سري نگر(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت مقبوضه ڪشمير ۾ پنهنجي جارحيت لڪائڻ لاءِ مسلمان ملڪن جي ٽي وي چئنلن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق ڀارتي وزارت اطلاعات و نشريات مقبوضه ڪشمير ۾ ڪيبل آپريٽرن کي برطانوي نشرياتي اداري جي پاڪستان، ترڪي، ملائيشيا، سعودي عرب ۽ ايران جي چئنلن کي نشر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ڀارتي حڪومت اهو جواز پيش ڪيو ته وادي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ ايئن ڪرڻ ضروري هيو. وزارت اطلاعات و نشريات جي جوائنٽ سيڪريٽري وڪرم سهاءِ ڪيبل آپريٽرن کي چيو آهي ته مسلمان ملڪن خاص طور ايران، ترڪي ۽ ملائيشيا جا چئنل نشر ڪرڻ قانون جي خلاف ورزي آهي. ان چئنلن ۾ سعودي عرب جو العربيه چينل، ترڪي جو ٽي آر ٽي، ايران جو سحر ٽي وي ۽ پريس ٽي وي شامل آهن ڀارتي حڪام ان چئنلن ۾ ملائيشيا جا چئنل نشر نه ڪرڻ جي به خصوصي هدايت ڪئي آهي. واضح رهي ته ڀارت هلندڙ سال جي 5 آگسٽ تي مقبوضه ڪمشير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي جنهن کان پوءِ هن مهل تائين حالتون خراب آهن ۽ ڪرفيو جهڙي ڪيفيت نافذ ڪئي وئي آهي. اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ ترڪي ۽ ملائيشيا ڪشميرين جي حق خود اراديت جي حمايت ۾ پنهنجو ڀرپور موقف پيش ڪيو هو جنهن کان پوءِ ڀارت جا ان ملڪن سان تعلقات خراب ٿيا آهن.
