واشنگٽن (ويب ڊيسڪڪ)فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس اپ جي مالڪ ڪمپني ميٽا تي يورپي يونين جي صارفين جي ڊيٽا آمريڪا منتقل ڪرڻ تي رڪارڊ 1 ارب 20 ڪروڙ يورو ڏنڊ لڳايو ويو آهي.2020 ۾، يورپي يونين جي اعلي عدالت ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي حڪم ڏنو ته يو ايس سرورز تي يورپي صارفين جي ڊيٽا کي ذخيرو نه ڪن.عدالت موجب آمريڪي سرورز ۾ يورپي صارفين جي ڊيٽا جي سيڪيورٽي جا خدشا آهن.ان حڪم تي عمل ڪندي آئرش اختيارين فيس بڪ کي هدايت ڪئي ته هو ڪنهن به طريقي سان يوزر ڊيٽا کي آمريڪا منتقل نه ڪري.ڊسمبر ۾، يورپي ريگيوٽرز پاران نوان ضابطا تجويز ڪيا ويا، هاڻ آئرلينڊ جي ڊيٽا پروٽيڪشن ڪميشن چيو آهي ته يورپي ڊيٽا پروٽيڪشن بورڊ ميٽا کي هڪ ارب 20 ملين يورو ڏنڊ وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.آئرش ريگيوليٽري باڊي موجب سوشل ميڊيا ڪمپني آمريڪا کي ڊيٽا منتقل ڪرڻ سان ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ آزادين کي درپيش خطرن تي غور نه ڪيو جنهن تي ڏنڊ لڳايو پيو وڃي.فيس بڪ جي مالڪ ڪمپني کي صارفين جي ڊيٽا کي آمريڪا منتقل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ 5 مهينا ۽ آمريڪا ۾ ڊيٽا چيڪ ڪرڻ بند ڪرڻ لاءِ 6 مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي.ڪميشن موجب، ميٽا ڪمپني يورپي جنرل ڊيٽا پروٽيڪشن ريگيوليشن (جي ڊي پي آر) جي تعميل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي، جيڪو 2018 ۾ لاڳو ٿيو.ٻئي طرف ميٽا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن غير منصفاڻي ۽ غير ضروري ڏنڊ واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي ويندي.ايمازون تي اڳ ۾ يورپي يونين طرفان 746 ملين يورو جو ڏنڊ لڳايو ويو هو، پر ميٽا تي لاڳو ڪيل ڏنڊ تمام گهڻو آهي.
