ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته سنڌ حُڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بَدامنيءَ ۽ ڌاڙيل راڄ تي خاموش تماشائي بڻيل آهن،سنڌ ۾ اَمُن امان جي صُورتحال انتهائي خراب ٿِي چُڪي آهي، پر وَڏي وَزير سَميت سنڌ ڪابينا، وفاقي حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ سيڪورٽي ايجنسين جي اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌل آهن جَن کي ڪُجهه نَظر ئِي نَٿو اَچي- هِڪ طرف ماڻهن جو قتلام مَعمول بَڻجي چُڪو آهي، ۽ مَعصوم ٻارڙا اَغوا ڪري سندن وڊيوز وائرل ڪيون پيون وڃن ته ٻي پاسي ڌاڙيل پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪري سندن عيوضي ۾ پنهنجا ڏوهاري آزاد پيا ڪرائن ان باوجود بلاول زرداري سميت پ پ اڳواڻ “ سڀ ٺيڪ آهي” جو راڳ الاپي رهيا آهن جيڪا ڳالهه عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. صوبائي امير محمد حسين محنتي اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبو جيڪو ملڪي معيشت ۾ 70فيصد روينيو ۽ 60 فيصد گئس ڏئي رهيو آهي اُتان جو عوام اڄ به بجلي ۽ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ، بُک، بدحالي، پاڻي جي کوٽ ۽ بيروزگاري برداشت ڪري رهي آهي جڏهن ته امن امان جي خراب صورتحال جي ڪري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي چڪو آهي، ڪشمورڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد ضلعا ڀُنگ لاءِ اغوا جي انڊسٽري بڻجي چڪا آهن، هر روز معصوم ٻارڙا، مزدور ۽ عورتون اغوا ٿي رهيون آهن، ڌاڙيلن وٽ نيٽو جا هٿيار ڪٿان ٿا اچن؟ ڪنهن انهن کي ڪچي ۾ ٿاڪ ٺاهي ڏنا آهن، ڪير انهن کي جديد انٽرنيٽ سروس فراهم ڪئي آهي، پردي جي سامهون هڪڙا ڌاڙيل ۽ پردي جي پويان ڪير آهي؟ بندوق جي زور تي سنڌ ۾ خوف جو راڄ جاري آهي، پوليس بي وس ۽ قانون جو لوهي هٿ صرف ڏيکاءُ لاءِ آهي. وڏي وزير پاران اغو ۽ امن امان جي حوالي سان اها ڳالهه چوڻ ته “اڳ ۾ ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو به ڪانواءِ ۾ هَلندا هُئا، پَر هاڻي اَهڙي صُورتحال ناهي” سنڌ جي ماڻهن جي زخمن تي لُوڻ ٻُرڪڻ بَرابر آهي. اُهي ماڻهو، جَن جا پيارا اَغوا ٿِيل آهن، يا مَعصوم ٻارڙا اَغوا ٿيل آهن، يا وَري جَن جا ماڻهو هَر روز قتل ٿِي رَهيا آهن، اُنهن لاءِ حڪمرانن جي سوچ سندن بي حسي ۽ عوامي مسئلن کان لاتعلقي جو چٽو مثال آهي.گُذريل ڏِينهن به ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ضلعي مان هِندو پَنچائت جي مُکي جَڳديش ڪُمار کي ننڍڙي مَعصوم پُٽ جئه ديپ، ننڍڙي فرحان سُومرو، مُحمد عَظيم ميڻڪ، چئن وَرهين جي ڪوثر کوسو ۽ سَندس والده نازيه کوسو جي اَغوا کي تقريبن پَنج مَهينا ٿِي ويا آهن، ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي پاران 25 ڏينهن ڌرڻي سَڄي سنڌ ۾ سَخت اَحتجاج زبردست احتجاج باوجود سنڌ پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. هن وقت به سنڌ مان گهٽ ۾ گهٽ به 35 کان 40 ماڻهو اَغوا ٿِيل آهن، جَن ۾ سَنگرار جي مَعصوم ٻارڙي پريه ڪُماري به شامل آهي، ۽ هنڱورجا واسي ٻارڙو جعفر ڀُٽو به شامل آهي- جيڪب آباد، ۽ مَلير جي ميمڻ ڳوٺ مان پڻ ٻه ٻارڙا اَغوا ٿِيل آهن جڏهن ته ڦُر ڌاڙن جي وارداتن جو ته ڪو ڳاڻيٽو ئِي ڪونهي ٻي طرف قبيلائي تڪرارن جي ڪري هر روز ڳڀرو نوجوانن جي قتل جا واقعا مَعمول بَڻيل آهن- ڪنڌڪوٽ، تَنگواڻيءَ ۽ ميهڙ ۾ گذريل هڪ هفي دوران قبيلائي تڪرارن جي ڪري درجنين ماڻهو اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، پر سنڌ حڪومت رڳو بيان بازي ۾ مصروف آهي. حيدرآباد ويجهو شيخ ڀرڪيو جي عِلائقي ۾ هِڪ نينگريءَ جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مِليو ، جَنهن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب نينگري کي زيادتي بَعد قتل ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي امن امان جي حوالي سان سنجيدگي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته امن امان جي بدترين صورتحال باوجود ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ پرمنٽ ايس ايس پي به مقرر ناهي ٿي سگهيو، اڄ سنڌ جي هر گهر ۾ حَشر، ۽ مَحشر بَرپا آهي، ماڻهو قيامت جَهڙي صُورتحال کي مُنهن ڏئي رَهيا آهن، پَر اُن جي باوجود مقتدر قوتون ۽ وَقت جا مُنصف خاموش تماشائي بڻيل آهن جڏهن ته ٻاهرين ملڪن کان اربين رپين جي امداد وٺندڙ انساني حَقن جا ادارا پِڻ اکيون بَند ڪري ويٺل آهن. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته “ رياست ماءُ وانگر هوندي آهي” پر اڄ سنڌ ۾ رياستي رٽ جون ڌڄيون اُڏايون پيون وڃن، پي ڊي ايم حڪومت آءِ ايم ايف ۽ دوست ملڪن کان قرض پنڻ ۽ پنهنجا ڪيس ختم توڙي پي ٽي آءِ جي خاتمي ۽ اليڪشن ڪميشن جي ملي ڀڳت سان ايندڙ عام چونڊن ۾ ڌانڌلين جي منصوبابندي ۾ مصروف آهي جڏهن ته سنڌ جي 07 ڪروڙ عوام کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي، ڪچي ۽ پڪي جا ڌاڙيل گڏجي سنڌ جي ماڻهن جو رت چوسي رهيا آهن. هن وقت سِنڌ جي مَهانگائي سَٽيل عَوام لاءِ بَدامني هِڪ ٻي وَڏي مُصيبت، ۽ آفت بَڻجي وَئي آهي، سنڌ حُڪومت ۽ واسطيدار ادارا نوٽيس وَٺن، ۽ اَغوا ٿِيل ٻارڙن سميت سَمورا ماڻهو فوري طور بازياب ڪرائين، جماعت اسلامي حڪمرانن کان پُرزور مطالبو ٿي ڪري ته جهڙي طرح سان سنڌ جي وسيلن ۾ ڀائيواري ۽ دلچسپي رکن ٿا ساڳي طرح سان سنڌ جي عوام جي تحفظ، خوشحالي ۽ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ به سنجيدگي سان موثر اُپا کنيا وڃن ته جيئن سنڌ جو عوام سُک جو ساهه کڻي سگهي.
