڻي قومي اسيمبليء مان بل پاس ڪرايا وڃن ان سان گڏوگڏ کين سھولتون ڏيڻ جو بہ بل پاس ڪرايو وڃي. ھر ھڪ ٻار کي بنا ڪنهن رنگ، نسل، ذات، قوم ، مذھب ۽ مسلڪ جي برابر حق، تعليم ۽ سھولتون ڏنيون وڃن ۽ کين يقين ڏياريو وڃي تہ توھان اسان جي ملڪ جا اڀرندڙ تارا آھيو، جيڪي ملڪ جي ترقيءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو