ملڪ ۾ وڌندڙ گرمي ۽ احتياطي تدبيرون

تحريرعبدالاحد گھنڃو 

اڄ ڪلھ اسان جي ملڪ ۾ گرمي پنهنجي زور شور سان شروع ٿي چڪي آهي ۽ گرمي جي شدت ھميشه وانگر ھن ڀيري به پنهنجي عروج تي آهي ـ اسان وٽ گرمي جي مند وڏو وقت رھي ٿي باقي ٻيون موسمون ته  اسان جي ملڪ ۾ نالي برابر آهن ڇو جو سردي ته  سالن پٺيان اسان جي ملڪ ۾ ميداني اعلائقن  ۾ ڪڏهن ڪڏهن گهڻي پوي ٿي باقي پھاڙي علائقن ۾ پنهنجي معمول مطابق سردي گهڻي ٿيندي رھندي آهي ـ جيتوڻيڪ ڪجهه ڏينهن ۾ گرمي سنڌ توڙي پنجاب پوري ملڪ ۾ ريڪارڊ ٽوڙ پيئي آهي ۽ پوري عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو ٿين ـ اصل ۾ جيڪڏهن اسان پنهنجي ارد گرد ماحوليات جي سرگرمين جو جائزو وٺندا سين ته اسان خود انهيَ شديد گرمي جا به ڪاٿي نه ڪاٿي پنهنجو پاڻ کي  ذميوار ضرور  محسوس ڪندا سين ڇو ته اسان پنهنجي  چوڌاري جيڪو آلودگي وارو ماحول پيدا ڪيو آهي انهيَ سان ئي اسان جو سڄو ماحولياتي وايو منڊل بگڙي ويو آهي ـ اصل ۾ ھن دنيا ٽيڪنالاجي ۾ جيتري ترقي ڪيئي آهي اھا بلڪل قابل تعريف آهي پر افسوس ترقي جي بلندين تي پھچڻ جي باوجود به اسان ماحولياتي مسئلا کي بينلاقوامي  ليول تي به ھل نه ڪري سگھيا آھيون ـ ڇو جو اسان فيڪٽريون ته بي اميڪ لڳائي  ورتيون سي پر ان مان ٻاھر نڪرندڙ دونهون ڪيترو ماحول جي لاِ خطرناڪ ثابت ٿيندو اھو نه سوچيو سي نه ئي ان تي ڪنٽرول ڪري سگھيا سي جنهن جي ڪري اھو دونهون پوري ماحول کي خراب ڪري ٿو ان کان اعلاوھ ملڪي يا غير ملڪي سطح تي اسان ڪھڙي  به مشينري ايجاد ڪيئي سي چاهي موٽرسائيڪل ھجي يا ھوائي جھاز ھر ننڍي ۽ وڏي مشينري مان نڪرندڙ  دونهون فضائي آلودگي پيدا ڪري ٿو جنهن سان ٻوسٽ ۽ گرمي ۾ اضافعو پيدا ٿي ٿو جنهن مان ڪيتريون ئي زھريلي قسم جون گيسون جنم وٺن ٿيون ۽  ماحول ۾ وڌيڪ گرمي پيداڪن ٿيون ـ   اسان انسان اصل ۾ ته  آڪسيجن کڻون ٿا ۽ ڪاربان ڊا۽ آڪسائيڊ خارج ڪيون ٿا ۽ ٻوٽا ان جي ابتڙ ڪاربان ڊا۽ اڪسائيڊ حاصل ڪن ٿا ۽ آڪسيجن خارج ڪن ٿا پر حقيقت ۾ ٻوٽا ئي اسان جي ماحول کي صاف شفاف ۽ بھتر بڻائن ٿا ڇو جو ٻوٽن جي ڇانھ ئي اصل ۾ سٺي ماحول جي نشاني آهن جيترا اسان وٽ وڻ ۽ ٻوٽا ھوندا اوترو اسان جو ماحول ٿڌھو ۽ وڻندڙ ھوندو پر افسوس جو اسان جي سنڌ ڇا پوري ملڪ ۾ وڻن کي بيدردي سان ڪٽيو ٿو وڃي ۽ اتي نيون جايون ۽ بلڊنگون تعمير ڪيون ٿيون وڃن ھوڏانھن  اسان ماڊرنزم جي طرف وڃي رھيا آھيون ۽ ٻي طرف ماحول مان  وڻ وڍي ماحول جو ستيا ناش ڪري رھيا آھيون جنهن جي ڪري اسان خود ماحول ۾ ھٿرادو گرمي پيدا ڪرڻ جا زميوار پاڻ خود ٿي ويا آھيون ھن وقت پوري دنيا ۾ اھا مھم ھلي رھي آھي ته وڌ ۾ وڌ ٻوٽا پوکيا وڃن ۽ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ماڻهو ھڪ ٻوٽو ضرور پوکي جنهن سان ماحول وڌيڪ سرسبز ۽ خوشحال ٿيندو گرمي جي شدد ۾ به ڪافي گھٽتائي ايندي پر افسوس جو اسان جي ملڪ کي ته ڪرپشن ئي تباهه ڪري ڇڏيو آهي اسان وٽ ته ڪجهه ايريگيشن وارن به وڻ ڪپي ھن ملڪ سان ۽ سھڻي سنڌ سان گھٽتائي  نه ڪئي آهي پھريان به جيڪي اسان وٽ گنتي جا وڻ روڊ ۽ رستن تي ڪجهه بچيا ھيا اھي به ڪنهن نه ڪنهن ھيلي بھاني آفيسر يا عام ماڻھن وڻن کي کھائي کھپائي ڇڏيو آهي  جنهن جي ڪري ايتري بري طرح لوڙ اڄ لوڙي رھيا آھيون ـ  اڄ ڪلھ جا پوڙھا ۽ بزرگ چوندا آهن ته پھرين وقت ۾ ايتري گرمي پنهنجي ملڪ ۾ نه پوندي ھئي ڇاڪاڻ ته چپي چپي روڊن ۽ رستن تي وڏا وڏا وڻ ھوندا ھيا ۽ ڪافي ڇانھ  ھوندي ھئي ۽ نه ئي ايتريون گاڏيون يا فيڪٽريون  ھونديون ھيون جنهن مان دونھون نڪري ھا ۽ ماحول کي خراب ڪري ھا پراڻي وقت ۾ نه بجليون ھونديون ھويون  نه وري اڄ ڪلھ وانگر سولر سسٽم ھيا ماڻهو  انھي زماني ۾ به گرميون وڻن جي ڇانھ ھيٺان ويھي گزاريندا ھيا ۽ انهن کي اڄ ڪلھ جي جديد صحولتون به  نه ھجڻ جي باوجود به گرمي جي مند آرام سان ڳوٺن توڙي شھرن ۾  ماڻهو سرسبز ماحول ھجڻ جي ڪري سڪون  سان  گزاريندا هئاـ  جيتوڻيڪ ھاڻي ته  دنيا جيتري ماڊرن ٿيندي پئي وڃي اوترو ڃڻ ته ماحولياتي حوالي سان دلدل  ۾  ڦسندي پئي وڃي جنهن جي ڪري بين لاقوامي ليول تي به  ڪيتريون ئي گلوبل وارمنگ جي حوالي سان گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن پر گلوبل وارمنگ کي روڪڻ جو ڪو خاص کڙتيل اڃا تائين نه نڪري سگھيو آهي جنهن جي ڪري اسان جو ملڪ ڇا پوري دنيا انهيَ مسئلي جو شڪار آهي بحرحال ھن وقت سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته اسان کي پنهنجي ماحول کي ڪيئن معتدل بڻائجي جتي انسان توڙي جانور چين جو ساھ کڻي سگهن اسان جي سنڌ ۾ ھن وقت گرمي پنهنجو مئي مھيني ۾ ئي  زور پڪڙي چڪي آهي ۽ جون جولاِ ۽ اگسٽ ته اڃا پري پيا آهن جنهن ۾  قھر جي گرمي ٿيندي آهي خير اسان فورن ته  ھن وقت گرمي کي گھٽائي ته نٿا   سگھون پر گرمي کان بچڻ جي تدبيرن تي عمل ڪري پاڻ کي گرمي کان محفوظ ضرور رکي سگھون ٿا ـ سڀ کان پھريان اسان کي بغعير ڪم جي گھر کان ٻاھر نه وڃڻ گھرجي ۽ اگر ڪم سان ڪٿي وڃڻون ٿو پوي ته پاڻ سان گڏ ھڪ ڪپڙو ضرور ڪڻجي جيڪو مٿي تي رکي پوِ سفر ڪجي ۽ ڪوشش ڪجي ته منجھند جو ٻاھر نه وڃجي ۽ پاڻي گهڻي مقدار ۾ پيئڻ گھرجي يا مختلف ٿدا مشروب گھر ۾ ٺاهي پيئڻ گھرجن جنهن سان جسم ۾ گرمي جي شدد ۾ گھٽتائي  اچي سگهي ٿي ۽ گھر جا  سڄا ڪم پھرين صبح جي  پھر ۾ پورا ڪيا وڃن  جيئين ماڻهو گرمي کان بچي وڃي ـ اصل ۾  اڄ ڪلھ جي گرمي ايتري ته شديد آهي جو ٻار ھجن يا پوڙھا يا جوان گرمي ڪنهن کي به نٿي بخشي ڪوشش ڪجي ته سڄو اونھارو انهن تدبيرن تي عمل ڪري گزارجي ته جيئين گرمي کان بچي سگھجي بعڪي ڪوشش ڪجي ته سنڌ ڇا پوري ملڪ پاڪستان ۾ وڻن جي ڪٽائي تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي ۽ نيئين وڻن کي پوکڻ تي زور ڏنو وڃي ـ  ــ ۔  ـ

پهنجو تبصرو موڪليو