مارڪس ۽ مذهب

مارڪس ۽ مذهب

طفيل مگسي
دنيا ۾ ڪڏهن ائين ناهي ٿيو ته ڪنهن هڪ ۾ شخص وٽ ڪجه شخصيتن جي خواهشن جي حڪومت رهي هجي بلڪ حڪومت سدائين هڪ“قانون جي رهي آهي۔چاهي اهو قانون ظلم جو هجي يا عدل جو هجي ۽ انهيء کان جيڪو مٿاهون قانون غالب رهيو آهي۔اهو سمورن علمي۔اخلاقي۔سياسي۔معاشي۔انساني ۔تاريخي علمن ۔قومن ۽ فردن جي سوچن جي محور ۽ سوچن جو طريقو ان غالب قانون جي ضرورتن جي مطابق رهيو آهي۔چاڪاڻ ته اهو Driers انهن سمورن شعبن ۾ آڻي ڪري پنهنجا نتيجا چاهي ٿو۔
انهيء حساب ۾ دنيا ۾ سرمائيداريت جي قانون جي غلبي ۾ اهي سمورا مذهب ۽ نظريا جيڪي ان جي Alterntive ۾ آهن۔انهن کي انسانيت دشمن ۽ ڦڏائي بڻائي ڪري Represent ڪيو ۽ ان تسلسل ۾ پاڻ مغرب کان ئي اڀرڻ واري ڪميونزم سان اهو ٿيو ته يورپ ۽ امريڪا ۾ انهيء کي فرد جي ذاتي آزادي جو دشمن ۽ دولت کسڻ واري طرز تي پيش ڪيو۔جڏهن ته مشرق ۾ پنهنجي بالادستي ۾ هن کي مذهب واخلاقي دشمن بڻائي ڪري اڳتي آندو ويو۔چاڪاڻ ته هتي به ساڳيوئي سرمائيدار دين غالب آهي۔جيڪو مغرب ۾ هو ته پوء يقينن ان جا نتيجا هڪجهڙائي نڪتا۔جيتوڻيڪ مارڪسزم جو ٽڪر ڪيپيٽلزم سان آهي۔مگر ان کي هتي زوري مذهب مخالف بڻايو ويو۔
باوجود ان جي مارڪس مذهب جي بنياد تي بنگال ۽ هندستان جي سماجي۔معاشي ترقي جي تعريف ڪئي۔سندس جي اها تعريف ۽ اسان وٽ جيڪاعام نفسيات سوشلسٽن ۽ مخالفن جي طرف کان سوشلزم يا ڪميونزم جو نالو وٺي ڪري عام ڪئي وئي آهي يعني مذهب جي خلاف ته يقينن ان کانپوء ٽڪراء پيدا ٿي وڃي ٿو۔
مارڪس يورپي هزار سالن واري تاريخ ۾ جاگيرداراڻي نظام سان گڏ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ڪري هلڻ واري فرسوده عيسائي چرچ جي مذهب کي ئي افيم سڏيو ۽ اهڙي سموري مذهبي ماحول کي جيڪو ڪنهن به انساني مظلومن کي ظالم کان اکٻوٽ ڪرڻ تي مجبور رکي باشعور بڻائي۔هتي اهو ڏسڻو آهي ته جڏهن مارڪس پنهنجي ماحول ۾ مذهب تي تنقيد ڪري رهيو هو ته هتي هندستان جي اندر مذهب يا دين اسلام جي حالت چا هئي؟ اهو ڪمزور هو يا طاقتور ۽ طاقتور هو ته عقيدي جي طور تي يا مڪمل هڪ سياسي ۔معاشي ۔سماجي نظام جي طور تي جنهن کان هتان جا رهواسي بنا فرق۔رنگ۔نسل۔مذهب ۽ فرقي جي امن و امان ۽ گڏيل زندگي جي اسٽينبليٽي حاصل ڪري رهيا هئا۔
مارڪس پنهنجي ڪميونسٽ مينيفيسٽو ۾ Ten principles of communism چٽا ڪيا۔انهن ۾ ڪٿي به مذهب جو رد يا مذهب جي خاتمي جو ذڪر ناهي۔اهي سڀ جا سڀ انساني زندگي جي ابدر Systematically سرمائيداراڻي نظام سان گڏ ڳالھ ڪن ٿا۔مارڪس مذهب کي وٺي ڪري اهوچٽو ڪيو ته جيڪڏهن اهو مغلوب ٿيئي ته هو غالب سياسي و اقتصادي مفادن ۽ نظام جو پوئلڳ ٿيندو۔اها شيء اسان کي پنهنجي هڪ هزار سالن واري دور ۾ گذريل اوايائن۔درويش۔صوفين ۽ نبين سڳورن جي دورن ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم ۽ جماعت جي فڪرن ۽ قرآني حڪمن کان به چٽي ملي ٿي۔
هتي جيڪا ڳاله ٻولھ ٿيئي ٿي پاڪستان جي سوشلسٽن جي طرف کان اها به انهيء موجوده ملڪي انگريز دور جي ڪالونيل نظام ۽ عالمي سرمائيداراڻي نظام جي تسلط جي اندر۔هونئن به اهي پاڻ پنهنجي نظريي و فڪر جي بنيادن کان لاشعو ۽ ڏور ڏيک ڏين ٿا۔
آخر ۾ مارڪس جنهن آخري انساني ترقياتي تنظيم جو ذڪر ڪري ٿو اها ”مادي“ناهي بلڪ”معاشي“ آهي۔مادي يا جدلياتي ماديت کان مراد مادي مفاد ناهن بلڪ سماجي تاريخ جو اهو انداز آهي ته ٻه طبقا وڙهي ڪري ٽين حالت پيدا ڪن ۽ اها آخر ۾ ايستائين ويندي ته متفق طور تي انسانيت هڪ پيج تي اچي ويبدي۔
دين اسلام به آخر ۾ اهڙي ئي هڪ تنظيم جو ذڪر ڪري ٿو جنهن کانپوء قيامت ڪبري اچڻ يقيني آهي۔
اسان کي يورپي فسلفين جيڪي سرمائيداريت ۽ ان جي پيدا ڪيل فرسوده اجتماعيت جي ٽڪر ۾ آهن۔انهن جو جائزو اڄ هتي انهن جي پوئلڳن ۽ موجوده سرمائيداراڻي دين جي پيدا ڪيل حالتن کان مٿي انهن جي مڪمل جامع تجزيي ۽ تاريخي پسمنظر و پيش منظر ۾ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن حقيقتون صاف ٿين۔
ڪميونزم هڪ پاسي کان نه بلڪ اهو سمورو جو سمورو فلسفو آهي۔سرمائيداري به ائين ئي هڪ پورو فلسفو آهي۔
اڄ هتي Left ۽ Right ونگز جي نالي تي پارٽيون آهن۔مگر جناب اهي ونگز آهن ڪنهن جون؟ظاهر آهي ته اهو ڪو غالب هوندو ۽ هاڻي هتي غالب ته سرمائيداريت آهي ته ليفٽ ۾ سوشلزم ۽ رائيٽ ۾ ڪنهن درست مذهب يا انسان دوست نظريي جو قصو شروع کان ئي خارج آهي ته پنهنجن بنيادن ۾ سموريون ونگز موجوده نظام جون Sustainers آهن ۽ جڌهن ائين ٿيندو ته اسان کي پاڪستان ۾ مارڪسزم سرمائيداريت جي جڳھ مذهب جي رد ۾ ۽ سرمائيداري حقيقي معنائن ۾ مذهبي و انساني قدرن جي خاتمي جي جڳھ ” انساني و مذهبي آزادي“ جي علمبردار جي نالي تي ملندي۔مگر عملي روپ اهو هوندو ته هڪ نو ڪلاڪ ست سو روپين ۾ ذليل ٿيڻ واري مزدور کي آزادي آهي يا مسجد ۾ وڃي ڪري ڦاٽل ڪپڙن سان نماز پڙهڻ واري کي۔
مگر اهو سوال غير اسلامي و ڪفر ٿيندو ته ان جو سيٺ بنا ڪجھ ڪرڻ جي ڪروڙن جي فارچونز گاڏي ۾ چو گهمي ٿو؟ ۽ هو يعني مزدور نو ڪلاڪ مزدوري ڪري خدا جو دوست هئڻ جي باوجود ايترو ذليل و لاچار چو آهي؟اهو به اسلامي ملڪ ۽ اسلامي معاشري ۾!

پهنجو تبصرو موڪليو