ملڪي سلامتي خطري ۾ آهي، حڪومت ڪشمير جو سودو ڪيو آهي،اپوزيشن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن جي ڪل جماعتي اجلاس ۾ اسلام آباد جي لاڪ ڊائون بابت اتفاق نه ٿي سگهيو، شهباز شريف چيلهه ۾ سور ۽ بلاول اسڪردو جي دوري سبب شريڪ نه ٿيا. 26 تي رهبر ڪاميٽي ۽ 29 آگسٽ تي قائدين جو اجلاس ٻيهر گهرائڻ جو فيصلو. اجلاس بعد ساٿين سان گڏ مولانا فضل الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسين سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته ملڪ ۾ معا شي بدحالي آهي، هر طبقو پريشان آهي، روس به معاشي بحران جي ڪري ٽٽو، پاڪستان جي سلامتي کي خطرو آهي، موجوده حڪومت هڪ سال ۾ ڪيترائي بحران پيدا ڪيا آهن ۽ انهن کي هٽائڻ لاءِ ڀرپور تحريڪ هلائينداسين.

هن وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ سوچيندا هئاسين ته سرينگر حاصل ڪيئن ڪجي ۽ هاڻي سوچون پيا ته مظفر آباد ڪيئن بچائجي، هنن حڪمرانن ڪشمير جو سودو ڪيو آهي، ڪشميرين جي پٺي ۾ خنجر هنيو آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي لاڪ ڊائون لاءِ تيار آهيون ڪارڪن هر سختي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو