ناحق باندي بڻائڻ تي 3 اي ايس آءِ سميت 6 ڄڻن کي 7 سال سزا

دادو/ ميهڙ(ادل مهيسر/ غلام حسين پنھور) ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج  شفيع محمد پيرزاده جي عدالت پاران ناحق باندي بڻائڻ تي 3 اي ايس آءِ هڪ هيڊڪانسٽيبل، هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ ڊرائيور کي 7 سال جي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پوليس اهلڪارن ۾ اي ايس آءِ سجاد علي، اي ايس آءِ قربان بالادي، اي ايس آءِ آصف ميراڻي، جمعدار ڪانڊيرو چانڊيو، پوليس اهلڪار عادل چانڊيو، ڊرائيور اياز حسين ڪولاچي شامل آهن جن کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. واضح رهي ته ھڪ سال اڳ راڄوديرو ٿاڻي تي درخواست گذار آصف لاشاري جي درخواست تي عدالت پاران ڇاپو هنيو ويو هو جنهن دوران ناحق باندي بڻايل نوجوان کي آزاد ڪرايو ويو هو عدالتي حڪمن بعد 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري جڊيشنل لاڪ اپ بعد ڊسٽرڪٽ جيل دادو منتقل ڪيو ويو آھي ياد رهي ته اي ايس آء سجاد جمالي هن وقت ٿرڙي محبت ٿاڻي تي ايس ايڇ او پڻ مقرر ٿيل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو