قبيلائي تڪرار ۽ ڌاڙيلن کي مليل ڇوٽ!

ليکڪ   ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

ڪشمور ضلعي جي ڪچي واري علائقي دراني مهر مان اڃا 13 خونن کانپوءِ رت سان رڱيل ڌرتي صاف ئي ڪونه ٿي هُئي، اڄ سوڌو مقتولن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو به جاري آهي ته مٿان وري جيتوڻيڪ چوڪ ماهي جيڪو قانوني حدن موجب ته پنجاب صوبي جي اُن علائقي مان آهي، جتان پنجاب جون حدون شروع ٿين ٿيون، ماهي چوڪ کانپوءِ سنڌ-پنجاب روڊ شروع ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ انهي علائقي مان هڪ ٻيو لنڪ روڊ به نڪري ٿو، جنهن کي ماهي چوڪ وايه مريد شاخ ۽ گڊو ڪشمور به چيو ويندو آهي ۽ ان کان پوءِ اِهو ساڳيو رستو بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا سان وڃي ملي ٿو. چوڪ ماهي جيتوڻيڪ ڪو وڏو شهر ته ڪونهي رڳو هڪ اسٽاپ آهي، جتان عوامي رستا نڪرن ٿا ۽ چند ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي گهوٽڪي ضلعي جو تعلقو اوٻاوڙو به اچي ٿو، انهي علائقي جي رهواسين جيڪي مختلف برادرين سان تعلق رکن ٿا، تن جو ڪاروباري وهنوار صادق آباد جيڪو پنجاب صوبي ۾ اچي ٿو، انهي شهر بدران اوٻاوڙو يا ڏهرڪي سان گهڻيون وابستگيون رهن ٿيون، اڪثر ماڻهن کي به اڄ تائين شايد اِها خبر نه هوندي ته چوڪ ماهي قانوني طور سنڌ جو حصو آهي يا پنجاب ۾ اچي ٿو. انهي علائقي ۾ اڪثر ڪري سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ رهن ٿا ۽ انتهائي هڪ محنت ڪش ۽ مزدور طبقي سان وابسته اُهي پُرامن ماڻهو جن ذات پات ۽ نسلن کي به اڄ سوڌو ڪنهن سڃاتو ئي ڪونه آهي.

جهڙي طرح هي تازو پيش آيل واقعو جيڪو انڍڙ برادري وچ ۾ خفيه شڪايت کانپوءِ پيش آيو آهي، جيتوڻيڪ چوڪ ماهي يا مريد شاخ سان گڏوگڏ انهي پٽي ۾ ته ٻيون اڻ ڳڻيون برادريون آباد آهن جن ۾ مزاري، دستي، ماڇي، بوهڙ، وهڙ سميت کوڙ سارا خاندان جيتوڻيڪ پُرامن ماڻهو آهن، واقعي وقت يقينن هر ماڻهو اِن حيرت ۾ به هو ته هتي انڍڙ جيڪي پاڻ کي ميان جو لقب به ڏيندا آهن، سي به ڊگهي عرصي کان ڪي شايد رهندڙ هُئا ۽ گڏوگڏ 10 موٽرسائيڪلن تي ڏينهن ڏٺي جو سوار ٿي هٿيارن سان ليس جانو انڍڙ به هڪ وهشت جي علامت ٿي ڪو پهريون ڀيرو انهي علائقي ۾ سامهون اچڻ بعد اڄ ته جانو ڪشمور جي جيئند جاگيراڻي کان به وڌيڪ سوشل ميڊيا تي ويهي حڪومت کي چئلينج ڪري رهيو آهي. آيل خبرن موجب ته واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن چوڪ ماهي جي هڪ پيٽرول پمپ ۽ گڏوگڏ دڪان تي ويٺل هڪ ئي خاندان جي ماڻهن مٿان گولين جو مينهن وسايو ويو. سوشل ميڊيا تي هڪ ڪلپ وائرل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڏٺو پيو وڃي ته اُهي وحشت جي علامت بڻيل ڏوهاري موٽرسائيڪل تي سوار ٿي پهريان هڪ پيٽرول پمپ ۾ داخل ٿين ٿا، جتي مقتول ڌر جا ماڻهو هٿين خالي نظر اچي رهيا آهن، هونئن به جيڪي ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن ته مقتول ڌر يقينن اهڙي خوفزده صورتحال کان بلڪل اڻ واقف هئي، انهن جي ڄاڻ ۾ اِها هرگز ڳالهه ئي ڪونه هُئي ته سندن قسمت ۾ 9 جنازه هڪ ئي وقت کڻڻا پوندا، مون شروع ۾ واضح ڪيو آهي ته هن پٽي جا ماڻهو نهايت سادا ۽ انتهائي پرامن آهن، وائرل ٿيل انهي تصوير ۾ ڏسجي رهيو آهي ته انهي پيٽرول پمپ تي ويٺل انهن ماڻهن قاتلن کي منٿون پئي ڪيون، شايد اِهو ئي چوڻ هوندو ته اسان هٿين خالي ماڻهن سان ايڏو ظلم نه ڪريو پر انهي جانو انڍڙ ۽ سندن ٽولي پيٽرول پمپ تي ويٺل ۽ سائيڊ ۾ هڪ دڪان تي ويٺلن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري هڪ پيءُ ۽ سندن پنج جگر جي ٽڪرن پٽن سميت 9 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري اڌ ڪلاڪ جي ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ خوشي مان فائرنگ ڪندا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي کانپوءِ چوڪ ماهي اسٽاپ تي جيڪي دڪان ۽ هوٽلون به آهن سي ته فورن بند ٿي ويون. چوڪ ماهي اسٽاپ جيڪو ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي حد ۾ اچي ٿو پر انهي علائقي جي چند ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اوٻاوڙو ۽ مريد شاخ شهر به آهي. هڪڙي ڳالهه ته واضح آهي ته جڏهن جانو پنهنجا جلوا اڌ ڪلاڪ تائين ڏيکاريندو رهيو ته ڪوٽ سبزل پوليس ته بروقت پنڌ پري يعني 25 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي هجڻ کانپوءِ نه پهچي سگهي ته اهڙي شديد فائرنگ جا آواز شايد ڪنهن پسگردائي ٿاڻي تي ضرور پهتا هوندا ته قانوني طور تي انهي پسگردائي جي سنڌ پوليس يا پنجاب پوليس کي بروقت اطلاع پهچڻ گهرجن ها، اسين سنڌ پوليس جون ڪيل هنگامي ڪارروايون جن ۾ دراني مهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪارڙا چاچڙ ۾ جڏهن جيئند جاگيراڻي ۽ سبزوئي گينگ پاران چاچڙ برادري جي 12 ماڻهن کي هڪ ئي وقت گولين جو کاڄ بڻائي موت جي ننڊ سمهاريو ويو هو ته تڏهن به پوليس چند قدمن تي موجود هجڻ کانپوءِ به ان جو پهچڻ ڪونه ٿيو، جنهن ڪري جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اڄ سوڌو سندن ڪنهن به قسم جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. تهڙي ريت تازو پيش آيل 5 ڀائرن ۽ سندن پيءُ سميت 9 خونن ۾ ملوث جوابدار به ائين ئي آساني سان فرار ٿي ويا، جيئن جاگيراڻي ۽ سبزوئي گينگ جا ماڻهو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا.

يقينن جيڪي به ڏوهاري ماڻهو ڏوهه ڪن ٿا سي يقينن ڪو لائوڊ اسپيڪر تي ٻڌائي اهڙا واقعا هرگز ڪونه ٿا ڪن جو پوليس اڳواٽ ڪا حرڪت ۾ اچڻ گهرجي، باقي جيڪڏهن واقعي واري هنڌ اڌ ڪلاڪ کان منو ڪلاڪ تائين اهڙيون وحشي ڪارروايون جاري هجن ۽ پوليس دُراني مهر ٿاڻي وانگر چند مفاصلي تي هجڻ کان پوءِ به روايتي ڪن لاٽار ڪري ته اهو رويو افسوسناڪ آهي، جيئن هن وقت ڪوٽ سبزل پوليس بابت به ساڳيون خبرون اچي رهيو آهن ته پوليس دير سان پهچڻ ڪري جوابدار آساني سان نڪري چُڪا هئا، وقت سِر پوليس جو نه پهچڻ يقينن اسان جي پنجاب پوليس يا سنڌ پوليس هجي، انهن جي اها چٽي نااهلي آهي. آئون ڄاڻايل مک جوابدار جانو انڍڙ جي حوالي سان ٿورو ذڪر ڪرڻ به ضروري سمجهان ٿو ته هو ڪير ۽ ڪٿان جي پيدائش ۽ ڪيئن وحشت جي علامت بڻيو آهي. اڳ ۾ به مختلف وقتن تي اِها وضاحت ڪري چُڪو آهيان ۽ دليل به ڏنا آهن ته ماڻهو آخر ڇو شهري زندگي مان جهنگ جي زندگي طرف وڃن ٿا. انهي جهنگ جي زندگي جا ڪهڙا جواز آهن، پاڻ پراڻي دور جي ڌاڙيل فيڪٽر جو جيڪڏهن ذڪر ڪنداسون ته هڪ وڏو اِشو ڇڙي پوندو، ان ۾ سنڌ هجي يا پنجاب جو ڇوٽو گينگ هجي، سڀ هڪڙي ئي متاثرن واري صف ۾ اچي بيهندا.

هن وقت پيش آيل واقعي ۾ ملوث جانو انڍڙ بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه سال پهريان مقتول ڌر وارن مخبري ڪري جانو انڍڙ جا پنج ڀائر پوليس مقابلي ۾ ماريا هُئا، يقينن اُهو واقعو به افسوسناڪ هوندو. هڪ تجربي مطابق ته ڪو به ڏوهاري ڪڏهن به پنهنجي جگر جي ٽڪر ٻئي ڀاءُ کي ڏوهن ۾ ملوث ٿيندي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ايستائين جو هو ڪنهن اڻ وڻندڙ حرڪتن ۾ ملوث به پسند ڪونه ٿو ڪري سگهي، اِها ڳالهه سڀ ماڻهو پنهنجي دل تي هٿ رکي ٻڌائي ۽ سمجهي سگهن ٿا. جانو انڍڙ جي پنجن ڀائرن جي قتل واقعي مان اِها ڳالهه چٽي ثابتي ڏئي سگهي ٿي ته يقينن جانو جا پنج ئي ڀائر ڏوهن ۾ ته ملوث ڪونه هئا جو جانو کي هڪ ئي وقت ائين پنج جنازه کڻڻا پيا، جيئن تازو 9 جنازه کڻندي قيامت صغريٰ جو منظر سامهون آيو. ان ڳالهه کان ڪڏهن به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪجهه سال پهريان جانو انڍڙ کي هٿ سان وٺي ڏوهاري ڪيو ويو.

هميشه شڪ ئي انسان ذات جو وڏي ۾ وڏو دشمن هوندو آهي. سنڌ جي اتر وارا علائقا هجن يا وري اِها چوڪ ماهي واري سرائيڪي پٽي هجي، اُتي چوري يا ڦر کان ويندي ٻيا موتمار واقعا روز جو معمول آهن. آيل خبرن موجب پيش ايندڙ تازي واقعي کانپوءِ چيو پيو وڃي ته جانو انڍڙ کي ڪافي وقت کان اِهو شڪ ۽ گُمان هو ته سندن پنجن ڀائرن کي پوليس هٿان مارائڻ يعني ڪوڙي مخبري ڪرڻ ۾ مقتولن ۽ ان جي وارثن جو مکيه ڪردار هو ۽ جانو انڍڙ هن وقت پنهجن ڀائرن جي پلاند ۾ 9 ماڻهو موت جي منهن چاڙهيا آهن. اهڙي ريت جيڪڏهن آئون انهن 12 خونن واري واقعي کي تازو دهرايان ته اُن بابت به خبرون اِهي ئي گردش ڪري رهيون آهن ته چاچڙ-سبزوئي جهيڙو به شڪ چوري ۽ مال جي ڀيل تان شروع ٿيڻ کانپوءِ اڄ ڪنڌڪوٽ جو اهو ڪچو نوگو ايريا بڻيل آهي. مجموعي طور تي ته جيڪا به قبائلي رتوڇاڻ ٿئي ٿي سا اڪثر ڪري انهي شڪ پٺيان ٿئي ٿي، جنهن ڪيترائي خاندان اجاڙي ڇڏيا. آئون پنهنجي ذاتي جهيڙي کي به نه ٿو وساري سگهان جو سال 2007ع جي اُها 23 مارچ به مون کي ياد آهي جڏهن منهنجي محترم بابا کي به انهن قاتلن شڪ جي آڙ ۾ اسان کان هميشه لاءِ الڳ ڪيو، حالانڪه جيڪو به ماڻهو اهڙي شڪ پٺيان غلط عمل ڪندو آهي سو وقت جي رفتار سان ان کي اهڙي شيطاني عمل جي سزا ۽ جزا به ضرور ملي آهي يا ملڻي آهي. هن وقت جانو انڍڙ به انهي شڪ پٺيان پنهنجن مائٽن جا 9 ڳڀرو رت سان ريٽا ڪيا آهن، واقعي کانپوءِ جانو سميت 20 ماڻهن خلاف ڪيس ته داخل ڪيو ويو آهي پر گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، جيئن سنڌ پوليس کان ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جا ڏوهاري اڄ سوڌو وس کان ٻاهر آهن. چيو پيو وڃي ته جانو انڍڙ نه رڳو پنجاب جي ڪچي ۾ ڌاڙيل طور سڃاتو وڃي ٿو پر گڏوگڏ هو سنڌ جي ڪچي گهوٽڪي واري راونتي ڪچي ۾ به ڏوهن ۾ ملوث آهي. بهرحال، مون عرض پئي ڪيو ته آخر ماڻهو ڏوهن واري زندگي کي ڇو پسند ڪن ٿا، اُن لاءِ ڪجهه ڏينهن پهريان سوشل ميڊيا تي هڪ ڪلپ ڏيکاري وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته لاڙڪاڻي جي الهه آباد علائقي جو رهواسي بلاول ابڙو جيڪو ڪافي عرصي کان دبئي ۾ رهي ٿو، تنهن خلاف لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي مختلف فريادي نالن سان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن يعني ڪنهن ماڻهو کي هٿ وٺي ڏوهن ۾ ملوث ڪرائڻو هجي ته پوءِ شايد اهڙا ڪيس ئي داخل ڪجن. مون ته ڪيترائي افسوسناڪ سنڌ پوليس جون خبرون پڙهيون ۽ ٻڌيون آهن ته ڪٿي مئلن جا نالا به پوليس ايف آءِ آر ۾ درج ڪري ٿي ته ڪٿي وري پنج سالن جي معصومن کي به ڪيسن ۾ نٿو بخشيو وڃي. ساڳئي ريت جڏهن اسين ماهوار قانون جي ڇپجندڙ ڪتاب جنهن ۾ اسين انهن قانوني اٿارٽيون جيڪي ڪرمنل لا جنرل يا ٻين مختلف ڪتابن ۾ معزز جج صاحبان جا فيصلا اچن ٿا، سي پڙهون ٿا ته انهن مطابق به پنجاب پوليس اهڙن من گهڙت ۽ هٿ ٺوڪين ڪيسن جي داخل ڪرڻ ۾ وڏي مراعت رکي ٿي ۽ سنڌ پوليس کان ٻه قدم پڻ اڳتي آهي. هتي منهنجي خيال موجب جانو انڍڙ کي به هٿ وٺي ڏوهاري بڻايو ويو، ڇو ته شڪ جي بنياد تي جڏهن ان جي پنج ڀائرن سميت 7 ڄڻن کي ماريو ويو ته جانو جهنگ واري زندگي کي پسند ڪندي اڄ اهو نتيجو ڏنو جو هن 9 ماڻهو هڪ ئي گولين جو کاڄ بڻايا. مون سوشل ميڊيا يا پرنٽ ميڊيا تي مختلف نالن جون خبرون پڙهيون ۽ ٻڌيون آهن جن ۾ شڪارپور جي جهنگل تيغاڻي، ثنو شر توڙي جو ماضي ۾ بدنام ڌاڙيل نظرو ناريجو، بلاول اوٺو سميت ڪيترائي نالا اڄ انهي لسٽ ۾ موجود آهن. تن بابت چيو پيو وڃي ته اسان جي پوليس انهن خلاف ائين رڻ ٻاريو، جيئن تازو دبئي ۾ ويٺل بلاول ابڙو خلاف ڪيس داخل ڪري پويان رهندڙ مائٽن کي تنگ ڪيو پيو وڃي ته ظاهري ڳالهه آهي، جڏهن ڪنهن بيگناهه ماڻهو کي هٿ وٺي ڪوڙن ڪيسن ۾ ئي ڦاسايو ويندو ته پوءِ ضرور هو جانو انڍڙ جهڙا اهڙا هاڃا نه ڪندو ته ڪو مسجد جو پيش امام ٿي نمازون ته ڪونه پڙهندو. ساڳي ريت جيڪڏهن جانو انڍڙ کان پهريان جيئند جاگيراڻي پاران اڄ جيڪي سوشل ميڊيا تي طرح طرح جا هٿيار کڻي وڏا وڏا چئلينج ڏئي رهيو آهي ته ضرور اُن پٺيان به ڪي شڪايتون به هونديون ۽ انهي جاگيراڻي ۽ سبزوئي گينگ جو به اِهو ئي چوڻ آهي ته کين پوليس ئي هٿيار کڻائڻ تي مجبور ڪيو آهي. جيڪڏهن ٿورو ماضي ۾ وڃبو يا هن وقت جي صورتحال ڏسبي ته انهي 9 کان 12 جوانن جي واقعن ۾ گهڻي ڀاڱي پوليس جون زيادتيون ۽ گڏوگڏ لاپرواهيون ملوث هجن ٿيون ۽ هاڻي اِها ته خبر ڪونه آهي ته پوليس اهڙا ڪارناما ڪري آخر ڇو هٿ وٺي هي قبائلي جهيڙا پيدا پئي ڪرائي. سنڌ جي ڪچي جو بدنام ڏوهاري جيئند جاگيراڻي ۽ هن جو ٽولو هجي يا وري پنجاب جو تازو نالو وحشت جي علامت بڻيل جانو انڍڙ يا ان جو ٽولو هجي، سي ته ٻئي قسمن قسمن جا هٿيار ڏيکاري پنجاب ۽ سنڌ پوليس لاءِ وڏا وڏا چئلينج ڏئي رهيا آهن. اها خبر ته نه پئجي سگهي آهي ته انهن بدنام ڏوهارين کي آخر ڪنهن جي سرپرستي حاصل آهي ۽ هو ڪنهن جي زور تي پوليس توڙي حڪومت لاءِ رِٽ بڻيل آهن، ڇو ته ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پيش آيل واقعي کي اڄ لڳ ڀڳ 3 مهينا ٿي چُڪا آهن پر پوليس اڄ سوڌو انهي ڪيس ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هڪڙي ڳالهه هتي سواليه نشان ضرور آهي ته جڏهن شڪارپور جي ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ بدنام ڌاڙيل جنهن نه رڳو پوليس کي وڏا چئلينج ڏنا هئا، پر گڏوگڏ انهي پوليس مقابلن ۾ انهي گينگ پاران پوليس بڪتر بند گاڏي کسي ٽي پوليس جا جوان شهيد ڪري انهن سرعام ناچ به ڪئي هئي ۽ انهي ڏينهن دوران تيغاڻي برادري جي سردار تيغو خان تيغاڻي ۽ سندن پٽ ۽ ڀائٽيي کي گرفتار ڪري قانوني گرفت ۾ به آندو ويو هو، جڏهن سردار تيغو خان تيغاڻي عدالتن مان ضمانت ملڻ کانپوءِ خير سان ٻاهر به اچي ويو ته ان کانپوءِ ڪجهه ڏينهن بعد شڪارپور ضلعي جو نئون ڪمانڊر تنوير احمد تنيو کي مقرر ڪيو ويو پر شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعي جي ڌاڙيلن جو بادشاهه سڏائيندڙ جهنگل تيغاڻي ساٿي سميت خبر ناهي ڪنهن مذاڪراتن کانپوءِ پوليس جي ور چڙهيو يا واقعي ئي پوليس سندن ٽن ساٿين جو پلاند وٺندي دهشت ۽ وحشت جي علامت بڻيل جهنگل تيغاڻي کي آخري انجام تي پهچايو. اِهو واقعو هر سمجهدار لاءِ غور ڪرڻ جهڙو آهي. هن وقت ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته جانو انڍڙ ته 9 ماڻهن کي مارڻ بعد اڃا ٻيا 9 جوان موت جي منهن چاڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ گڏوگڏ چاچڙ-سبزوئي ۽ جاگيراڻي تڪرار ۾ هڪ ئي جاءِ تي 12 ماڻهن سان گڏ 13 خونن جو مُک ڪردار جوابدار جيئند جاگيراڻي به نه رڳو چاچڙ برادري کي ڌمڪائي رهيو آهي پر گڏوگڏ هو ڪنڌڪوٽ جي ضلعي پوليس آفيسر لاءِ به وڏا وڏا چئلينج ڏئي جديد هٿيار به ڏيکاري رهيو آهي. خبر ناهي ته جانو انڍڙ ۽ جيئند جاگيراڻي جي چئلينجن پٺيان جهنگل تيغاڻي جي چئلينجن جا ڪهڙا هٿ ٿي سگهن ٿا. advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو