واٽس ايپ تي هاءِ ريزوليشن تصويرون موڪلڻ ممڪن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ آگسٽ ۾ اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ High-definition (ايڇ ڊي) تصويرون ۽ وڊيوز موڪلڻ جو فيچر متعارف ڪرايو هو. هاڻي اهو فيچر آءِ فون استعمال ڪندڙن لاءِ به متعارف ڪرايو ويو آهي. آءِ او ايس ڊوائيسز لاءِ نئين واٽس ايپ اپ ڊيٽ ۾ ان فيچر جو اعلان ڪيو ويو.ان فيچر سان آءِ فون واهپيدار پنهنجين تصويرن ۽ وڊيوزکي اورجنل ريزولوشن ۾ پنهنجن دوستن سان شيئر ڪري سگهندا. ان نئين فيچر تائين پهچ لاءِ پهريان ته اوهان کي واٽس ايپ کي اپ ڊيٽ ڪرڻو پوندو. ايپ کي اپ ڊيٽ ڪرڻ بعد جڏهن اوهان ڪنهن چيٽ ۾ ڪا به تصوير يا وڊيوز موڪلڻ لاءِ اپلوڊ ڪندئو ته مٿي موجود اميج ايڊٽنگ مينيو ۾ ايڇ ڊي جو آپشن نظر ايندو. جڏهن اوهان ايڇ ڊي بٽڻ تي ڪلڪ ڪندئو ته هڪ نئون پوپ اپ وندو ظاهر ٿيندو جتي اسٽينڊرڊ ۽ ايڇ ڊي ڪوالٽي جا آپشنز نظر ايندا، جنهن ۾ ايڇ ڊي تي ڪلڪ ڪريو. واضح رهي ته واٽس ايپ ۾ باءِ ڊفالٽ اسٽينڊرڊ ڪوالٽي کي سليڪٽ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو