آمريڪا هڪ اهڙو طاقتور ملڪ آهي جيڪو هميشه من مستي ڪندي دنيا جي سمورن ملڪن مٿان حڪمراني ڪرڻ جو خواهان رهيو آهي ۽ دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ تي باز جي نظرن سان ڏسندي هر ملڪ کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندو آهي ۽ وقت بوقت حملا به ڪندو رهندو آهي سو آمريڪي پاليسي موجب آمريڪا جي مٿان جيڪو به حڪمران چونڊجي ايندو آهي ان جو سموريون پاليسيون مسلم دشمن پاليسيون هونديون آهن پر پوءِ به دنيا جا مسلمان فقط انهيءَ اميد تي آمريڪا جي غلامي ڪرڻ پسند ڪندا آهن ته جيڪر آمريڪا اسان سان سچائي ڪندي اسان جي حمايت ڪري ۽ اسين به دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمائي سگھون پر آمريڪا جا سمورا حڪومتي اڳواڻ اسان جي ارادن کي چڱي طرح ڄاڻيندا آهن جنهن جي ڪري هميشه آمريڪا مسلمانن جي مٿان ناراض رهندو آهي پر هو مسلمانن مان طرح طرح جا فائدا به حاصل ڪندو رهندو آهي سو آمريڪا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر صدر ٽرمپ جو چونڊجڻ مسلمانن لاءِ خطري جي گھنٽي آهي سو هن وقت آمريڪا ۾ به صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خلاف مخالف ڌر پاران ٻه بنيادي الزام لڳائي هن جو گھيرو تنگ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ الزام هي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي اختيارن جو ذاتي ۽ سياسي ڪمن لاءِ ناجائز استعمال ڪيو هو ۽ ٻيو الزام آهي ته صدر ٽرمپ ڪانگريس جي ڪمن ۾ رڪاوٽ وڌي آهي سو اهڙن ٻن الزامن هيٺ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پريشان ضرور ڪيو آهي.
ان کان اڳ ۾ به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ڪيترائي سنگين الزام مڙهيا ويا هئا جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ملڪيت لڪائڻ، جنسي زيادتين جا الزام ۽ ان کان علاوه فلمي اداڪاره اسٽار ڊينٽلزم سان تعلق هجڻ جا الزام به شامل هئا جنهن ۾ صدر ڊولڊ ٽرمپ پنهنجي ذاتي وڪيل مائيڪل ڪوهن جي ذريعي اداڪاره جي منهن بند رکڻ لاءِ 30 هزار ڊالر روپيه ڏنا هئا پر پوءِ به اداڪاره ٻڌايو ته ٽرمپ سندس تعلقات رکيا هئا سو ان ڪيس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو وڪيل مائيڪل ڪوهن جيل ۾ به هليو ويو هو پر پوءِ به صدر ڊونلڊ ٽرمپ بچي ويو هو پر هاڻي ڏسڻو اهو آهي آمريڪي صدر وٽ اها ڪهڙي گدڙ سنگي آهي جنهن جي ذريعي هو هميشه الزامن مان پنهنجو پاڻ کي آجو ڪرائي وٺندو آهي پر هن ڀيري مٿس لڳل الزامن جو شهادتون به ڪٺيون ڪيون ويون آهن جيڪڏهن ڪانگريس جو ڪيس مضبوط ٿي ويو ته انهن الزامن جي ڪري صدر ڊونلڊ ٽرمپ گھر ڀيڙو به ٿي سگھي ٿو پر سوچڻ جي ڳالھ اها آهي ان کان اڳ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي پنهنجي ملڪيت لڪائڻ ۽ عورتن سان زيادتين سان گڏ ٻيا ڪيترائي سنگين ڪيس ثبوتن سان گڏ موجود هئا پر صدر ڊونلڊ ٽرمپ وٽ الائي جي ڪهڙي گدڙ سنگي هئي اهي الزام هن جو ڪجھ به بگاڙي نه سگھيا.
آمريڪا هميشه پنهنجي پاليسي کي نظر ۾ رکندي پنهنجي من پسند ماڻهن کي اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ان ڳالھ جو هڪ چٽو ثبوت اهو به آهي 2016ع جي اليڪشن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو مقابلو هيلري ڪلنٽن سان هو جيڪا آمريڪي عوام جي من پسند ليڊر آهي پر جڏهن اليڪشن ٿي ته رزلٽ ڪجھ ابتو ئي آيو جنهن ۾ هيلري ڪلنٽن کي شڪست ۽ ڊونلڊ ٽرمپ کي اڳڀرائي ملي ويئي سو اهڙي رزلٽ اچڻ کان پوءِ آمريڪي عوام ۾ به تمام گھڻو تاءُ پکڙيل هو پر جنهن کي آمريڪي فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ جي هٿي مليل هوندي ته ان جي ڪاميابي يقيني هوندي آهي جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بدنام زمانه شخص آهي ۽ آمريڪا ۾ جيتري ذلالت ڊونلڊ ٽرمپ کي ملندي آهي ايتري شايد ئي ٻئي ڪنهن کي ملندي هجي پر پوءِ به سندس ڪاميابي ڪنهن راز کان گھٽ نه آهي.
سو هاڻي ڪانگريس پاران به اها ڪوشش ڪئي پيئي وڃي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ڪڌا ڪرتوت جڊيشلي آڏو پيش ڪري ان جي پت وائکي ڪري ڇڏجي سو چوندا آهن ته ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي سو آمريڪي عوام ۽ ڪانگريس پارٽي پنهنجي هڪ گڏيل ڪوششن سان هڪ ظالم ۽ ذاني شخص کي هٽائڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهن سو هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪي عدالتون آمريڪي عوام ۽ ڪانگريس پارٽي کي ڪيترو انصاف ڏيئي سگھي ٿي سو ان لاءِ آمريڪي عوام سان گڏ پاڪستان جي عوام به اميدون لائي ويٺي آهي آمريڪا ۾ اهڙو صدر مقرر هجي جيڪو مسلمانن سان گڏ پوري انسانيت جو خير خواه هجي ۽ هڪ سٺي انسان جي اچڻ سان هي ڌرتي تباه ٿيڻ بدران امن جو گهوارو بڻجي ويندي.