”مولانا طبيعت خرابيءَ سبب پرڏيهه هليو ويندو“مفتي قوي

لاهور (ڊيسڪ نيوز) مقتول ماڊل قنديل بلوچ پاران ڍاهيل وڊيو سبب مشهوري ماڻيندڙ مفتي عبدالقويءَ پيشنگوئي ڪئي آهي ته 27 آڪٽبر واري ڏهاڙي مولانا فضل الرحمان طبي سببن جي ڪري ملڪ کان ٻاهر به وڃي سگهي ٿو. لاهور پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مفتي قويءَ چيو ته ناموس رسالت جي نالي تي چندو وٺڻ سان بخار به ايندو آهي ۽ دل جو دورو به پوندو آهي جنهن جي ڪري 26 آڪٽوبر تي مولانا فضل الرحمان جي جسم ۾ تبديليون واقع ٿينديون ۽ سندس طبيعت خراب ٿي سگهي ٿي جنهن ڪري مولانا کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻو پوندو. ”جيو اردو ويب سائيٽ“ پريس ڪانفرنس جي تفصيلن ۾ مفتي عبدالقويءَ جو اهو جملو به لکيو آهي جنهن ۾ هن مولانا فضل الرحمان کي 05 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته مولانا آصف علي زرداريءَ، شهباز شريف، مريم نواز، محمود اچڪزئيءَ ۽ ٻين کي وڃي ٻڌائي ته حضرت محمد صلي الله عليه وسليم کي آخري نبي مڃيندڙ عمران خان پوري دنيا ۾ تحفظ نبوت جو ڪيس وڙهي رهيو آهي مولانا فضل الرحمان پنجن ڏينهن اندر ايئن نه ڪيو ته ملڪ جا عالم سندس خلاف اٿي پوندا. مفتي قويءَ اهو پڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان نحوست ڦهلائي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو