مقبوضه ڪشمير جي مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي دوست ملڪ چين جي درخواست تي مقبوضه ڪمشير جي معاملي تي اقوام متحده جي سلامتي ڪونسل جو بند ڪمري وارو اجلاس اڄ ٿيندو. خابرو ايجنسي رائٽرز مطابق سلامتي ڪونسل جي بند ڪمري وارو اجلاس چين جي درخواست تي سڏايو ويو آهي جنهن ۾ مقبوضه ڪمشير جي صورتحال تي ڳالهايو ويندو. ياد رهي ته وزير خارجه شاهه محمود قريشي به 12 ڊسمبر تي سلامتي ڪونسل کي خط لکيو هو جنهن ۾ مقبوضه ڪشمير ۾ وڌندڙ ڪشيدگي تي تشويش جو اظهار ڪيو هو. هلندڙ سال جي آگسٽ ۾ به چين جي مطالبي تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو جنهن ۾ 15 ميمبر ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي هئي. ان دوران يو اين ملٽري ايڊوائزر جنرل ڪارلوس لوئٽي مقبوضه جمون ڪشمير جي صورتحال تي بريفنگ ڏني هئي. ان موقعي تي چيني زينگ جون جو چوڻ هو ته ڀارتي قدمن چين جي خودمختياري کي به چئلنج ڪيو آهي. ڀارت جي ڪشمير ۾ کنيل قدمن کانپوءِ مسلم مخالف متنازع شهريت بل منظور ڪرڻ تي به شديد تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته ان حوالي سان مختلف رياستن ۾ شديد احتجاج به جاري آهن. وزير خارجه شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت ۾ متنازع شهريت قانون جو معاملو پاڪستان عالمي سطح تي کڻندو ۽ ڀارت جي ان معاملي تي خاموش ملڪن کي به خاموشي ٽوڙڻ گهرجي. وزير خارجه جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ متنازع شهريت واري قانون ۾ مسلمانن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويو آهي جنهن تي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ڪجهه ملڪن تشويش جو اظهار ڪيو آهي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته متنازع شهرين واري قانون تي رياستون مرڪز جي سامهون اچي ويون آهن جڏهن ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي جج جو به چوڻ آهي ته حڪومتي تشدد ختم ٿيڻ تائين ڪيس نه ٻڌنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو