ميان سانڊي جو تيل ڪم نه ايندو! وصعت الله خان

برطانوي ماھرِحياتيات جين گوڊال جو نالو انھن چند نامور سائنسدانن ۾ ڳڻبو آهي جن پنهنجي زندگي جانورن جي عادتن ۽ عمل و حرڪت دريافت ڪرڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي آهي. جيوگرافي چينل پاران ڪجھه ڏينھن پھريان ھن 82 سالن جي محقق کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ “جين گوڊال ھڪ اميد” جي نالي سان دستاويزي فلم پڻ جاري ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي جين گوڊال منعقد ٿيل تقريب ۾ ٻڌايو ته جنهن وقت تائين اسين جھنگلي جيوت جي توھين روڪي عزت نه ڏينداسين تيستائين دنيا ۾ ھڪ نه ٻيو وائرس جنم وٺندو رھندو. اسان صرف ويڪسين ٺاهي وائرس کي روڪي نٿا سگهون.

جيئن جيئن اسان جھنگلات کي ڪٽي ختم ڪري رھيا آھيون تيئن تيئن جنھگلي جانورن جي انسانن سان جبري قربت وڌنڌي وڃي ٿي جنهن سبب وائرس ھڪ جهنگلي جانور مان پالتو جانور ۾ منتقل ٿيڻ بعد انسان کي چنبڙي وڃي ٿو يا وري  جهنگلي جانور جوگوشت واپرائڻ سبب يا وري جھنگلي جانور سان انسانن پاران رابطي رکڻ بعد منتقل ٿئي ٿو. ايڇ آئي وي ھجي يا وري ايبولا، سارس، مرس، سوائن فلو، برڊ فلو، ببونڪ پليگ يا ھاڻي وري ڪورونا وائرس. انهن سڀني جي جڙ جهنگلي جانورن سان انسانن جي قربت آهي. ھڪ الميو اھو به آهي ته سواءِ ٻن يا ٽن وائرسن جي اسان ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي ناهيون سگهيا ته دراصل ڪھڙو وائرس ڪنهن جانور مان انسان تائين منتقل ٿيو. مگر اسان کي اھا ضرور خبر آهي ته جڏهن جهنگلي ٻليون، چمڙا، شڪاري جانور، مرغين يا وري چوپائي مال سميت ھر قسم جي پالتو جانورن کي ھڪ ساڻ گڏ پنجري اندر قيد ڪري وڪرو ڪيا ويندا يا وري انھن ۾ موجود وائرس جي جانچ ڪئي بغير قرنطينا مان گذارڻ بجاءِ غير قانوني طور اسمگل ڪيا ويندا يا وري ڪروڙين پالتو جانور کي غير صحت مند حالتن ۾ رکيو  ويندو يا وري ھڪ ھنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويندو، يا انهن جي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي توڙي غير فطري طريقا استعمال ڪرڻ جو انڌا ڌنڌ استعمال ڪيو ويندو ته پوءِ يقين ڄاڻو ته اسان پنهنجيون زندگيون خطري ۾ وجهي انھن خطرناڪ وائرس کي گھر تائين پاڻ پھچائي رھيا آھيون. جيتوڻيڪ ڪورونا وائرس جي ڦھلجڻ بعد چين، ويٽنام، انڊونيشيا سميت ڏکڻ ايشيا اندر اھڙيون سڀئي منڊيون بند ڪيون ويون آهن جن ۾ جهنگلي جانورن يا وري پکين جو گوشت کلي عام وڪرو ڪيو ويندو آهي. چين اندر اھڙي قسم جي جانورن توڙي پکين جا 20 ھزار فارم به بند ڪيا ويا آهن. چين ان باري ۾ قانون سازي پڻ ڪري رهيو آهي پر تنهن باوجود ان قانون اندر سائنسي تجربا ۽ طبي مقصد لاءِ ھيٺين سطح تائين جهنگلي جانور جي خريدوفروخت کي ڇوٽ ڏني وئي ته ان ڪاروبار کي جڙ کان ختم نه ڪري سگھبو جنهن سان لکين ماڻهن جو ڪاروبار وابسته آهي. عجيب ڳالهه اها به آهي ته آمريڪا ۾ اھڙي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ سخت قانون پھريان کان موجود آهن تنھن باوجود جهنگلي جيوت جي ڪاروبار جي ٻئين نمبر وڏي منڊي چين بعد آمريڪا ۾ آهي. چين ھجي يا وري آمريڪا جهنگلي جيوت جي غير قانوني کيپ صرف 10 پرسنٽ پڪڙي ويندي آهي. جنهن جو مقصد اهو آهي ته اھڙي اسمگلنگ ڪندڙ وڌيڪ ھوشيار آھن يا وري اھڙو ڪڌو ڪم روڪرائڻ لاءِ بڻايل نظام بدعنواني تي مشتمل آهي. عالمي سطح تي جھنگلي جانورن جو قانوني توڙي غير قانوني ڪاروبار لڳ ڀڳ چوھتر ارب ڊالر آهي. اھڙن جانور کي مقامي ماڻھو پاران پڪڙي اسمگلنگ ڪندڙن جي حوالي ڪيو ويندو آهي. مقامي ماڻهن پاران اھڙو ڪم غربت خاطر ڪيو ويندو آهي جڏهن ته انهن جو غذائي گذارو صرف ۽ صرف اھڙن ڪمن تي مشتمل ھوندو آھي. عالمي تجارتي اداري پاران خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس سبب عالمي معيشت کي چار ھزار ارب ڊالرن (چار ٽرلين) جو نقصان پهچي سگهي ٿو جڏهن ته جهنگلي جيوت جي ڪاروبار سان وابسته ماڻھن جو خرچو ڪل ملائي ڪري ھڪ کرب ڊالرن جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو. جنهن وقت تائين طلب تنهن وقت تائين فراهمي، ڀلي توهان ڪيترو به سخت قانون ٺاھي ڇڏيو، تنھن ڪري عام ماڻهن کي اھو پڻ سمجهڻ جي اشد ضرورت آهي ته جهنگلي جيوت سان دوستي جو اھو ئي تقاضا آهي ته توهان انهن کي گھر جي دسترخوان توڙي ذاتي چڙيا گھر بجاءِ انهن کي پنهنجي فطري ماحول ۾ رھڻ ۽ جيئڻ ڏيو ٻي صورت ۾ فطرت توهان کي زنده رھڻ ڪون ڏيندي. اگر ڪورونا جھڙن حادثن کان بچڻو آهي ته رڳو عارضي اپائن سان فائدو ناهي ٿيڻو، نه ئي اھا پھرين وبا آھي، نه ئي وري ان جي ويڪسين ڪنهن ٻئي ايندڙ وبا لاءِ ڪم ايندي.وڻن ۽ ٻيلن جي تمام گهڻي ڪٽائي سبب بي گهر ٿيل حياتيات جي بحالي ۽ ان جي تجارت کي عالمي، علائقائي ۽ قومي سلامتي جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. ان مقصد لاءِ عالمي برادري ھڪ کان ڏيڊ کرب ڊالر سالانه وقف ڪري ته شايد نئين ايندڙ وائرس کان ست اٺ ٽرلين ڊالر جي نقصان سميت لکين قيمتي جانين جي نقصان کان به بچي سگهجي ٿو. اھو سڀ ڄاڻڻ باوجود توهان قوت باھ وڌائڻ لاءِ سانڊي جو تيل يا چھري جي غير ضروري داغن کي ختم ڪرڻ لاءِ نانگ جو گرم گرم رت پيئڻ يا وري جهنگلي ٻلي جو گوشت کائڻ لاءِ بضد آهيو ته اوهان جي مرضي. عمل سي زندگي هي جنت ڀي تو دوزخ ڀي.(بي بي سي اردو لاءِ هي مضمون نامياري صحافي وصعت الله خان لکيو جيڪو سنڌيار لاءِ امان الله سومرو ترجمو ڪيو.)

پهنجو تبصرو موڪليو