سوشل ميڊيا ۽ روح کي رهڙيندڙ رويا

ليکڪ  گلشن سنڌو

ڪو دور صرف پرنٽ ميڊيا جو دور هو, ريڊيو جو دور هو پرنٽ ميڊيا ۾ اخبار اسان کي ملڪي سياسي, سماجي, موسمياتي صورتحال سميت ڪرنٽ افيئرز بابت ڄاڻ ڏيندي هئي اتي ريڊيو وري خبرن سميت entertain به ڪندو هو مون کي ياد آهي ته اسان جي امڙ جي دور ۾ به ريڊيو هيو تڏهن امڙ ٻڌائيندي هئي ته ريڊيو تي فيملي جي لاء مثبت قسم جا پروگرام نشر ٿيندا هئا امڙ ٻڌائيندي هئي ته انهن جي دور ۾ ريڊيو تي هڪ پروگرام ايندو هيو جنهن ۾ ٻڌندڙن کان اهم معاملن تي راء ۽ مشورا ورتا ويندا هئا انهيء پروگرام ۾ ڪنهن عورت لاء ٻڌندڙن کان اهو مشورو گهريو ويو ته اها عورت پنهنجي گهران رُسي اچي مائٽن ۾ ويٺي آهي کيس صحيح صلاح ڏيندي سندس مسئلي جو حل ٻڌايو وڃي ته ٻين جي مشورن سان گڏ منهنجي والده به خط جي ذريعي کيس پنهنجي گهر وڃڻ جو مشورو ڏنو ٻئي پروگرام ۾ ان عورت جي مسئلي جو حل ٻڌايو ويو ۽ حل ۽ مشورو ڏيندڙن جا نالا به انائونس ڪيا ويا جنهن ۾ منهنجي امڙ  جي مثبت مشوري جا ٿورا به مڃيا ويا اهي ريڊيو جا پروگرام به سماج جي بهتريء لاء هوندا هئا يعني  ڏه ,پندرنهن منٽن جو پروگرام ڪنهنجا گهر سنوارڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو هو. چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي اهو ئي سبب آهي ته ڌرتيء جي گولي تي انسان هر وقت نئين کوجنا ۽ اڳي کان به اڳڀرو ٿيڻ لاء انيڪ جتن ڪري ٿو ڪي نيون ايجادون ڪرڻ چاھي ٿو جنهن سان  پنهنجي زندگي آسان ۽ سفل بنائي انهيء ايجاد مان لاڀ حاصل ڪري پنهنجي مٿي تي موجد جو تاج پائي پاڻ کي اڪابر طور اڀاري سگهي وقت جي وير سان هو ترقي چاهي ٿو نواڻ چاهي ٿو, تيزي چاهي ٿو هر شي منٽن بجاء سيڪنڊن ۾ ڪرڻ چاهي ٿو ۽ انسان جا اها ضرورت کيس ڪا نئين ايجاد ڪرڻ لاء اتساهي ٿي پوء اها ڪڏهن ڪمپيوٽر جي صورت ۾ اڳيان اچي ٿي, ڪڏهن Mark Zuckerberg (مارڪ زڪر برگ) جي فيس بڪ جي صورت ۾ ته ڪڏهن ٽوئٽر, انسٽاگرام ,واٽس ايپ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ايپس موجوده دور ۾ استعمال ٿين پيون جن جي ايجاد ته انساني سهولت ۽ وقت جي بچت لاء ڪئي ويئي پر هر ماڻهوء هن کي پنهنجي سوچ جي وسعت ۽ Capacity مطابق استعمال ڪندي ,معاشري تي منفي يا مثبت اثر ڇڏيا دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو موجود آهن هڪڙا منفي سوچ رکندڙ يعني Negative Mind ۽ ٻيا اهي جيڪي مثبت سوچ رکندي منفي ڳالهين مان به مثبت پهلو ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن معاشري کي فسادن ۽ زندان جهڙي مسئلن مان آجو ڪري سگهجي ۽ ائين ئي سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو وڃي ٿو پر اڄڪلھ سوشل ميڊيا تي هڪٻئي لاء منفي رويا روح کي رهڙي ڇڏين ٿا مختلف طريقن سان هڪٻئي کي هيٺانهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي جنهن جا ڪي چڱا نتيجا نه ٿا نڪرن.

سوشل ميڊيا ۽ گروپ بندي

سوشل ميڊيا تي تي باقاعده گروپ بنديء سان ڪنهن خاص دائري تائين هڪٻئي جي ڪم ۽ پوسٽن کي ساراهيو وڃي ٿو اگر ڪير به ڪنهن ٻئي گروپ کي گهٽ ڏيکارڻ لاء پوسٽون رکي ٿو ته ٻيو گروپ وري ٺھ پھ ان جو جواب ڏيئي ٿو ائين ئي جهيڙو وڌي وڻ ٿئي ٿو ۽ اها گروپ بندي عام پڙهندڙن کي Disturb ڪري ٿي جنهن جا معاشري تي منفي اثر پون ٿا

سوشل ميڊيا ۽ گار گند جو ڪلچر

اڄڪلھ انسان پنهنجي اٻهرائپ, ۽ انتها تي پهتل, بي لغام ڪڌن عملن جي ڪري ڪريل حرڪتون ڪري ٿو ٻئي کي نيچ ڏيکارڻ لاء Loose talking ڪري ٿو سوشل ميڊيا تي به گار گند جو ڪلچر ڪاهي پيو آهي جيڪو نه صرف عروج تي آهي پر ڪنهن به شريف النفس انسان جي ساک کي نقصائڻ لاء ڪافي آهي. ڪجھ عرصو اڳ ٽئٽر بهتر هو پر اڄڪلھ ٽوئٽر  تي به ريپلائي ۾ به گار گند ڪيو وڃي. منافقت جي وري انتها به سوشل ميڊيا تي ڪر کئنيوبيٺي آ, ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جن ماڻهن کي گار گند ڪن ٿا, ٽن مهينن کان پوء وري ساڳيا ماڻهو هڪٻئي سان گڏ هڪ پليٽ فارم تي نه صرف نظر اچن ٿا  بلڪه هڪٻئي جي پوسٽ تي اکين جو پاڻي ماري , لائيڪ ۽ ڪمينٽ ڪن ٿا ڪجھ عورتون جيڪي مردن تي هيراسمينٽ جا الزام لڳائين ٿيون ڪجھ عرصي کان پوء پنهنجي مفاد خاطر انهن سان گڏ نظر اچن ٿيون اها ته صاف ۽ واضع منافقت چئبي.

سوشل ميڊيا ۽ واويلا ڪلچر

سوشل ميڊيا جي ترقيء سان گڏ ماڻهن , شهرت حاصل ڪرڻ جا به نوان نوان طريقا ڳوليا جنهن سان هو مشهوريء جي اوچائي ء تان هڪ ڏاڪو به هيٺ نه ٿين تنهن ڪري هر وقت واويلا ڪري شهرت حاصل ڪرڻ جو Tact ايجاد ڪيو جڏهن هو ڏسي ٿو/ڏسي ٿي ته ڪٿي ٻيو شهرت ۾ سندس لا۽ خطرو بنجي رهيو آهي ته واويلا ۽ هاء گهوڙا ڪندي شهرت کي برقرار رکڻ لاء جتن ڪري ٿو/ڪري ٿي ۽ انهيء تعصب پرستيء جي دونهي ۾ ڪنهن سينئر جي صلاحيتن کي ڌُنڌلو ڪري پنهنجو مقصد حاصل ڪندي عجيب قسم جي سرهائي محسوس ڪن ٿا.

سوشل ميڊيا ۽ سرمائيداري نظام

چوندا آهن ته هڪ گهٽيء ۾ ٻه ٻار کيڏي رهيا هئا هڪ غريب ٻيو امير .غريب جو ٻار کيڏندي, کيڏندي مٽي کائڻ لڳو ته اتي موجود ماڻهو چوڻ لڳا ته “صفا ڪو بکيو آهي ٻيو ,”ڪجھ دير بعد امير ٻار مٽي کائڻ لڳو ته اتي موجود ماڻهو چوڻ لڳا ته”چکي ڏسي پيو ته هي ڇاهي,,, ڇوته  هن کي ڀلا ڪهڙي شي جي ڪمي آھي “يعني مٽي ته ٻنهي ٻارن پئي کاڌي پر سرمائيدار جي ٻار لاء اسان ڪا اهڙي سوچ ڇونه ٿا رکي سگهون جيڪا هڪ غريب لاء رکون ٿا  شايد ان لاء ته سياڻن چيو ته “جنهن جي گُنديء داڻا, تن جا چريا به سياڻا” 

سرمائيداري نظام صرف سياست, ۽ ادب ۾ ئي نه پر سوشل ميڊيا تي به وزنائتو آهي سرمائيدار پئسي جي زور تي تعلقات قائم ڪري,پنهنجي لاء راه هموار ڪن ٿا جتي وچوليء طبقي سان تعلق رکندڙ سال ۾ هڪ ڪتاب به مشڪل سان ڇپائين ٿا اتي پئسي وارا ڏه,ڏه ڪتاب ڇپائين ٿا پئسي جي زور تي هڪ وقت مختلف پنهنجي لاء رسالن ۾ ڪارنر ڇپائين ٿا پنهنجي متعلق پوسٽون ڪمپوز ڪري ٻين کي اهي پوسٽون پنهنجي ٽائيم لائين تي رکڻ لاء چون ٿا,جيڪا باصلاحيت ماڻهوء  سان ٻه اکيائيء برابر آهي.  

سوشل ميڊيا ۽ تنقيد براء ذاتيات

ڪنهن دور ۾ تنقيد براء اصلاح هوندي هئي جنهن جو طريقه ڪار تعميري هوندو هو جنهن جي لاڀ مان ڌوپجي هڪ بهترين لکندڙ اُڀري ايندو هو ان کان پوء وري تنقيد براء تنقيد جو دور آيو جنهن ۾ تنقيد کي تنقيد سان اجرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جڏهن ته اڄڪلھ سوشل ميڊيا تي تنقيد گهٽ, ذاتي دشمني وڌيڪ نڀائي وڃي ٿي ۽ تخليق بجاء ذات تي حملا ڪيا وڃن ٿا نيچ ۽ ڪڌي عملن سا ٻين جي ساک کي نقصان پهچائيندي سندن پوري زندگيء جي ڪمائي لوڙهي وڃي ٿي پر جيئن ته قابل ماڻھو پنهنجي قابليت, تخليقي صلاحيت يقين ڪامل, سوچ, فهم ۽ فڪر سان راهن ۾ ايندڙ, ڪنڊا هٽائڻ جي صلاحيت رکن ٿا سي  پنهنجي راه هموار ڪن ٿا ۽ نيٺ رب جي رضا سان ڪامياب رهن ٿا. سوشل ميڊيا تي پنهنجي  سوشل ورڪنگ, تخليقون, Point of view شيئر ڪري صلاحيتن جي دائري کي وڌيڪ وسيع بنائي سگهجي ٿو ان لاء ضروري آهي ته منفي سوچ ختم ڪري مثبت پهلوئن مان   لاڀ حاصل ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو