سينئر صحافي عارف نظامي دل جي تڪليف سبب فوت

لاهور(ويب ڊيسڪ) نالي وارو سينيئر صحافي، ڪالم نگار ۽ اينڪر پرسن  ۽ اڳوڻو نگران وفاقي وزير عارف نظامي دل جي عارضي سبب لاڏاڻو ڪري ويو، عارف نظامي ڪجهه هفتن کان وٺي لاهور جي مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي هن عيد جي جي ڏينهن دم ڌڻي حوالي ڪيو، عارف نظامي جي ڀاڻيجي بابر نظامي جيو نيوز سان ڳالهائيندي سينيئر صحافي جي وفات جي تصديق ڪئي. وزيراعظم عمران خان طرفان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. سُڌ سماءُ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري به ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته نظامي صحافي جي وڇوڙي تي کيس افسوس ٿيو آهي، عارف نظامي خانداني اختلافن جي ڪري 2010 ۾ انگريزي اخبار دي نيشن کي ڇڏي پاڪستان ٽوڊي جو بنياد رکيو هو، 2013 ۾ هن کي نگران وفاقي وزير بڻايو ويو هو، 2015 ۾ نجي ٽي وي چينل 24 جي سي اي او بڻيو جتان هڪ پروگرام به ڪندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو