ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ تي ستن ڏهاڪن تائين راڄ ڪندڙ مشهور اداڪار، هداتڪار ۽ پروڊيوسر ڪرڪ ڊوگلس پنهنجي چاهيندڙن مان هميشهه لاءِ وڇڙي ويو. ڪرڪ ڊوگلس اسٽيج اداڪاري سان گڏ وڏي اسڪرين تي به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا جنهن ۾ ان جي مشهور ٽي وي سيريز اسپارٽڪس به شامل آهي جنهن ۾ هن بهترين ڪردار ادا ڪندي ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي هئي. 19 16 ۾ پيدا ٿيندڙ ڪرڪ ڊوگلس هالي ووڊ جي ڪيترن ئي سپر هٽ فلمن ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ 1949 ۾ پهريون ڀيرو ان جي فلم چيمپئن آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو. 103 سالن جي عمر ۾ انتقال ٿيندڙ ڪرڪ ڊوگلس پنهنجي پوري فني ڪيريئر دوران 100 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. ڪرڪ ڊوگلس جو پٽ ۽ مشهور فلم ڊائريڪٽر مائيڪل ڊوگلس پنهنجي والد جي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو پوري دنيا لاءِ هڪ سونهري دور لاءِ ليجنڊ هيو پر اسان ڀائرن جوئل ۽ پيٽر لاءِ صرف هڪ پيءَ هيو مان پنهنجي والد سان تمام گهڻو پيار ڪيان ٿو ۽ مون کي ڪرڪ ڊوگلس جو پٽ هجڻ تي فخر آهي. واضح رهي ته ان جا پٽ مائيڪل ڊوگلس به پنهنجي بهترين اداڪاري سبب آسڪر ايوارڊ کٽي چڪو آهي.
