منصور جو سنڌو لکت تي تحقيقاتي ڪتاب جو جائزو

خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌي ادب ۾ منصور ٿلھو جو نالو ادبي دنيا جي لاء نئون ڪونھي پاڻ سنڏي ناول تي ايم فل ڪرڻ کان پوء سنڌي ادب کي ايستائين پنجويھن کان مٿي ڪتاب ڏيئي چڪو آھي ۽ اڃان به سندس لکڻ جو ۽ ڪتاب شايع ڪرڻ جو عمل جاري آھي ادبي دنيا ۾ پاڻ تحقيقي ادب کان علاوه لسانيات تي تمام وڏي تحقيق ڪندي موئن جي دڙي جي لکت سنڌو لکت تي تحقيق ڪندي ايستائين چار کن ڪتاب لکي چڪو آھي ۽ اڃان به سنڌو لکت تي تحقيق جاري آھي ۔پاڻ انھي جستجو ۽ جاکوڙ ۾ رھندو آھي ته اھا موئن جي دڙي جي لکت جن کي اسان جي ماضي جي عالمن تحقيق ڪري اڻپورو ڪري ڇڏيو ھو ڊاڪٽر منصور ٿلھو انھي ڇڏيل ڪم کي اڳتي کڻي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش۾ رڌل آھي ته اھا موئن جي دڙي جي ٻولي جنھن کي سنڌو لکت جو نالو ڏنو ويو آھي اھا ڪھڙي دور جي ۽ ڪھڙن ملڪن ۾ لکي ۽ پڙھي ويندي ھئي انھي کوجنا ۾ پاڻ ھي نئون ڪتاب ڪورين ,ريونس فٿارڪ لپيون ۽ سنڌو لکت لکي انھي ڪم ۾ وڌيڪ واڌارو ڪيو آھي ۔انھي ڪتاب جي ارپنا به موئن جي دڙي تي جنھن شخص سڀ کان پھرين تحقيق ڪئي ھئي انھي جي نالي ڪيو آھي اھو شخص بنگلاديش جي ڌرتي سان واسطو رکندڙ ھو جنھن جو نالو آر ڊي پئنرجي ھو ھي مشھور آرڪيالاجسٽ جنھن سڀ کان پھرين موئن جي دڙي جو ماڳ ڳولي لڌو ھو ۔ھي مشھور آرڪيالاجسٽ 12 اپريل 1885ع ۾ بنگال جي ضلع مرشدآباد ۾ پيدا ٿيو ۽ 23 مئي 1930ع ۾ انڊيا جي شھر ڪولڪتا ۾ وفات ڪيائين ۔ڊاڪٽر منصور جي تحقيق جي مطابق سنڌي ٻولي آڳاٽي آھي ۽ ٽي قبل مسيح کان لکي ۽ پڙھي ويندي ھئي جن جا لکت ۾ ثبوت پڻ ڊاڪٽر منصور ھٿ ڪيا آھن .ٻولي جي باري ۾ دنيا جي ماھرن جو خيال آھي ته دنيا جون ٻوليون سنڌو لکت سميت ارتقا جون منزلون طي ڪندي صورتون مٽائينديون رھيون آھن موئن جي دڙي جي مليل مھرن مان اندازو لڳائجي ٿو ته اھي به مختلف دورن ۾ استعمال ٿينديون رھيون آھن ۔اھا دنيا جي قديم رسم الخط آھي جڏھن اسان دنيا جي ٻين ٻولين جو جائزو وٺون ٿا جن ۾ عبراني يوناني اطالوي ۽ مصري ٻوليون اچي وڃن ٿيون ته انھن جي رسم الخط ۾ ڪافي ھڪچھڙائي ملي ٿي جيڪي ان دور ۾ انھن ملڪن ۾ ڳالھايون وينديون ھيون ڊاڪٽر منصور سنڌو لکت کي دنيا جي مختلف ٻولين سان ملائيندي انھي نتيجي ته پھتو آھي ته ان دور ۾ ٻولين ۾ ڪافي حد تائين ھڪجھڙائي ھوندي ھئي انھي سلسلي ۾ پاڻ دنيا جي مختلف ۾ وڃي اتي لسانيت جو مطالعو ڪري نتيجا اخذ ڪندو آھي تازو لکيل ڪتاب جيڪو ڪوريا جي ٻولي تي تحقيق آھي انھي لاء پاڻ ڪوريا ۾ رھندڙ سنڌي دوستن سان رابطا ڪري معلومات ورتي ۽ اتي پنجويھن سالن کان رھندڙ سنڌ واسي سليمان خاصخيلي کان معلومات ورتي جنھن کي ڪورين ٻولي تي مھارت ھئي اتان ڊاڪٽر صاحب ڪافي معلومات گڏ ڪري ھي تحقيقي ڪتاب مرتب ڪري لکيو آھي ۽ ان ۾ چارٽن وسيلي اھو ظاھر ڪيو آھي ته سنڌو لکت ۽ ڪوريا جي لکت ۾ ڪافي لفظ پاڻ ۾ ملن ٿا ۽ انھن جون لپيون به سنڌو لکت سان ھڪجھڙائي رکن ٿيون ۔ان کان علاوه ريونس فٿارڪ لپيون به سنڌو لکت سان ڪافي ھڪجھڙائي رکن ٿيون ۔ڊاڪٽر منصور جو ھي ڪتاب سنڌي ادب جي لسانيت جي شعبي ۾ اھم جاء والاري ٿو ۽ اڳتي ھلي سنڌو لکت تي وڌيڪ ڪم ڪندڙن ۽ تاريخ جي شاگردن جي لاء ھڪ بھترين گائيڊ جي طور تي رھنمائي ڏيندو ۽ نوان رستا ڏيکاريندو ۔تاريخ ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيندو پيو وڃي تحقيق جا نوان رستا کلي رھيا آھن جديد دور ۾ انسان نئين راه جي ڳولا ۾ آھي اھڙي ريت ڊاڪٽر منصور به سنڌ کان ٻاھر رھندي مسلسل سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاء جاکوڙي رھيو آھي پاڻ رھندو ته امريڪا ۾ آھي پر ان جون نظرون دنيا جي ھر ملڪ تي ھونديون آھن جتي ان کي سنڌو لکت جي کوجنا ھوندي آھي ته ڪھڙن ملڪن ۾ سنڌو لکت جي ھڪجھڙائي آھي ۽ پوء ھو انھي ملڪ طرف سفر ڪري اتي پھچي اتي جي تحقيقي ادارن ۾ وڃي ٻولي جي ڳولا جاري رکندي گھربل نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي جيڪا محنت ۽ جستجو جاري آھي ۔زير نظر ڪتاب به انھي جي ھڪ ڪڙي آھي جيڪو پڻ موئن جو دڙو ريسرچ پبليڪيشن طرفان شايع ڪرايو ويو آھي جيڪو ادارو صرف موئن جي دڙي جي سنڌو لکت جي باري ۾ ڪتاب شايع ڪرائڻ ۽ ان تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاء قائم ڪيو ويو آھي جئين انھي تحقيقي ڪم کي اڃان به وڌيڪ دنيا جي آڏو روشناس ڪيو وڃي ۔۔ھي ڪتاب اپريل 2023ع ۾ شايع ٿيو آھي قيمت به مناسب رکي وئي آھي ڪتاب جا صفحا 150 آھن ۽ مختصر نموني سان سولائي سان چارٽ ۽ نقشن سان سنڌو لکت جي ڀاري ۾ سمجھاڻي ڏني وئي آھي

پهنجو تبصرو موڪليو