شاگردن ۾ زور آزمائش جا زبردست مقابلا ٿي گذريا

لاڙڪاڻو(اسپورٽس نيوز) گورنمينٽ پرائمري اسڪول گل محمد کوسو ۾ 6 سييپٽمبر جي حوالي سان  لاڙڪاڻو آرم ريسلنگ ايسوسيئيشن جي استاد مقبول احمد سومروپاران اسڪولي ٻارڙن وچ ۾ آرم ريسلنگ، زور آزمائش جا زبردست مقابلا ڪرايا ويا جنھن ۾ اسڪول جي ھيڊ ماستر محمد بچل مري،استادن محمد عثمان مري، حفيظ سومرو، ارشاد گوپانگ، رضا محمد جاگيراڻي، محمد خان کوسو، مقبول سومرو جن سٺي ڪارگردگي تي آصف علي کوسو، علي رضا کوسو، شعيب علي، سورج باگڙي  وسيم علي کوسو، سھيل کوکر،  جلال عبدالجبار، ظھير احمد لوھر کي ميڊل ۽ ڪپ ڏنا.

ان موقعي تي اسڪول جي ھيڊماستر صحافين کي ٻڌايو ته راند ڪرڻ سان ماڻھو صحتمند ۽ فٽ رھي ٿو رانديون صحت لاءِ ضروري آھن حڪومت کي گھرجي ته ھر ھڪ اسڪول اندر پي ٽي ۽ راندين جا مقابلا ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو