واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)مهانگائي، معاشي مسئلن ۽ ٻين سبب جي ڪري سڄي دنيا ۾ سمارٽ فونز جي وڪري ۾ لاڳيتو اٺين ٽئي ماهي دوران گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ڪائونٽر پوانئٽ ريسرچ ۽ CANALYS نالي تجزيي ڪار ڪمپنين طرفان جاري ڪيل ڌار ڌار رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اپريل کان جون 2023ع دوران سمارٽ فونز جي وڪري ۾ گذريل سال جي انهيءَ عرصي جي ڀيٽ ۾ 8 کان 11 سيڪڙو گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. ان عرصي ۾ سام سنگ سڀ کان وڌيڪ سمارٽ فونز وڪرو ڪندڙ ڪمپني رهي.حيران ڪندڙ طور تي اپريل کان جولاءِ دوران سستن سمارٽ فونز جي گھرج ۾ ته گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي پر پريميم فليگ شپ فونز جي کيپ وڌي وئي. ان عرصي ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فونز اهڙا هئا جن جي قيمت 600 ڊالر يا ان کان وڌيڪ هئي ۽ ائين پهريون ڀيرو ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ايپل جي آءِ فونز لاءِ هلندڙ سال جي ٻين ٽي ماهي سٺي ثابت ٿي، ڇو جو گھڻن آءِ فونز جي قيمت 600 ڊالرن کان وڌيڪ آهي. نون جي ڀيٽ ۾ پراڻا فونز هاڻ ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي رهيا آهن ۽ انهن جي وڪري ۾ هن ٽي ماهي دوران 16 سيڪڙو واڌ ٿي. ٻين رپورٽس ۾ چيو ويو ته حالتن ۾ جلد بهتري جو امڪان آهي ڇو ڪمپنين طرفان وڌندڙ اگھن کان بچڻ لاءِ وڏي انگ ۾ پُرزن جي خريداري سان گڏ فونز جي قيمتن کي مناسب حد تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
