ناول اڌ چھرو جو تنقيدي اڀياس

خاصخيلي لطيف راولاڻي
دنيا ۾ ادب جي ميدان ۾ سڀ کان زياده ناول ئي پڙھيا وڃن ۽ اھي ادب جي ٻين صنفن کان گھڻو شايع ٿين ٿا ايستائين جو دنيا جي ادب جي نوبل انعام لاء به ناول کي ترجيح ڏني ويندي آھي ۽ ناول کي ئي نوبل انعام مليا آھن شيڪسپيئر به ناول لکڻ جي ڪري نالو ڪمايو جنھن جا ڪتاب دنيا جي ھر ٻولي ۾ ترجمو ٿي چڪا آھن ۔ادبي ٻولي ۾ ان کي فڪشن ادب جو نالو ڏنو ويو آھي ورھاڱي کان اڳ ۾ تمام گھڻا ناول لکيا ويا ۽ ترجمو ٿيا ۔ورھاڱي کان پوء اسان جا ھندو سنڌي اديب سنڌ کان ھنڌ لڏپلاڻ ڪري ويا ته ناولنگاري کي به پاڻ سان کڻي ويا ۔ڪافي سالن جي ماٺار کان پوء ھاڻي ٻيھر سنڌ ۾ ناول لکڻ شروع ٿي ويو آھي پر ان ۾ تيزي پڻ اچي وئي آھي موجوده ادب ۾ ناول تمام گھڻو لکجي ۽ شايع ٿي رھيو آھي جو ھڪ ناول جا ٽي چار ڇاپا تيزي سان شايع ٿي رھيا آھن ۽ پڙھندڙن ۾ به اضافو ٿئي پيو۔اڪثر ڪري محفلن ۾ ڪچھرين ۾ چيو ويندو آھي ته ادب ڪونه ٿو پڙھجي پر ھاڻي ائين نه آھي ڀلي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو دور آھي پر ڪتاب گھڻو پڙھيا وڃن ٿا جنھن جو مثال سنڌ جي مختلف شھرن ۾ لڳندڙ ڪتابي ميلن مان نظر اچي ٿو۔ناول لکڻ ايڏو سولو نه آھي جيترو اڄ جا اديب لکن ٿا۔اسان ٽ سنڌي ادب ۾ خاص طور تي تاريخي ناولن جي وڏي اھميت آھي جيڪي ان دور جي حقيقي سچي تاريخ پيش ڪن ٿا جيڪا ڳالھ ان دور جا تاريخدان۽ مورخ نه لکي سگھيا ۔اھي تاريخي سچا واقعا حقيقت تي مبني اسان کي ناول جي روپ ۾ ملن ٿا انھي ڏس ۾ رسول ميمڻ راجا ڏاھر جي دور جون تاريخي حقيقتون اسان کي ناول جي روپ ۾ اوڻيھ عورتون ۽ ورھاڱي کان اڳ وارين حالتن تي لکيل اک ڇنڀ ناول ۾ ملن ٿيون ۔محترم عبدالواحد سومري جا اڳ ۾ ٻه ناول شايع ٿيا آھن ايلسا ۽ مس ڪال جي نالي سان جنھن ۾ مس ڪال جو ٻيو ڇاپو به شايع ٿي چڪو آھي ۔پبلشر جي چواڻي ته پھريون ڇاپو جلد وڪرو ٿي ويو ان ڪري مس ڪال جو ٻيو ڇاپو شايع ڪرڻو پئجي ويو ۔ادبي تنقيدي حوالي سان ڏٺو وڃي ته انھن ٻنھي ناولن ۾ ڪابه تاريخي روئداد ڪونھي عام معاشرتي ناول آھن ۔ھي ناول اڌ چھرو جي نالي سان شايع ٿيو آھي ھن ۾ معاشري ۾ خوشحال برگر آزاد خيال فئملي جو ذڪر آھي جن وٽ رشتن جي ڪابه معنى ڪونھي ۔خاندان جو ھر فرد آزاد آھي جنھن سان به وڃي تعلقات قائم ڪري ۽ ان کان علاوه اسان جي سماج ۾ اين جي او جو ڪلچر ڏيکاريو ويو آھي ته اتي صنفي امتياز کان آزاد عورت ۽ مرد گڏجي ڪم به ڪن ٿا ۽ ھر خانداني رشتن ۾ آزاد ھوندا آھن ۔عورت کي به مڪمل آزادي ھوندي آھي ته ھو آزاد معاشري جو مڪمل فائدوکڻي سگھي ۽ پنھنجي زندگي گذاري سگھي جنھن کي ادب ۾ روشن خيال به چيو ويندو آھي ۔ناول ۾ ڪا خاص ڪھاڻي يا مواد ڪونھي جو ان کي بنيادي يا بھترين ناول چئي سگھجي عام روائتي ڪھاڻي ڏنل آھي جنھن ۾ صرف شھرن جا نالا اصلي ڏنا ويا آھن ڪردار خفيه رکيا ويا آھن شايد سچو واقعو ھجي جيڪو ليکڪ جي اڳيان رونما ٿيو ھجي يا صرف خيالي ڪھاڻي ھجي جئين ناول لاء گھربل ھوندي آھي اڌ چھري جو پوري ناول ۾ ذڪر ڪونه ٿيو آھي صرف آخري ٻڻ صفحن تي جتي ناول پڄاڻي تي پھچي ٿو ته اتي اڌ چھري جو ٿورو ذڪر آھي ۔واضح رھي ته عنوان ۽ ڪتاب جي نالي ۽ ٽائٽل جي وڏي اھميت ھوندي آھي دنيا جا تمام گھڻا ناول ٽائٽل ۽ ڪتاب جي نالي جي ڪشش جي ڪري وڪرو ٿيندا آھن ۽ پنھنجي مارڪيٽ ٺاھيندا آھن ۔پرھي ناول نالي ۽ ٽائٽل جي ڪري پنھنجي حيٽيت وڃائي ويھندو جيڪا منھنجي تنقيدي راء آھي ٿي سگھي ٿو مان غلط ھجان ۔موسم ۽ ماحول سدائين ھڪ جھڙو نه رھندو آھي ان ۾ تبديليون اينديون رھنديون آھن ۔شايد انھي ڏس ۾ به ڪي تبديليون اچي وڃن ۔نقاد کي ته ادبي حق ھوندو آھي ته ھو تنقيدي نقط نظر سان لکي جئين ليکڪ جي اصلاح ٿئي نه ڪي درٻاري اديب ٿي تعريفون لکي پورا پنا ڀري سگھي ۔اڄوڪي دور ۾ تنقيد جو پھلو مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آھي ۔دوست ٻئي دوست تي اصلاحي تنقيد به ڪونه ٿا ڪن جئين چاء پيئڻ کان به وڃون ۔ھي ناول نالي جيان اڌ چھرو اڌورو ناول آھي ان ۾ اڃان وڌيڪ فڪشن جي ضرورت آھي جيڪو اڄ جو پڙھندڙ چاھي ٿو ته ان ناول ۾ رس چس ھجي جئين مھتاب محبوب جي ناول خواب خوشبو ڇوڪري ۽ سنڌ ڪماري تاريخي ناول ۾ جيڪا منظرڪشي ڪئاي وئي آھي ۔اھا منظرڪشي ھن ناول ۾ ڪونھي ۔بلڪه اڌوري آھي ۔ھي ناول مرڪ پبليڪشن ڪراچي طرفان شايع ٿيو آھي .

پهنجو تبصرو موڪليو