ماتمي جلوس، سخت سيڪورٽي، موبائل ۽ انٽرنيٽ معطل

ڪراچي(نمائندن وٽان) سڄي ملڪ جيان سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ 9محرم الحرام جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيا ويا. امن امان قائم رکڻ لاءِ اڪثر شهرن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس معطل ڪئي وئي. مجموعي طور امن امان برقرار رهيو پر دريا خان مري ۾ سبيل بند ڪرائڻ تان جهيڙو ٿي پيو. هيڪڙ ٻيڪڙ پر تشدد واقعا مختلف جاين تان رپورٽ ٿيا آهن.

نائين محرم تي اڪثر ننڍن وڏن قبرستانن ۾ ماڻهن پنهنجي فوت ٿيل عزيزن جي قبرن تي صفائي سٺائي ڪري اگر بتيون ٻاريون ۽ پکي پکڻن لاءِ مختلف اناج جا داڻا ڇٽيا ۽ مُردن جي مغفرت لاِءِ دعائون گهريون. ڪراچي مان دريا خان شر ۽ شهزادو مستوئي موجب سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي مختلق علائقن ۾ نائين محرم جي اهم ماتمي جلوسن دوران پيپلز چورنگي، صدر دوا خانه، پريڊي اسٽريٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ کارادر کان ٿيندا مرڪزي بارگاهن ايران امام بارگاهه وٽ پڄاڻي تي پهتا.

جلوس جي روٽس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي. ان سان گڏو گڏ حيدرآباد،سکر،لاڙڪاڻي، بينظيرآباد، ميرپورخاص، سانگهڙ، بدين، ٺٽو، ٽنڊو الهيار، ٿرپارڪر، جيڪب آباد، دادو، سجاول. شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، عمرڪوٽ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، مٽياري،گھوٽڪي سميت ٻين ننڍن توڙي وڏن شهرن يا حسين ياحسين جون صدائون گونجنديون رهيون ماتمي جلوس پڻ ٿي گذريا. *** دريا خان مري مان ارباب مــري موجب سبيل بند ڪرائڻ تان اھل تشيع جي عزادارن ۽ سپاھ صحابه جي حامين وچ ۾ ڦل اسٽاپ وٽ جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. مجلس تي ويندڙ اھل تشيع جي عورتن تي پٿراءُ عورتن سميت چار ڄڻا زخمي سبيل بند ڪرائي وئي ته جهيڙو ٿي پيو. ڊي ايس پي نوشھروفيروز محمد ايوب درس وڏي پوليس نفري سان واقعي واري ھنڌ پھتو ته ڌرين جون پوليس سان چڪريون شروع ٿي ويون، پوليس صورتحال کـي منھن ڏيڻ لاء ڳوڙها گيس جو استعمال ڪيو، بعد ۾ رينجرز جا وڏا اٽالا پھچي ويا پوء به امن امـان جي صورتحال تـي ضابطو نه اچي سگھيو. رئيس علي نواز مري ٻنھي ڌرين ڏانھن پاڪ ڪتاب کڻـي شھر ۾ امن امان کـي برقرار رکڻ جو واسطو ڏنو جنھن کانپوء جھيڙو ختم ٿي ويو ٿوري دير کان بعد وري ٻنھي ڌرين ۾ افرا تفري مچي وئي. جنھن کانپوء ايس ايس پي نوشھروفيروز واقعي واري ھنڌ پھتو ۽ ٻنھي ڌرين سان ڳالھيون ڪري پوليس ۽ رينجرز جي نگراني ۾ جلوس کي ڪراس ڪرايو.****ٽنڊومستي مان نادر علي اڄڻ موجب نارو ڍورو لڳ شاھ رشيد بادشاھ ۾ عزاداري ماتم ۽ مجلسون برپا , ھر ھنڌ سبيلون لڳل علائقي ۾ ھر طرف يا حسين جون صدائون بلند، ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽائون پيش ڪيون ويون مجلس ۾ سون جي تعداد ۾ عزادارن شرڪت ڪئي. *** مورو مان مورائي اياز سولنگي مطابق ڳوٺ ولي محمد صابقي ۾ امام بارگاھ کان جھولا شھزاده علي اصغرعليه السلام ۽ علم پاڪ تي مشتمل عزادارن ماتمي جلوس ڪڍيو جنهن جي اڳواڻي رشيد صابقي، شوڪت صابقي ۽ محمد حيات ۽ ٻين شيعا مومنين جي اڳواڻي ۾ وڏو ماتمي جلوس ڪڍيو ويو جيڪو مقرر ڪيل روٽن ۽ مختلف پڙن کان ٿيندو حُسيني چوڪ تي پھتو جتي زنجيزن, گرزن سان ماتم ڪيو ويو  ۽ مجلس عزا برپا ڪئي وئي، جنھن کي علامہ وقار حيدري خطاب ڪيو. ***سکر مان امدادڪلوڙ موجب سکر ۽ روهڙي ۾ به جلوس ڪڍيا ويا. محرم الحرام تي يا حسين جي صدائن سان شهر گونجندو رهيو جڏهن ته عظيم قرباني جي ياد ۾ ماتمي جلوس، زوالجناح،سينا زني ۽ پشت ماتم ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ سکر شھر جي مختلف امام بارگاهن کان 35 ماتمي جلوس ڪڍيا ويا جيڪي پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندا مرڪزي امام بارگاھ غريب آباد کان نڪرندڙ مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿيا، جنهن بعد اهو مرڪزي ماتمي جلوس گهنٽا گهر, نيم جي چاڙھي, انور پراچا, ايوب گيٽ, اسٽيشن روڊ, دادو چوڪ کان ٿيندو واپس مرڪزي امام بارگاھ پهچڻ بعد ختم ٿيو. سکر پوليس سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي ماتمي جلوس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري ٽريفڪ لاء بند ڪياوي، ماتمي جلوسن جي نگراني سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي ڪئي وئي.

*** گهوٽڪي مان عرفان علي سومرو موجب قادرپور جي حسيني امام بارگاھ مان علم پاڪ ۽ ماتمي جلوس برآمد ، ۽ مجلس پڻ ٿي گذري ماتمي جلوس ۾ سوين عزاداري سينازني ڪئي جيڪو جلوس مختلف رستن کان ٿيندو مرڪزي مين چوڪ تي اختتام پذير ٿيو، ٻئي طرف گهوٽڪي جي ڳوٺ ڪرم خان ۾  مجلس کان پوءِ حضرت  بيبي زينب جي ياد ۾ 20 فٽ ڊگھي ۽ 6 فٽ اونهي خندق ۾ عزادارن ٽانڊن تي ماتم پڻ ڪيو. ڪيترائي عزادار زخمي ٿي پيا جن کي فوري اسپتال پهچايو ويو ۽ طبي امداد ڏني وئي. *** ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رند موجب مرڪزي ماتمي جلوس مويا، ڏندو، نظرپور ۽ مختلف هنڌن تان ٿيندو مک ٽنڊوغلام حيدر جي امام بارگاهه پهچي نهر ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو