وڏي عمر جي ماڻهن کي ڪورونا  ويڪسين لڳائڻ جوعمل شروع

وڏي عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جوعمل شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ ۾ 60 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن کي عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس کان بچاءُ  جي ويڪسين لڳائڻ جو عمل اڄ کان  شروع ٿي ويو آهي.رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 60 سال ۽ ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي چيني ڪمپني جي تيار ڪيل ويڪسين سائينو فارم لڳائي پئي وڃي. پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان محمد عاصم موجب بزرگ شهرين  کي ڪوونا ويڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ شروعاتي طور تي 50 بزرگ شهرين کي ويڪسين لڳائي وئي آهي. هن  ٻڌايو ته ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي عمل ۾ ڪنهن به قسم جي ري ايڪشن جي شڪايت ناهي آئي.ان حوالي سان حڪومت طرفان واضح ڪيو ويو آهي ته ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جي 60 سال ۽ ان کان وڏي عمر جي شهرين کي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر 1166 تي ايس ايم ايس موڪلڻو پوندو. رپورٽ موجب شهرين طرفان موڪليل ايس ايم ايس جو جواب ڏنو ويندو ۽ ٻڌايو ويندو ته شهري ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جي لاءِ ڪنهن سينٽر تي ۽ ڪڏهن ويندا.عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ ويڪسين هيلٿ ورڪرز کي لڳائي وئي هئي. هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو پهريون مرحلو 3 فيبروري 2021 تي شروع ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو