شاعر عاجز امتياز نوح پوٽو سان اديبن جي رهاڻ

خانواهڻ(ن سنڌيار) سنڌي ادبي سنگت شاخ هالاڻي ۽ بچل مهر پاران سنڌ جي سريلي شاعر اديب ۽ صحافي عاجز امتياز نوح پوٽو جي 44 هين سالگره تقريب عوامي پريس ڪلب نوشهرو فيروز ۾ ڪوٺائي وئي جنهن جي صدارت سنڌ جي ناليواري شاعر ڊاڪٽر برڪت ملڪ ڪئي جڏهن ته تقريب جا مهمان خاص سنڌ صحافي اتحاد ويلفيئر آرگنائيزر جو چيئرمين ايم ظفر تڳر ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو مرڪزي خزانچي جبار ملاح ، ساهتي آواز اخبار جو سرواڻ اخلاق حسين جوکيو ، تعمير سنڌ اخبار جو پبلشر قاضي اياز عالم ، عوامي پريس ڪلب جو صدر اختر چانڊيو ، سيڪريٽري انفارميش نوشهرو فيروز ميڊم گل آرزو هئا . ان موقعي تي سينئر شاعرن ، اديبن ۽ صحافين پاران عاجز امتياز نوح پوٽو کي اجرڪ ۽ گلن جا هار پارايا ۽ سڀني دوستن گڏجي عاجز امتياز نوح پوٽو جي چوئتالهين سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو. تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته شاعر ادب جو مجسمو هوندا آهن،شاعر شاعري ذريعي ٻولي،ادب ۽ ثقافت جي خدمت ڪن ٿا ۽ شاعر شاعري وسيلي پنهنجي قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪن ٿا عاجز امتياز نوح پوٽو جو نالو به اهڙن ئي شاعرن جي فهرست ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن گذريل تقريبن ستاويھ سال سنڌي قوم، ٻولي ۽ ثقافت جي خدمت ڪئي آهي پاڻ مختلف رسالن،ادبي سنگت صحافتي ۽ سماجي توڙي مذهبي تنظيمن ۾ مختلف عهدن تي پنهنجون سرگرميون ڏيکاريندو رهيو آهي.هو هڪ شاعر سان گڏ سٺو نثر نويس ۽ ڪهاڻيڪار پڻ آهي سندس هڪ شعري مجموعو “وڻ وڻ منجهان واس“ ڇپجي چڪو آهي ۽ تقريبن سَتَ کن ٻيا به ڪتاب لکيا اٿائين . پاڻ سڌو،سچو،کرو ۽ انتهائي سادي طبيعت ۽ فقير صفت انسان آهي.تقريب ۾ سليم رضا الله اوباهيو تڳر،اختر خاصخيلي،شعيب علي نوح پوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو