يوٽيوب وڏا موقعا ڏئي ڇڏيا، ڊبنگ جو سلسلو شروع

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)يوٽيوب واهپيدارن کي مختلف ٻولين ۾ وڊيو ڊب ڪرڻ لاءِ هٿرادو ذهانت تي ٻڌل فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي. خميس ڏينهن رٿيل تقريب ۾ ڪمپني طرفان اعلان ڪيو ويو ته پليٽ فارم گوگل جي ايريا 120 انڪيوبيٽر جي هٿرادو ذهانت جي ڊبنگ سروس ”الائوڊ“ سلهاڙيو پيو وڃي.الائوڊ جي ويب سائيٽ موجب اهو اوزار وڊيو کي پهريان ٽرانسڪرائب ڪندو ۽ واهپيدار کي ٽرانسڪرپشن پيش ڪندو ته جيئن ان کي ڏسڻ ۽ ان ۾ ترميم ڪري سگهجي. بعد ۾ ان ٽرانسڪرپشن جو مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيندو آهي ۽ ڊبنگ ٿي ويندي آهي. يوٽيوب طرفان اهو ٽول آزمائش لاءِ ڪيترن ئي تخليقڪارن کي پيش ڪيو ويو آهي. هن وقت اهو فيچر رڳو انگريزي، اسپينش ۽ پرتگالي ٻولي ۾ موجود آهي. جڏهن ته ٻيون ٻوليون جلد متعارف ڪرايون وينديون.محدود ٻولين باوجود الائوڊ تخليقڪارن جي وڌندڙ انگ کي پنهنجون وڊيوز ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو