احمد رضا عباسي
پياري پاڪستان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ساڍا ٽي سال ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز، پاڪستان پيپلزپارٽي، جمعيت علماء اسلام سميت 13 جماعتن پارٽين جي سوا سال يعني 15 مهينا حڪومت رهي. جنهن کانپوءِ ھاڻي 14 آگسٽ تي هن حڪومت جو مدو پورو ٿي رهيو آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ موجوده حڪمرانن جون ڪوششون آهن ته 12 آگسٽ تي حڪومت کي الوداع ڪجي. جنهن لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، وزير اعظم شهباز شريف ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ پاڻ ۾ مشاورت ڪندي نئين نگران سيٽ اپ تي غور ويچار ڪري رهيا آهن. هونئن به ملڪ ۾ جمهوري سلسلو هلائڻو آهي ۽ جمهوريت کي برقرار رکڻ لاءِ جمهوري ڌريون پنهنجي ملڪ ۾ پائدار صاف شفاف منصفاڻين جڏهن چونڊون چاهيندا ته پنهنجو ملڪ ترقي جي راهه تي حقيقي معني ۾ گامزن ٿي سگهندو. پنهنجي ملڪ ۾ هميشه نگران حڪومتن ۾ سچا، کرا، ايماندار، مخلص ۽ نيڪ نيت نيوٽرل قسم جا غير جانبدار سياسي ماڻهو رکي وقت جا حڪمران نگران حڪومت جي لاءِ بهتر معاون ثابت ٿيندا رهيا آهن. هن ملڪ جا انيڪ مسئلا مهانگائي سڀ کان وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي. هن ملڪ ۾ ڪرپشن جي لعنت نمبر ٻئي تي اسان سڀني ملڪ واسين 22 ڪروڙ عوام لاءِ جڏهن ته هڪ بدبودار ناسور گند سان ڀريل مسئلو سامهون آيل آهي. هن ملڪ ۾ جڏهن الله پاڪ هر طرح جون قدرتي معدني وسيلن سان مالا مال نعمتون ڏنيون آهن. تيل، ڪوئلو، گيس، سمنڊ، بندرگاهه، هر موسم مطابق ميوات فروٽ، سبزيون، اناج، ڪڻڪ، چانور، وونئڻ ڪپهه وغيره نعمتون ڏنيون ويون آهن، هي ملڪ پئرس جو ڏيک ڏيڻ لڳي پر هتي سياسي ماڻهن جي ڄنڍا پٽ ويڙهه جهيڙي ۽ عوام بجاءِ سياستدانن کي نوازڻ جو عمل جاري آهي. پنهنجي ملڪ ۾ ريلوي اسٽيشن، بس اسٽاپ يا ٻين جاين تي ڪو خدا ترس ماڻهو جيڪڏهن سبيل صاف پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ گلاس ٿو رکي ته اهو گلاس به تالا لڳائي بچايو ويندو آهي، هتي هن خوشحال نعمتن سان مالا مال ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي اسٽيشن يا بس اسٽاپ تي واش روم وڃڻو آهي ته اتي به صرف پيشاب ڪرڻ جي عيوض 20 رپيا في ماڻهو کان ورتا وڃن ٿا. هاڻي اندازو ڪيو ته جنهن ملڪ ۾ گلاس محفوظ ناهي ۽ انهيءَ کي تالا لڳايا وڃن ۽ جتي واش روم ۾ پيشاب ڪرڻ تي به پئسا ڏيڻا پون ۽ پنهنجي ملڪ جي روڊن رستن تي آمد رفت جي مد ۾ وڏي رقم ٽول ٽيڪس جي نالي ۾ ورتي وڃي، جتي بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ داخل ٿيڻ تي دوائن ۾ مدي خارج ۽ ناڪاره دوائون ملڻ ۽ سرڪاري اسپتالن کان وڌيڪ نجي پرائيويٽ اسپتالن کي پروموٽ ڪيو وڃي ٿو، هڻ ملڪ ۾ واقعي جيڪڏهن جمهوريت ۽ جمهوري ادارن ۾ ائين ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻي آهي ۽ مستحڪم ڪرڻو آهي ته پوءِ نگران حڪومت ۾ پنهنجا واٺا، خوشامدي، سپورٽر نه پر نيڪ نيت مخلص ايماندار سياسي، سماجي، مذهبي وطن ملڪ ديس سان سچن معتبر عزت مآب شاندار شخصيت جي مالڪ ماڻھن کي نگران حڪومت ۾ آندو وڃي. اسٽيبلشمينٽ کي کپي ته اها خانه پوري نه پر صاف شفاف غير جانبدارانه منصفاڻي چونڊن لاءِ ملڪ جي حقيقي مخلص وطن جي خير خواهه ماڻهن کي اڳتي آڻي نئين نگران سيٽ اپ ۾ مقرر ڪيو وڃي. جهڙوڪ ماضي ۾ نگران سيٽ اپ ۾ سنڌ ۾ وزير اعلي سنڌ سردار ممتاز علي ڀٽو، صوبائي وزير تعليم ڊاڪٽر ميڊم حميده کهڙو، درگاهه همايون شريف جي بزرگ سائين ميان عبدالباقی همايوني کي اوقاف جو وزير طور کنيو ويو هيو اهڙي طرح ٻيا به ڪافي نالا شامل آهن. هاڻي موجوده نگران سيٽ اپ ۾ رڳو پنهنجا نواز سپورٽر نه کنيا وڃن نه ته پوري نگران حڪومت تي شڪ شبها ۽ خدشا وڌڻ لڳندا. جيڪڏهن ٿي سگهي ته نگران حڪومت ۾ ملڪي ساک رکندڙ محب وطن سياستدانن، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن کي اڳتي آندو وڃي، جنهن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهه سياسي شخصيت عبدالله حسين هارون جنهن جون بين الاقوامي سطح تي اڳ ۾ ئي خدمتون ورتيون ويون آهن. شڪارپور جي اصل رهواسي اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو جي ايڊوائزر محمد عثمان عيساڻي، سابق وزير اعظم محترمہ بينظير ڀٽو جي ويجهن ساٿين ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر محترمه اشرف عباسي جي فرزند لاڙڪاڻي شهر جي عباسي خاندان جي اهم سياسي شخصيت ڊاڪٽر صفدر عباسي، پاڪستان جي اهم مذهبي شخصيت رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان، سماجي ڀلائي جي عالمي شخصيت مولانا بشير فاروق قادري، ملڪ ۾ هڪ اهم شخصيت ۽ پاڪستان نظام مصطفي پارٽي جي سربراهه اڳوڻي وفاقي وزير پئٽروليم حاجي محمد حنيف طيب، ڊاڪٽر اديب رضوي، ڊاڪٽر منظور ملاح، ميان عبدالباقی همايون، مخدوم نديم احمد هاشمي سنڌ جي قديم درگاهه کهڙا شريف جي گادي نشين، مفتي محمد ابراهيم قادري سکر، پير غلام رحماني ٺٽو، صاحبزادہ مفتي محمد زبير هزاروي صديقي ڪراچي، هڪ شاندار ليکڪ اديب سياسي مدبر سوين ڪتاب لکندڙ مصنف پير ڪرم الله الاهي نقشبندي مدني سميت اهڙا ڪيترائي نالا آهن جيڪي پنهنجي ملڪ پاڪستان سنڌ جي خدمت هر وقت ڪندا پيا اچن انهن کي ڪا به لوڀ لالچ ۽ وڏيون خواهشون ناهن پر انهن جون اهي ڪوششون ضرور رهيون آهن ته ملڪ بهتر رستي ٽريڪ تي هلڻ لڳي، جيڪڏهن اهڙن معتبر شخصيتن جي لاءِ پنهنجي اسٽيبلشمينٽ ملڪي ڪاروهنوار هلائيندڙ ٿورو به سنجيده ٿي سوچين ته گهٽ ۾ گهٽ ملڪ ۾ نيوٽرل غير جانبدار، صاف شفاف منصفاڻيون چونڊون ٿي سگهن ٿيون. نه ته جيئن پنجاب جي اڳ ۾ مقرر ٿيل نگران وزير اعلي محسن نقوي هڪ ڌر بڻيل آهي. انهيءَ لاءِ نگران صفا نيوٽرل غير جانبدار هجڻ گهرجن جيڪي صحيح طريقي سان صاف شفاف چونڊون ڪرائي سگهن ڪنهن جي حڪم جا غلام نه هجڻ. سمجهڻ گهرجي ته ليڊر آف هائوس ۽ ليڊر آف اپوزيشن ۽ صوبن ۾ به وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر حليم شيخ نه ته پارليامينٽري ڪميٽي جي صلاح مشوري بعد ضرور لائحه عمل جوڙڻ بعد ڪا بهتر حڪمت عملي ملڪ لاءِ ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته 60 ڏينهن ۾ هر صورت ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ سڀئي سياسي پارٽيون متفق آهن. انهيءَ لاءِ جو سياسي پارٽيون ڪڏهن نه چاهينديون ته نگران حڪومت بهتر ڪم ڪري پنهنجو نالو ويهاري وڃي ۽ اسان جي عوامي گرفت نڪري وڃي. آئيني ۽ قانوني طور تي هونئن به صاف شفاف منصفاڻيون ۽ غير جانبدارانه چونڊون ڪرائڻ ڪنهن ڪمال کان گهٽ ڳالھ ڪونھي. ملڪ جي اندر آڪٽوبر يا نومبر ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ چوٻول هلندڙ آهن وڌيڪ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون ڪهڙيون گهرجون پراسسز آهن ۽ اليڪشن جو ڪيترو ڪم رڪيل يا سست يا مڪمل تياريون مڪمل ڪيون آهن انهي مطابق جمهوري عمل کي بهتر نموني برقرار رکڻ لاءِ جلد ئي اليڪشن جو اعلان ڪري سگهجي ٿو. هڪ ڳالهه واضع ۽ چٽي هجڻ گهرجي ته جيڪي به سياسي، مذهبي ۽ ٻيون جماعتون آهن ۽ اهي رجسٽرڊ ٿيل آهن ۽ اهي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جا خواهشمند آهن ته انهن کي اليڪشن ۾ ضرور شامل ڪيو وڃي ۽ هروڀرو ڪنهن تي ڪوڙ بي بنياد الزام يا اعتراض ڪري اليڪشن جي عمل کان پري نه رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. سڀني ملڪ واسين کي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لاءِ لائحه عمل ترتيب ڏنل هجي، وڏي ڳالهه ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اليڪشن ۾ حصو وٺندڙن کي هڪ ڳالھ جو پابند ڪيو وڃي ته اليڪشن ۾ ڪروڙين اربين رپين جي خرچ تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، هٿيارن جي نمائش تي عملي طور تي پابندي هجڻ کپي، مخالف اميدوار تي ذاتي حملا نه هجڻ گهرجن، هرهڪ پارٽي، جماعت کي آزادانه ماحول ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ڏنو وڃي. جيئن وڌيڪ جمهوري عمل برقرار رهڻ سميت روان دوان ۽ ملڪ هن بحراني صورت حال مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي.
