صحافت ۽ اڄڪلهه جي سوشل ميڊيا جو استعمال

عبدالااحد گھنڃو
عام طور تي اسان جي معاشري ۾ ائين ٿيندو آهي ته جڏهن به ڪا طاقت يا ادارو جيڪو حق ۽ سڇ جي لاِ ڪم ڪري ۽ پنهنجي آواز أٿاري ٿو ان جي طاقت ۽ آواز دٻائي ويندي آهي جيئن اھو اڳتي هلي انقلاب جي صورت اختيار نه ڪري وڃي ـ اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي جو حق اسان کي پنهنجي ملڪي آئين ڏنو آهي ۽ اظهار جي آزادي اسان کي سھي طريقي سان تڏهن ملي ٿي جڏهن ميڊيا يا پريس جھڙو ھٿيار اسان جي آواز کي مٿي اعلي ايوانن تائين چگي نموني پھچاي ٿو ـ صحافت ھڪ اھڙو شعبو آهي جيڪو قومن جي تقدير بدلاي سگهي ٿو ۽ ھن شعبي سان لاگاپيل ماڻهو ھر طبقي سان تعلق رکندڙ فرد جي آواز کي بلند ڪري سگهي ٿو ـ پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ ھميشه انھي مقدس ۽ فلاحي شعبي سان زيادتي ڪئي وئي آهي ۽ صحافين جي زبان بلند ٿيڻ کان پھريان ڪٽي وئي آهي ـ جيڪڏهن ھڪ جائزو وٺنداسين تاريخ ۾ صحافت جي ڪاري دور جو ته اسان کي خبر پوندي ته پاڪستان ملڪ وجود ۾ اچڻ سان ئي صحافت جو ڪارو دور شروع ٿي چڪو ھو ـ ڇو جو اسان جو ملڪ پھريان ئي ڪيترن ئي مسٔلن جو شڪار ٿي ويو ھو جنهن ۾ سياسي ڀوچال آئيني ڀوچال جمھوريت جو جنازو ڊڪٽيٽرشپ مارشلائون ۽ مذهبي مسائل ڄڻ ته ملڪ کي سيوي وانگر کھائي ويا ھئا ۽ اھڙي حالت ۾ آزاد صحافت کي پنهنجو وجود برقرار رکڻ به ڏاڍو ڏکيو پئجي ويو ھو ۽ ائين ئي ٿيو جو جنرل ايوب خان اچڻ سان ئي ملڪ ۾ مارشلا نافز ڪري چڏي ۽ صحافت کي به محدود ڪري ڇڏيائين ۽ پي پي او نالي ھڪ آرڊنئنس پاس ڪيائين جنهن تحت ملڪ ۾ صحافت کي قانوني زنجيرن ۾ ٻدي بيوس ڪري ڇڏيائين ۽ جنهن ۾ عوام جو آواز پنهنجي جا۽ تي رھيو صحافي پنهنجو آواز به بلند نه ڪري سگھندا ھئا اھڙي طرح اسان جي جمھوري ملڪ ۾ صحافت کي شروع ۾ ئي دٻايو ويو ۽ صحافت کي دٻائڻ جو مطلب يعني جمھوريت کي دٻائڻ جي برابر هو. بحرحال اھو سلسلو جنرل ايوب خان جي دور حڪومت تائين نه رھيو بلڪي اڳتي به صحافت کي دٻائڻ جي ريت کي ملڪ ۾ قائم رکيو ويو ان کانپو۽ ڀٽو صاحب جي به دور حڪومت ۾ اھو ساڳيو آرڊيننس برقرار رکيو ويو ۽ ٽي وي ۽ پريس وارن کي ھر آزادي کان محروم رکيو ويو ـ انھيءَ وقت ۾ ٽي وي کي مڪمل طرح حڪومت جي نگراني ھيٺ ھلڻون پئجي ويو. مطلب ته ڀٽو صاحب جي ھر سرگرمي کي انھيءَ وقت جي پي ٽي وي چئنل کي دلون يا اڻ دلون ڪوريج ڏيڻي پئي.۽ پريس وارا ڄڻ ته پاڻ کي قيدي محسوس ڪرڻ لڳا. ۽ ان کانپو۽ ڊڪٽيٽر جنرل ضياالحق جو دور شروع ٿيو جيڪو صحافت ۽ صحافين لاِ ملڪي تاريخ جو ڪاري ۾ ڪارو دور ثابت ٿيو ڇو جو ان دور ۾ جيڪڏهن ڪجهه صحافي اظهار جي آزادي لاِ ۽ پريس جي آزادي لاِ آواز اٿاريندا ھئا ته انهن صحافين کي سرعام ڪوڙا ھنيا ويندا ھئا انهن کي جيل حوالي ڪيو ويندو ھيو ۽ انھن جي مٿان ھر قسم جو تشدد پڻ ڪيو ويندو ھيو ۽ اھو ھڪ آمريت جو دور ھيو ۽ جڏھن انهيَ ڪاري دور جي پڄاڻي ٿي ته صحافين سمجھو ھاڻي شايد ڪجهه چين جو ساھ کڻي سگھون پر ائين ممڪن ٿيڻو ئي نه ھيو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ 90 جي ڏھاڪي ۾ به انهيَ ريت کي برڪرار رکيو ويو صحافت کي پنهنجن پيرن ته نه بيھڻ ڏنو ويو پر جڏهن جنرل پرويز مشرف جو دور آيو تڏهن پيمرا جو ادارو ٺھيو جنهن جي زريعي نئين مختلف ٽي وي چئنلن جنم ورتو ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ڪافي شھرت به ملي پر وقت گزرڻ سان گڏ نيوز چئنل به سياست ۽ سرڪاري حڪم نامي تي ھلڻ لڳا ھر نيوز چئنل پنهنجي سياسي پارٽي کي سپورٽ ڪندي خبران ھلائڻ شروع ٿي ويو ۽ ڪافي ملڪي مسائل کي نظر انداز ڪرڻ لڳو ـ اصل ۾ ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ چوندا آهن ۽ ھو ھڪ خود مختيار ادارو آهي پر ھر دور ۾ سرڪار ۽ سياستدان پاران ان تي ڪنٽرول ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي.پر جيڪڏھن اڄ اسان جديد دور جو جائزو وٺنداسين ته اڄڪلهه سوشل ميڊيا پوري ملڪ ۾ ڇانئجي وئي آهي.سوشل ميڊيا جو استعمال ماڻهن جي لاءِ بلڪل آسان ٿي پيو آهي اڄ ھر ڪنھن وٽ پنھنجو موبائل فون ٿي پيو آهي جنهن ذريعي اڄڪلهه ھر ماڻھو پنھنجون مرضي جون وڊيوز ٺاھي ٿو پنھنجي مرضيءَ جو ڳالھائي ٿو ۽ تبصرا ڪري ٿو يا جنهن کي بدنام ڪرڻ چاهي به آساني سان ڪري سگهي ٿو يا ڪنهن کي ھيرو بڻائڻ چاهي به اھو ڪم آساني سان سوشل ميڊيا ذريعي ڪري سگهي ٿو. ۽ اڄڪلهه سوشل ميڊيا کي ھلائڻ وارا يا ان کي ڏسڻ وارا ان جي ھر خبر تي بغعير تصديق ڪئي جلدي يقين ڪري ٿا وٺن ۽ اھو عمل اسان جي نوجوان نسل کي اڳتي وڌڻ بجاءِ صرف پوئتي ڌڪي رهيو آهي.اسان جي ملڪ ۾ جڏهن پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو عروج ھيو ته ان وقت ۾ ميڊيا کي ڪافي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان دور جي ميڊيا پنھنجي حساب سان ڪم نه ڪري سگهي. پر اڄ جڏهن سوشل ميڊيا ھر ماڻھو جي استعمال ۾ عام ٿي وئي آهي ته اسان جا ماڻهو خود ان جو غلط فائدو وٺي رهيا آهن.پر جيڪڏھن اصل ۾ اسان چاهيون ته سوشل ميڊيا جو صحيح استعمال ڪري آساني سان پنهنجي ملڪ ۾ سماجي سڄاگي آڻي سگھون ٿا ۽ ڪافي مثبت تبديلي به آڻي سگھون ٿا. پر افسوس اسان جا نوجوان انھيءَ کي پنهنجي اھڙن مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن جنهن جو ڪو به فائدو اسان جي معاشري کي نٿو ملي. پر جيڪڏهن اڄ جي جديد دور ۾ صحافت کي سوشل ميڊيا ذريعي آزادي ملي آھي ته پوءِ ان کي ڪنهن چڱي مقصد لاءِ استعمال ڪيو وڃي نه ته پوءِ سوشل ميڊيا جي لاءِ به ھڪ اھڙو قانون جوڙيو وڃي جنهن ذريعي اگر ڪو ان جو غلط استعمال ڪري ته ان کي سخت ۾ سخت سزا ڏني وڃي .

پهنجو تبصرو موڪليو